سنڌي ادب: آزاديءَ جو گيت (ادبي ڪالم)
آئرلينڊ جي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ شامل نوجوان انقلابين جي ڪھاڻي، جن برطانوي سامراج جي جيلن ۾ بند هجڻ جي باوجود پنھنجي عزم ۽ حوصلي کي برقرار رکيو. ڪهاڻيءَ ۾ پن ڇڻ جي موسم جي نااميدي ۽ بھار جي موسم جي اُميد جي تضاد، ۽ آزاديءَ جي متوالن جي ناقابلِ شڪست جذبي کي اجاگر ڪيو ويو آهي.

(آئرلينڊ جي آزاديءَ جي ويڙھ جي پسمنظر ۾ لکيل ڪالم، جيڪو ھلالِ پاڪستان اخبار جي ھفتيوار مئگزين ۾ 43 سال اڳ ”زندگي اَي زندگي“ جي عنوان سان ڪالمن جي سَري ھيٺ شائع ٿيو، ۽ پوءِ 1984 ۾ ساڳئي عنوان سان ڇپيل ڪالمن جي مجموعي ۾ شامل ڪيو ويو. ھيءُ اُھو زمانو ھو جڏھن جنرل ضياءَ جي آمريت خلاف سنڌ ۾ ويڙھ ھلي رھي ھئي)
ليکڪ: نصير اعجاز
گھڻا ئي ورھيہ اڳ پن ڇڻ جي ھڪ مُند جي ڳالھ آھي.
انگلينڊ جو بورسٽل جيل، رات جي اونداھي، ڌُنڌ ۽ ڪوھيڙي ۾ ٻُڏل ھو. پندرھن سورھن ورھين جو ھڪ نوجوان، ھڪ بئرڪ جي لوھي دروازي سان ٽيڪ ڏيو بيٺو ھو. بئرڪ اندر سامھين ڀِت سان ٽيڪ ڏيو، سندس ھڪ اڌڙوٽ ساٿي قيدي ويٺل ھو.
بئرڪ جي اونداھيءَ ۾ ھڪ آواز اُڀريو، ”سَرءَ جي موسم اچي وئي آھي. وڻن مان پن ڇڻي رھيا آھن ۽ ھر طرف اُداسي ڇانيل آھي.“
”چاچا، مايوسيءَ جون ڳالھيون نہ ڪر. نيٺ بھار بہ ايندو.“ آواز جوان ۽ سگھارو ھو… ۽ پوءِ اھو آواز جھونگار بڻجي بئرڪن جي خاموشين ۾ ڏار وجھڻ لڳو. آواز مان ناقابلِ شڪست جذبي جو اظھار ٿي رھيو ھو:
اچو تہ عزم ڪريون،
ڪال ڪوٺڙين ۾ بند
ڪيو وڃي،
يا ڦاسيءَ چاڙھيو وڃي،
ھن ڳاڙھي جھنڊي کي
بلند رکنداسين.
انقلاب جي جھنڊي ھيٺان،
جيئنداسين ۽ مرنداسين،
چاھي گيدي ۽ غدار،
راھ ۾ رُڪاوٽ بڻجن.
ھُو ماٺ ٿي ويو. سندس بلوري اکيون، ڪنھن جذبي تحت اونداھيءَ ۾ بہ چمڪي رھيون ھيون.
”چاچا، ھِي قيد بند، ھِي ڦاھي گھاٽ تہ اسان کي ورثي ۾ مليا آھن. پوءِ ڊڄڻ ڇاجو؟“ اسان آئرلينڊ جي آزاديءَ لاءِ پنھنجي رتَ جو آخري ڦڙو وھائڻ کان بہ نہ ڪيٻائينداسين.“
اھو نوجوان، آئرلينڊ جي آزاديءَ لاءِ برطانوي سامراج خلاف تحريڪ دوران گرفتار ٿي جيل پھتو ھو. تشدد بہ سندس جذبن کي مات نہ ڏئي سگھيو ھو.
___
ھيل بہ پن ڇڻ جي موسم آئي آھي. اھي جيل اڃان بہ ڀريل آھن. بند بئرڪن جي لوھي دروازن مان اڃان بہ اُھي انقلابي گيت گونجن ٿا. مان محسوس ڪريان ٿو، اُھي منھنجي ڳالھ ڪري رھيا آھن. ھا، مون ۾ ۽ ھنن ۾ فرق بہ ڪھڙو آھي؟ يورپ جي ڏُور اولھ ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي خوبصورت ٻيٽ جا ماڻھو، مٺڙا ۽ محبت ڪندڙ ماڻھو بہ صدين کان مون وانگر ڌارين جي ڦُرلُٽ جو شڪار آھن.
اٺ سئو سال اڳ، برطانوي سامراج، دنيا جي وڳوڙ کان پري، امن ۽ آشتيءَ واري ان ڌرتيءَ آئرلينڊ تي پير رکيا، پر اُتان جي سپوتن کين ڪڏھن بہ سُک سان ويھڻ نہ ڏنو. ھزارين جوڌن مُرڪي موت قبوليو ۽ ڦاھيءَ چڙھيا يا گولين جو بَکُ ٿي ويا پر اڄ بہ اُتي مظاھرا ٿين ٿا، اڄ بہ ڌماڪا ٿين ٿا. آزاديءَ جا متوالا ڦاھيءَ چڙھن ٿا ۽ ھر وار آزاديءَ جو نعرو گونجي ٿو:
ٻُڌو دنيا جون قومون!
آزاديءَ جو پيغام ٻُڌو.
اسان جي ھٿن ۾، آزاديءَ جي تلوار ھوندي
۽ آئرلينڊ جو جھنڊو ڦڙڪندو رھندو.
توھان کي انھيءَ جو آواز
آزاد قومن سان گڏ ٻُڌڻ ۾ ايندو.
آئرلينڊ جي ھٿن ۾ تلوار ھوندي،
اُھا اُڀي ۽ آزاد ھوندي.
_________

نصير اعجاز صحافي ۽ اديب آھي. ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو.



