Editor's pickMain Slideاوڀر ايشياثقافت

انسيونگ بائوڊوگي فيسٽيول: ڪوريا جي شاندار ثقافتي ورثي جو جشن

ڏکڻ ڪوريا جو تاريخي شهر انسيونگ سالياني “انسيونگ نامسادانگ بائوڊوگي فيسٽيول” جي ميزبانيءَ لاءِ تيار آهي. يونيسڪو وٽ تسليم ٿيل هي ثقافتي ميلو جوسيون (Joseon) دور جي پهرين عورت ٽوليءَ جي اڳواڻ “بائوڊوگي” جي ياد ۽ ڪوريا جي شاندار لوڪ روايتن، جهڙوڪ رسي تي هلڻ ۽ ٻئي روايتي اسٽيج آرٽ کي نئين رنگ سان بين الاقوامي سطح تي روشناس ڪرائڻ لاءِ ڪوٺايو پيو وڃي.  

ڪوريا (انسيونگ شهر) ۾ انسيونگ نامسادانگ بائوڊوگي فيسٽيول  جي تياري

انسيونگ: ڏکڻ ڪوريا جو شهر انسيونگ 2 آڪٽوبر کان 5 آڪٽوبر تائين  سالياني “انسيونگ نامسادانگ بائوڊوگي فيسٽيول” جي تيارين ۾ آهي. اھو ثقافتي ميلو ڪوريا جي شاھوڪار ثقافتي ورثي جو جشن آھي جنھن ۾ لوڪ روايتن ۽ پرفارمنگ آرٽ جو مظاھرو ڪيو ويندو آھي.

ڏکڻ ڪوريا جي نمايان روايتي ثقافتي فيسٽيول طور تي تسليم ٿيل هي فيسٽيول ڪوريائي لوڪ روايتن ۽ آرٽ کي اجاگر ڪري ٿو جنھن ۾ خاص طور تي “نامسادانگ نوري” تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو، جيڪو يونيسڪو جي مڃيل ثقافتي ورثي جي فهرست ۾ شامل آهي، ۽ جنھن ۾ جوسيون (Joseon)  گھراڻي جي دور ۾ ڪوريا جي پهرين عورت “ڪوڪڊوسو” (ٽوليءَ جي اڳواڻ) “بائوڊوگي” کي خراجِ تحسين پيش ڪيو وڃي ٿو.

1848ع ۾ انسيونگ ۾ پيدا ٿيندڙ بائوڊوگي، جنهن جو اصل نالو ڪِم اَم-ڊيوڪ (Kim Am-deok) هو، مردن جي غلبي واري لاڏائو فنڪارن جي ٽولي “نامسادانگ پائي” جي اڳواڻ ھئي

هن پنهنجي غير معمولي فن ۽ قيادت جي ذريعي “انسيونگ نامسادانگ پائي” جي اڳواڻي ڪئي ۽ ڪوريا جي روايتي اسٽيج فنن ۾ هڪ يادگار ورثو ڇڏيو. هوءَ 1870ع ۾ وفات ڪري وئي.

اجڪلهه، بائوڊوگي جو آرٽسٽڪ جذبو ۽ ثقافتي ورثو انسيونگ نامسادانگ جي روايت ۽ ان جي نالي سان منسوب فيسٽيول جي خاص ڳالھ آھي.

هن سال جو فيسٽيول ”چوسون جي پهرين آئيڊيل، بائوڊوگي، دنيا کي جهومائي ٿي“ جي موضوع تحت منعقد ڪيو ويندو. هي موضوع انسيونگ جي ان عزم کي ظاهر ڪري ٿو جنهن تحت هن تقريب کي هڪ عالمگير روايتي فنن واري فيسٽيول ۾ تبديل ڪرڻ آھي، جتي سڄي دنيا مان ايندڙ شائقين ڪوريائي ثقافتي ورثو ڏسي سگھندا.

فيسٽيول ۾ مختلف قسم جون  پرفارمنس شامل هونديون، جن ۾ نامسادانگ جا روايتي شعبا جهڙوڪ پُنگمُل pungmul، بيونا beona، سالپان salpan، اورئوم eoreum – رسي تي هلڻ، دوت بوئگي deotboegi ۽ دَولمي deolmi شامل آهن. ڏسندڙ “بائوڊوگي سگنيچر شو” مان پڻ لطف اندوز ٿي سگهندا، جيڪو روايتي فن ۽ جديد اسٽيج پروڊڪشن جو ميلاپ آهي.

انٽرنيشنل ڪائونسل آف آرگنائيزيشنز آف فوڪ لور فيسٽيولز ۽ فوڪ آرٽس  جا رٿيل پروگرام ھن بين الاقوامي لوڪ  پروگرام کي وڌيڪ پُرڪشش بڻائيندا، جنهن سان ڏسندڙن کي دنيا جي مختلف روايتي ثقافتي اظهارن کي سمجهڻ جو موقعو ملندو.

فيسٽيول ۾ مقامي رهاڪن ۽ بين الاقوامي ڏسندڙن کي ويجهو آڻڻ لاءِ ڪيتريون ئي سرگرميون شامل ڪيون وينديون جن ۾ “انسيونگ اوڊ مارڪيٽ” شامل آهي. انسيونگ اوڊ مارڪيٽ،  چوسون دور جي ٽن وڏن روايتي بازارن مان هڪ آھي جنھن کي نئين سر تعمير ڪيو پيو وڃي؛ انھيءَ کان سواءِ “بائوڊوگي لائٽ فيسٽيول” رات جي وقت هڪ خوبصورت نظارو فراهم ڪندو؛ چوئرم جو گانو ۽ آرڪيسٽرا؛ پرڏيهين جو گانو ڳائڻ جو مقابلو؛ دستي روايتي ثقافتي تجربا؛ ۽ مقامي کاڌن جوپروگرام بہ ھوندو. اهي سڀ پروگرام گڏجي هڪ زنده‌ دل ثقافتي ماحول قائم ڪن ٿا جتي روايت، برادري جي شموليت ۽ بين الاقوامي لڳاءُ گڏ ٿين ٿا.

انسيونگ شهر عالمي سطح تي ڪوريائي روايتي فنن کي فروغ ڏئي  بين الثقافتي تبادلي جي موقعن کي وسيع ڪري فيسٽيول جي بين الاقوامي سڃاڻپ کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو.

پنهنجي بين الاقوامي پهچ وارين ڪوششن جي حصي طور پرڏيهي پرفارمنس ٽولين ۽ ڪوريا ۾ موجود پرڏيهي سفارتي مشنز کي شريڪ ٿين جي دعوت ڏني ويندي. انھيءَ موقعي تي مختلف ٻولين ۾ ترجماني ۽ رهنمائي جون خدمات فراهم ڪيون وينديون. اهي قدم فيسٽيول جي بين الاقوامي رسائي کي بهتر بڻائڻ ۽ پرڏيهي شائقين ۽ ثقافتي تنظيمن جي وڌيڪ شموليتجکي حوصلا افزائي ڪرڻ لاءِ آهن.

انسيونگ شهر جي هڪ آفيسر چيو، “نامسادانگ نوري ۽ بائوڊوگي انسيونگ جا منفرد ثقافتي اثاثا آهن. ھن سال  جي بائوڊوگي فيسٽيول ذريعي، اسان ڪوريائي روايتي ثقافتي فن کي دنيا جي ماڻهن سان شيئر ڪرڻ چاهيون ٿا، ۽ فيسٽيول کي ڏکڻ ڪوريا جي نمائندگي ڪندڙ هڪ عالمگير روايتي ثقافتي تقريب طور قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهيون.”

يونيسڪو پاران تسليم ٿيل ورثي، روايتي پيشڪشن، جديد پروگرامنگ ۽ بين الاقوامي ثقافتي تبادلي جي امتزاج سان، 2026ع جو انسيونگ نامسادانگ بائوڊوگي فيسٽيول ڪوريا جي ثقافتي روايتن کي سرحد پار جي ڏسندڙن سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

____________

ڏکڻ ڪوريائي خابرو اداري دِي ايشيا اين جي انگريزي سروس جي ٿورن سان

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button