Editor's pickMain Slideڪالم

اظهار جي آزاديءَ جا سماج، سياست، سائنس، صحافت، علم ۽ ادب تي اثر

اظهار جي آزاديء ۾ هر شهريءَ کي پنهنجي سوچ، راءِ، خيال، سوال، تنقيد ۽ ڄاڻ ڏيڻ جو پورو حق حاصل هجي ٿو، سواءِ ان جي تہ اهو حق ٻين ماڻهن، شهرين يا ڌرين جي بنيادي حقن کي نقصان نه پهچائي، دل آزاري نه ڪري يا ڏک رسائڻ لاءِ هرگز به استعمال ٿيڻ نه گهرجي. اظهار جي آزاديءَ سان انهن ماڻهن کي پنهنجا مسئلا سامهون آڻڻ جو موقعو ملي ٿو، جيڪي طاقت جي لحاظ کان ڪمزور هجن ٿا. اظهار جي آزادي سياست ۾ عوام کي حڪومتن سان اختلاف ڪرڻ، جائز شڪايتن بيان ڪرڻ جو رستو ڪڍي ڏئي ٿي، جڏهن ته ان سان اختلافن کي تشدد بدران گفتگو ۽ دليلن ذريعي حل ڪرڻ جا به امڪان وڌن ٿا.

حميد منگي

ڳالهين ٻولهين، بحث مباحثن ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ، نئين توڙي پراڻي ڄاڻ حاصل ڪري ٻين تائين پهچائڻ، عام يا خاص مامرن تي پنهنجي ذاتي راءِ قائم ڪري، ان جو اظهار ڪرڻ انسان جي بنيادي آزادين مان هڪ وڏي آزادي آهي۔ جنهن جو لُبِ لباب ڪڍي بيان ڪبو ته ان جو سراسري مقصد هيءُ نڪرندو ته، اظهار جي آزاديء ۾ هر شهريءَ کي پنهنجي سوچ، راءِ، خيال، سوال، تنقيد ۽ ڄاڻ ڏيڻ جو پورو حق حاصل هجي ٿو، سواءِ ان جي تہ اهو حق ٻين ماڻهن، شهرين يا ڌرين جي بنيادي حقن کي نقصان نه پهچائي، دل آزاري نه ڪري يا ڏک رسائڻ لاءِ هرگز به استعمال ٿيڻ نه گهرجي.

اظهار جي آزاديء بابت ڪجهه ٻيون ضروري ڳالهيون به هيٺ شامل ڪجن ٿيون، جنهن ۾ ٻين جي راءِ يا ڳالهين تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪرڻ، حڪمرانن جي غلط ۽ نقصانڪار حڪمن تي تنقيد ڪرڻ، مختلف ادارن جي عهديدارن يا عمدارن کان سندن کنيل قدمن سبب پيدا ٿيل مونجهارن بابت سوال ڪرڻ، سياسي پارٽين جي اڳواڻن جي وعدن، بيانن ۽ پاليسين تي اختلاف رکي، اعتراض جوڳن عملن جي مخالفت ۾ تقريرون ڪرڻ، لکڻيون لکي صحافت يا ڪن ٻين ذريعن جي مدد سان عوامي حقن لاء آواز اٿارڻ، ڪتابن، مضمونن، ڪهاڻين، شاعرين، عقلي ۽ علمي تحقيقن، فنن، ادبي تخليقن يا ذهني پورهين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ، غلط ڪمن تي پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ يا اجتماعي راءِ جي حق ۾ اظهارڻ، هر انسان جو بنيادي حق هجي ٿو۔

انسان جي اظهار جي آزادي، انهيءَ ڪري به اهم آهي ته، جيئن مختلف سماجن ۾ رهندڙ شهري ڪوڙ جي ڪوڙڪين ۾ ڦاسڻ بنا، لڪل سچ يا اصل حقيقتن تائين پهچن، غيرحقيقي رحجانن جي ور چڙهي ظلمن جا حمايتي نه ٿين۔ هونئن به جتي سوال ڪرڻ يا اختلاف رکڻ جي اجازت ناهي هوندي، انهيء سماج ۾ غلط خيالن کي به سچ ۽ حقيقت سمجهيو ويندو آهي۔ اظهار جي آزاديء جو هڪ وڏو فائدو اهو به آهي ته، آزاداڻن بحثن يا ڳالهين سان بهتر خيال سامهون ايندا ۽ معاشرا وقت سان گڏ بهتر ٿيندا آهن۔ اظهار جي آزاديء جو هڪ ٻيو وڏو فائدو اهو به آهي ته، انهيء سان سياست خاص ڪري جمهويت واڌ کائيندي آهي۔ سياست ۽ اظهار جي آزاديءَ جو تعلق انهيء ڪري به گهرو آهي جو، اظهار جي آزادي شهرين کي رڳو لکڻ ۽ ڳالهائڻ جي آزادي نه ٿي ڏئي، پر عوام کي حڪمرانن کان سوال ڪرڻ ۽ پڻ کانئن بهتر فيصلا ڪرائڻ تي مجبور به ڪري ٿي.

سياست ۾ اظهار جي آزاديءَ جا ٻيا به گهڻا ئي فائدا آهن، مثال طور اظهار جي آزاديء سان عوام حڪومتي پاليسين، قاعدن، قانونن ۽ سماجي مسئلن تي راءِ ڏئي، ٻين شعبن جي ماڻهن يعني صحافين، دانشورن، عالمن، اديبن ۽ سماج سڌارڪن کي اتساھ ڏئي، حڪمرانن کان پڇاڻا ڪرائي ٿي، ان عمل سان حڪومتن مٿان زور وڌي ٿو. اهڙين گڏيل تنقيدن سان حڪمرانن کي پاليسيون درست ڪرڻ جو به موقعو ملي ٿو۔ اظهار جي آزاديءَ سان انهن ماڻهن کي پنهنجا مسئلا سامهون آڻڻ جو موقعو ملي ٿو، جيڪي طاقت جي لحاظ کان ڪمزور هجن ٿا. اظهار جي آزادي سياست ۾ عوام کي حڪومتن سان اختلاف ڪرڻ، جائز شڪايتن بيان ڪرڻ جو رستو ڪڍي ڏئي ٿي، جڏهن ته ان سان اختلافن کي تشدد بدران گفتگو ۽ دليلن ذريعي حل ڪرڻ جا به امڪان وڌن ٿا.

اظهار جي آزاديءَ سان سياسي پارٽيون، انهن جا ذميوار، پنهنجا پروگرام بيان ڪري سگهن ٿا ۽ عوام به بحث ڪري انهن پروگرامن کي رد يا منظور ڪري سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح ووٽ ڏيندڙ ڄاڻ جي بنياد تي درست فيصلا ڪري سگهن ٿا. اظهار جي آزاديء سان عوام منجهه سماجي شعور وڌي ٿو، ڳالهائڻ، بحث ڪرڻ ۽ تنقيد ڪرڻ سان شهرين کي پنهنجن حقن ۽ ذميوارين جي ڄاڻ ملي ٿي. اظهار جي آزاديء سان ئي حڪومتن ۽ ادارن ۾ ڪرپشن ۾ ڪي قدر گهٽتائي اچي ٿي، اختيارن جي غلط استعمال کي ٻنجو ڏئي سگهجي ٿو ۽ پڻ بدعنوانين بابت ڄاڻ به عوام تائين پهچائي سگهجي ٿي، جن سان احتساب جا مطالبا مضبوط ٿين ٿا، انکانسواءِ نه رڳو سياست جو وجود برقرار رهي ٿو، پر هڪ وڏو فائدو امن ۽ انصاف جي مضبوط ٿيڻ جي صورت ۾ به، سامهون اچي ٿو.

سياست کي پاسيرو ڪري، جيڪڏهن اظهار جي آزاديءَ جا ٻيا فائدا به ڳولهينداسين ته، ان ۾ به پاڻ کي علمي، ادبي، مختلف فني ۽ سائنسي ترقيون نظر اينديون۔ جيڪا علم، ادب، فن، آرٽ توڙي سائنس جي ترقيء ۾ پراڻن خيالن کي دليلن سان رد ڪرڻ سان ممڪن ٿيندي آهي. جتي سوال ڪرڻ تي پابندي هوندي آهي يا ماڻهن کي اظهار جي آزاديء جو موقعو ناهي ملندو ته اتي علمي ۽ عقلي بحث به ناهن ٿيندا۔ نتيجي طور علم، ادب، مختلف فن ۽ سائنسي شعبا به واڌ کائي ناهن سگهندا ۽ جهاڪا کائي ڪٿي نه ڪٿي بيهجي ويندا آهن۔ ڇو ته علم، ادب، فن، آرٽ ۽ سائنسي ترقين ۾ اظهار جي آزاديء جو وڏو ڪردار هوندو آهي. جڏهن پاڻ سياست، علم، ادب، سماجن ۽ سائنسي ترقيء جا مثال وٺون ٿا ته، پاڻ کي انهن جي ترقين جي بنيادن ۾ سوال، شڪ، تحقيقون، دليل، تجربا ۽ بحث يقيني ڪردار ادا ڪندي نظر ايندا۔ جيڪڏهن انهن سڀني ۾ سوالن ۽ نتيجن کي آزاد نموني سان پيش ڪرڻ جي اجازت نه هوندي ته، انهن جي ترقي، سست يا مشڪل ٿي سگهي ٿي.

مطلب ته، اظهار جي آزادي ئي انسان کي اهڙا سوال ڪرڻ جا موقعا ڏئي به ٿي يا ڏياري به ٿي، جيڪي پراڻن خيالن کي چئلينج ڪن ٿا. ٻيو ته ڪنهن به قسم جون علمي، ادبي ۽ فني تحقيقون يا تخليقون ڇو نه هجن، اهي جامد ناهن هونديون. نوان ثبوت اچن ٿا ته، آڳاٽن نظرين ۽ خيالن ۾ تبديليون اچن ٿيون. تاريخ مان اهو به سبق ملي ٿو ته، طاقتورن طرفان جڏهن به سوالن کي دٻايو ويو آهي تڏهن اهو عمل، علم جي واڌ ويجهه لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيو آهي. اصل ۾ سائنسي، علمي، ادبي ۽ فني اختلافن مان نئين ڄاڻ پيدا ٿئي ٿي، ڇو ته هڪ سائنسدان، عالم، اديب يا دانشور ڪنهن ٻئي جي نتيجي سان اختلاف ڪري ئي، نئون تجربو ڪري سگهي ٿو ۽ ٽيون وري ان نتيجي کي وڌيڪ مضبوط ڪري، مڪمل يا رد ڪري سگهي ٿو۔

چوڻ جو مقصد اهو آهي ته، سائنس سميت ٻين علمن ۽ فنن جي ترقي تڏهن تيز ٿئي ٿي، جڏهن هڪڙن تحقيقن جا نتيجا، ٻين محققن تائين پهچن ٿا. جيڪي نتيجن کي ٻيهر جاچي ورجائي يا انهن مان خاميون ڳولي سگهن ٿا. انهيء عمل کي سائنس ۾ (هم منصب جائزو) چيو ويندو آهي، جيڪو بحثن سان مضبوط ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ عالم، اديب، ڏاها ۽ سائنسدان به غلطيون ڪري سگهن ٿا پر آزاد علمي بحث سان ٻيا محقق ۽ تخليقڪار انهن غلطين جي نشاندهي ڪري سگهن ٿا. اظهار جي آزاديء جو هڪ فائدو اهو به آهي، غلط علم کي چئلينج ڪرڻ، درست کي مضبوط ڪرڻ ممڪن ٿئي ٿو. ڇو ته علم ڪنهن هڪ حد ۾ محدود نٿو هجي۔ اظهار، اشاعت، علمي رابطن ۽ اظهار جي آزاديءَ جي ذريعن سان دنيا جي مختلف ملڪن جا عالم، اديب، ڏاها ۽ سائنسدان هڪ ٻئي سان پنهنجن ڪمن جا تجربا ۽ نتيجا ونڊي سگهن ٿا. ان سان عالمي سطح تي تحقيق جي رفتار وڌي ٿي. موجوده دئور ۾ جيڪڏهن طب، تعليم، خلائي سميت زميني سائنس، موسميات ۽ ٻيا اڪثر شعبا ترقي ڪري ويا آهن ته، ان ۾ عالمي تعاون ان جا واضح مثال آهن.

جن تعليمي ۽ فني ماحولن ۾ شاگردن کي سوال ڪرڻ يا اظهار جي آزادي ملي آهي، اتي هو رڳو سبق ياد نه ٿا ڪن پر، اهو به پڇن ٿا ”هن ڳالهه جو ثبوت ڇاهي“ يا ”ان جا ٻيا بهتر جواب ڪهڙا ٿي سگهن ٿا“ يا ”توهان هن نتيجي تائين ڪيئن پهتا آهيو“۔ دراصل اظهار جي آزادي ئي، علمي، ادبي، ترقيءَ جا بنياد وجهي ٿي۔ جيتوڻيڪ اظهار جي آزاديء جو مطلب، هر دعويٰ کي سچ مڃڻ ناهي پر، هي فرق اهم آهي ته، هر ماڻهوءَ کي ڳالهائڻ جو حق هجي ٿو، جڏهن ته علمي، ادبي، سائنسي دعوا کي قبول ڪرائڻ لاءِ ثبوت، تجربا ۽ دليل ضروري هجن ٿا۔ تنهن ڪري اهو به چئي سگهجي ٿو، اظهار جي آزادي سوال ڪرڻ جو حق ڏئي ٿي ۽ سائنس، علم، ادب يا فن دليلن توڙي ثبوتن سان طئي ڪن ٿا ته، ڪهڙا جواب وڌيڪ مضبوط آهن.

هن سڄي بحث مان، اهو نتيجو نڪري ٿو ته، علم، ادب، فن يا سائنس جي ترقيءَ لاءِ اظهار جي آزادي ضروري آهي. ڇو ته جتي سوال تي پابندي هوندي آهي، اتي علم، ادب، ڏاهپ ۽ سائنس جي واڌ متاثر ٿئي ٿي ۽ وري جتي سوال ڪرڻ، دليل ڏيڻ ۽ اختلاف راء لاءِ آزاد ماحول هجي ٿو، اتي نين دريافتن جا امڪان وڌن ٿا ۽ پڻ ڄاڻ جا نوان دروازا به کلن ٿا. هن فڪري بحث کي هينئن به مختصر ڪري سگهجي ٿو ته، اظهار جي آزادي انسان کي سوال ڪرڻ جي جرئت ڏئي ٿي، دليل انهيءَ سوال کي ڄاڻ ۾ تبديل ڪري ٿو ۽ اهي ٻئي عمل انسانيت جي ترقيءَ لاءِ استعمال ٿين ٿا.

هاڻي پاڻ اچون ٿا آزاد صحافت ۽ اظهار جي آزاديءَ جي ڳانڍاپي تي، جنهن ۾ ٻنهي جو پاڻ ۾ تعلق تمام گهرو ۽ بنيادي رهيو آهي، پر انهن ٻنهي کي هڪجهڙو سمجهڻ هرگز درست عمل نه ليکبو. ڇو ته اظهار جي آزادي وسيع انساني حق آهي، جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ صحافت وري انهيء حق کي عوامي سطح تي استعمال ڪرڻ جو ذريعو آهي. صحافي جيڪڏهن سوال نه ڪري، حڪومت يا اعليٰ عملدارن تي تنقيد نه ڪري يا پنهنجي تحقيق به شايع نه ڪري سگهي ته، آزاد صحافت جو مقصد محدود يا مورڳو ئي بيڪار ٿي وڃي ٿو. ڇو ته هڪ عام ماڻهو پنهنجي راءِ محدود ماڻهن تائين پهچائي سگهي ٿو، ان جي مقابلي ۾ صحافت ڪنهن به مسئلي کي اخبارن، ٽي وي چئنلن، ريڊيو يا ڊجيٽل ميڊيا ذريعي لکين شهرين تائين پهچائي سگهي ٿي.

يعني صحافت هڪ فرد جي آواز کي عوامي بحث جو حصو بڻائي ٿي. ٻيو ته اظهار جي آزادي، فرد کي سوال ڪرڻ جو حق ڏئي ٿي، صحافت انهيء سوال کي تحقيق ۽ رپورٽنگ ذريعي منظم شڪل ڏئي ٿي. مثال طور تي شهري سوال ڪري ٿو، صحافت تحقيق ڪري خبر کي ٺاهي جوڙي شايع ڪري ٿي، جنهن سان عوام ۾ بحث ڇڙي ٿو ۽ ذميوار ماڻهو يا وڏا ادارا، لاڳاپيل هيٺين ادارن کان جواب گهرن ٿا ۽ مامرا حل ٿين ٿا. اصل ۾ صحافت حڪومتي ادارن، سياسي، سماجي ڌرين جي فيصلن تي سوالن کي اٿاري ٿي. اها صحافت سياست ۾ شفافيت جو به هڪ سبب بڻجي، عوامي احتساب کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. جڏهن اظهار جي آزاديءَ سان مختلف ماڻهو مختلف خيال پيش ڪن ٿا، تڏهن صحافت انهن يا اهڙن مختلف موقفن کي عوامي بحثن يا حڪومتي ايوانن تائين پهچائڻ جو ذريعو بڻجي ٿي.

صحافت جي ذميواري اها به آهي ته، راءِ ۽ حقيقت ۾ فرق رکي خبر کي تحقيق جي بنياد تي پيش ڪري. جڏهن پاڻ صحافت ۽ اظهار جي آزاديء ۾ بنيادي فرق کي جاچينداسين ته اظهار جي آزادي، هر انسان جي حق ۽ ان جي پنهنجي راءِ، خيال ۽ سوال جو اظهار ڪندي ملندي ان جي ڀيٽ ۾ صحافت خبرون، معلومات، تحقيق ۽ مختلف موقفن کي گڏ ڪري عوام تائين پهچائڻ جو پيشه ور شعبو ٿي ظاهر ٿيندو. تنهن ڪري هڪ عام ماڻهوءَ جو در در وڃي سماج ۾ پنهنجي راء ڦهلائڻ يا سوشل ميڊيا تي ساڳئي راءِ لکڻ اظهار جي آزادي آهي، جڏهن ته صحافيء جو ڪنهن مسئلي تي تحقيق ڪري، ذريعن جي تصديق ڪندي رپورٽ تيار ڪرڻ کي صحافت چئبو آهي. بهرحال ٻنهي جو تعلق پنهنجي پنهنجي جاء تي خاص اهميت رکي ٿو.

بهرحال، سماج ۾ رهندي هر ماڻهوءَ کي ڪنهن به مامري تي پنهنجي راءِ يا خيال پيش ڪرڻ لاء ڳالهائڻ، لکڻ، سوال ڪرڻ ۽ دليل ڏيڻ جو حق هوندو آهي. جڏهن ته ساڳئي معاشري ۾ آزاد صحافت انهن اختلافن ۽ مسئلن کي وڏي سماجي بحث هيٺ آڻڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي. مختصر طور تي اظهار جي آزادي انسان کي آواز ڏئي ٿي ۽ آزاد صحافت انهيء آواز کي سماج تائين پهچائي ۽ عوام کي ڄاڻ، سوال ۽ احتساب جا وسيلا فراهم ڪري ٿي. انهيءَ ڪري اظهار جي آزادي خود صحافت جي بنيادي آزادي آهي ۽ آزاد صحافت اظهار جي آزاديءَ جي هڪ اهم عملي صورت آهي.

پاڻ جيڪڏهن اظهار جي آزاديءَکي سماجي ترقيءَ سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته، ڄاڻ ملندي سماجي ترقي به انسان جي اظهار جي آزاديءَ سان گهڻي قدر سلهاڙيل ئي آهي، ڇاڪاڻ ته سماج جي ترقي معاشي واڌ سان گهٽ پر سوچ، علم، انصاف، برابري ۽ انساني روين جي تبديليءَ سان وڌيڪ ٿيندي آهي. اظهار جي آزادي ماڻهن کي سواءِ ذاتي معاملن جي گڏيل مسئلن تي ڳالهائڻ، سوال ڪرڻ جو موقعو ڏئي ٿي، ان سان ئي سماج واڌ ويجهه کائن ٿا ۽ ترقيون ڪن ٿا. سماج جي ترقيءَ ۾ اظهار جي آزاديءَ جا ٻيا به اهم ڪردار آهن، ڇو ته اظهار جي آزادي، سماج ۾ نئين سوچ کي جنم ڏئي ٿي۔ جڏهن ماڻهو آزاداڻي نموني سوال ۽ خيال پيش ڪن ٿا ته، پراڻين روايتن ۽ سماجي تصورن تي بحث شروع ٿين ٿا ۽ اهڙن ئي بحثن مان نوان خيال سرجن ٿا. جڏهن ته اظهار جي آزادي، غلط سماجي روايتن کي به چئلينج ڪري ٿي۔

جيڪڏهن سماج ۾ ناانصافي، امتيازي سلوڪ، ڪرپشن يا ڪا ٻي نقصانڪار روايت موجود هجي ٿي ته، اظهار جي آزادي ان تي تنقيد ڪرڻ جو رستو کولي، ڪمزور ماڻهن، ڌرين ۽ طبقن کي آواز ڏئي ٿي۔ غريب، مزدور، ٻار، ٻڍا، عورتون، اقليتون ۽ سماج جا ٻيا ڪمزور طبقا پنهنجي مسئلن کي عوام آڏو آڻي سگهن ٿا. ان سان انهن مسئلن تي سماجي بحث پيدا ٿين ٿا ۽ سماجي سڌارن جي تحريڪ مضبوط ٿئي ٿي۔ دنيا جي تاريخن ۾ ڪيترائي سماجي سڌارا لکڻين، تقريرن، علمي ادبي تحريرن، صحافتي خدمتن ۽ پرامن احتجاجن ذريعي ئي اڳتي وڌيا آهن. اتفاق سان جتي ماڻهن کي ڳالهائڻ جو موقعو نه ٿو ملي، اتي اهڙين تحريڪن لاء منظم ٿيڻ ڏکيو عمل ٿيو وڃي. اظهار جي آزاديء سان ئي استاد، وڪيل، شاگرد، ڪاريگر، فنڪار، سياستدان، ليکڪ ۽ محقق هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿين ٿا ۽ پنهنجا خيال گڏيل نموني ونڊين ٿا ۽ علم، ڄاڻ توڙي فن ڪجهه فردن يا ادارن تائين محدود رهڻ بدران، سماج ۾ گردش ڪن ٿا.

اظهار جي آزادي، سماجي اختلافن کي نرم ۽ پرامن به بڻائي ٿي، جنهن سماج ۾ اختلاف راءِ رکڻ جي آزادي هجي ٿي، اتي پرتشدد واقعا مامرن کي وڌيڪ منجھائيندا آهن۔ هونئن به جيڪي ماڻهو اختلافن کي تڪرارن ۾ تبديل ڪندا آهن اهي معاشرن جا سڄڻ ناهن هوندا۔ جڏهن اختلاف بيان ڪرڻ جا پرامن رستا موجود هجن ماڻهن وٽ مسئلا گفتگو ۽ دليلن ذريعي حل ڪرڻ جا به موقعا هجن ته پوء، پرتشدد واقعن سان سماج کي گندو ڪرڻ، اظهار جي آزاديء سان مذاق برابر عمل هجي ٿو، جتي سماجي احتساب قائم هجي، اتي رڳو سوال اٿارڻ ئي ڪافي هوندو آهي۔ اهڙي عوامي نگراني شفافيت کي وڌائڻ ۾ مدد ڪري ٿي. شاعر، اديب، فنڪار ۽ دانشور سماج جي مسئلن کي پنهنجين تخليقن ذريعي بيان ڪن ٿا.

جڏهن ته اظهار جي آزاديءَ جو مطلب اهو به ناهي ته، هر ڳالهه بغير ثبوت جي پيش ڪجي يا ڪنهن ٻئي جي بنيادي حق کي نقصان پهچايو وڃي. صحتمند سماج ۾ آزاديء سان گڏ سچائي، دليل، ذميواري ۽ ٻين جي حقن جو احترام به ضروري آهي. ڇو ته اظهار جي آزادي، تبديليءَ جو دروازو به کولي ٿي پر، حقيقي سماجي ترقي تڏهن ٿيندي آهي جڏهن آزاد اظهار سان گڏ دليل، قانون، انصاف ۽ عملي جدوجهد به موجود هجي. مطلب ته ”اظهار جي آزادي سماج کي سوال ڪرڻ جي همت، اختلاف ڪرڻ جو حق، نئين سوچ پيدا ڪرڻ جو موقعو ڏئي ٿي ۽ اهي ئي شيون سماجي ترقي، انصاف ۽ انساني آزاديءَ جي سفر کي اڳتي وڌائين ٿيون.“ اظهار جي آزادي پاڻ سماجي ترقي نه آهي، پر سماجي ترقيءَ لاءِ هڪ اهم بنيادي محرڪ طور ڪم ڪري سگهي ٿي.

هتي هڪ سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته، ڇا اظهار جي آزادي مڪمل ۽ لامحدود آهي؟ ته ان جو جواب هوندو بلڪل به نه. اظهار جي آزادي اهم انساني حق ته آهي پر، جديد قانونن ۾ ڪجهه اظهار اهڙا آهن به جن تي جائز پابنديون لڳائي سگهجن ٿيون، خاص طور تي جڏهن اهي ٻين جي حقن يا عوامي سلامتيءَ کي سخت نقصان پهچائين. مثال طور ڪنهن به ماڻهو ۽ ڌر کي تشدد لاءِ اڀارڻ، سنجيده قسم جون ڌمڪيون ۽ دڙڪا ڏيڻ، ڪوڙ تي ٻڌل الزام لڳائڻ، ڪنهن ٻي جي ذاتي ۽ گروهي حقن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ، نفرت، تڪرار يا تشدد کي ڀڙڪائڻ، تنهن ڪري اصل سوال اهو آهي ته اظهار جي آزادي ۽ ذميواري جي وچ ۾ مناسب توازن قائم ڪيو وڃي۔ ڇو ته هڪ صحتمند سماج ۾ اختلاف کي دشمني سمجهڻ بدران، سماجي ترقيءَ جو حصو سمجهيو وڃي. ڪنهن به ماڻهو جي راءِ سان اختلاف ڪرڻ جو مطلب، اهو هرگز ناهي هوندو ته، انجي ڳالهائڻ جو حق به ختم ڪيو وڃي.

اظهار جي آزاديءَ جو هڪ مضبوط اصول هي به آهي ته، ”ڪنهن جي راءِ سان اختلاف ضرور ڪيو پر، انساني حقن جو احترام به ڪيو.“ ان جي تاريخي پس منظر ۾ جهاتي پائينداسين ته، اظهار جي آزاديءَ جو تصور هن جديد دور ۾ اوچتو پيدا ناهي ٿيو. قديم دورن ۾ به عوامي بحث ۽ سياسي ڳالهين جا تصور موجود هئا۔ جديد معنائن ۾ به اظهار جي آزاديءَ جا حق ڪيترن ئي صدين جي سياسي ۽ فڪري جدوجهدن کانپوءِ مضبوط ٿيا. بعد ۾ نون آئيني نظامن اظهار جي آزاديءَ کي وڌيڪ واضح قانوني تحفظ ڏنو. جيڪڏهن سماج ۾ ماڻهن کي پرامن نموني پنهنجا مسئلا، شڪايتون ۽ اختلاف بيان ڪرڻ جو موقعو ملي، ته ڪيترائي اختلاف تشدد بدران گفتگو، دليل ۽ انصاف ذريعي حل ٿي سگهن ٿا. انهيءَ لحاظ کان اظهار جي آزادي صرف فرد جي آزادي نه، پرامن انصاف، جمهوريت ۽ انساني ترقيء جو هڪ اهم بنياد به بڻجي سگهي ٿي.

___________

Hameed Mangi-TheAsiaN

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين جو سرگرم رُڪن آھي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button