خليل جبران جي بيروت ۾ گذاريل هڪ مهينو!
بيروت جي قديم تاريخ، خليل جبران جي فڪري ورثي، سياسي ڇڪتاڻ ۽ غيرمعمولي معاشي بحران جي پس منظر ۾ لکيل دلچسپ سفرنامو.
نومبر 2023ع ۾ اربيل کان بيروت ويل ليکڪ جنگ جي پاڇي هيٺ زندگي گذاريندڙ لبناني سماج، ميڊيٽرينين سمنڊ جي سحرانگيز منظرن، ڪرنسي جي صورتحال ۽ پرديس ۾ سنڌي ساٿين سان يادگار ملاقاتن جو احوال انتهائي خوبصورتي ۽ حساسيت سان قلمبند ڪيو آهي.

زاهد جلباڻي
بيروت جو نالو ٻڌندي ئي ذهن ۾ ڪيترائي حوالا اچن ٿا ميڊيٽرينين سمنڊ جو ڪنارو، قديم تاريخ، جنگين جا نشان، مختلف ثقافتن جو سنگم ۽ لبنان جي مشهور شاعر، اديب ۽ فلسفي خليل جبران جو نالو.
خليل جبران لبنان جي سرزمين تي جنم ورتو، پر سندس لکڻين، فڪر ۽ فلسفي کيس دنيا ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ ڏني. مون کيس پڙهيو ضرور هو، پر ڪڏهن اهو نه سوچيو هئم ته هڪ ڏينهن سندس لبنان ۾ وڃي رهڻ، اتان جي ماڻهن سان ملڻ، گهٽين ۾ گهمڻ ۽ ان سماج کي ايترو ويجهو ڏسڻ جو موقعو ملندو.
اها نومبر 2023ع جي ڳالهه آهي. مون کي ڪردستان جي اربيل شهر ۾ رهندي هڪ سال ٿي چڪو هو، جڏهن اداري طرفان مون کي ٽن مهينن لاءِ لبنان وڃڻ جو چيو ويو. ان کان اڳ فلسطين ۽ اسرائيل جي جنگ شروع ٿي چڪي هئي ۽ خطي جي صورتحال ڏينهون ڏينهن ڳنڀير ٿيندي پئي وئي.
مون اداري آڏو شرط رکيو ته جيڪڏهن منهنجي گهرواري جي ويزا جو بندوبست ڪيو وڃي ته کيس به پاڻ سان گڏ وٺي ويندس. اها ڳالهه بغير ڪنهن رنڊڪ جي قبول ڪئي وئي ۽ اسان ٻنهي جي لبنان جي ويزا اچي وئي. پر جنگي صورتحال کي نظر ۾ رکندي آخرڪار مون اڪيلو وڃڻ کي ترجيح ڏني.

خير سان ويزا جي مدي جي آخري ڏينهن تي وڃي بيروت پهتس.
ايئرپورٽ تي آفيس جي گاڏي مون کي وٺڻ آئي. رستي ۾ ڊرائيور سان ڳالهائيندي مون کيس چيو ته ڪجهه ڊالر لبناني ڪرنسي ۾ مٽائڻا آهن. هن ھڪدم چيو:
”رڳو هڪ سئو ڊالر مٽايو، في الحال ايترا ئي ڪافي آهن.“
مون سندس ڳالهه مڃي، پر جڏهن هڪ سئو ڊالر جي بدلي ۾ لبناني نوٽن سان ڀريل هڪ ننڍڙو ٿيلهو هٿ ۾ آيو ته مان حيرت مان انهن نوٽن کي ڏسندو رهيس. اهو منهنجو لبنان جي معاشي بحران سان پهريون عملي تعارف هو. مون کي احساس ٿيو ته ملڪ جي ڪرنسي ڪيتري قدر پنهنجو قدر وڃائي چڪي هئي.
ٽن چئن ڏينهن اندر اهو به اندازو ٿي ويو ته هتي هڪ وقت جي عام ماني لاءِ به هزارن ۾ نه، پر ڏهن هزارن ۾ حساب ڪرڻو پوي ٿو. 25 کان 35 هزار لبناني پائونڊن ۾ هڪ وقت جي ماني کائڻ ڪا غيرمعمولي ڳالهه نه هئي.
منهنجي ويزا هڪ مهيني جي وزٽ ويزا هئي، جنهن کي اڳتي هلي وڌائڻو پوي ها. ٻئي طرف مون کي هوٽل ۾ گهڻا ڏينهن رهڻو به نه هو، تنهنڪري آفيس جي ساٿين جي مدد سان ٻن ٽن ڏينهن اندر ئي هڪ ڪمري واري فليٽ ۾ منتقل ٿي ويس، جيڪو آفيس کان گهڻو پري نه هو.
آفيس اچڻ وڃڻ لاءِ گهڻو ڪري ڪنهن ساٿي سان گڏ ويندو هئس، جڏهن ته ڪڏهن ڪڏهن ڊرائيور به وٺڻ ايندو هو.
بيروت بابت اڳ ۾ ڪجهه پڙهيو ۽ ڪجهه ٻڌو ضرور هو، پر هي پهريون ڀيرو هو جو ان شهر کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ ۽ اتي رهڻ جو موقعو مليو. شهر جون ڳتيل گهٽيون، مصروف روڊ ۽ گاڏين جا مسلسل هارن مون کي ڪراچيءَ جي ياد ڏياريندا هئا. بيروت ۾ اوچيون عمارتون به عام نظر اينديون هيون؛ زمين جي ننڍڙي ٽڪري تي به آسمان ڏانهن وڌندڙ عمارت بيٺل نظر ايندي هئي.
جنگ جي پاڇي هيٺ شهر!
بيروت ۾ منهنجو پهريون هفتو گذري رهيو هو ته هڪ جمعي تي آفيس جي ساٿين سان گڏ نماز پڙهڻ ويس. ان ڏينهن شهر جي ماحول ۾ ڪجهه غيرمعمولي ڇڪتاڻ محسوس ٿي رهي هئي.
فلسطين ۽ اسرائيل جي جنگ جاري هئي ۽ ان ڏينهن حزب الله جي اڳواڻ طرفان هڪ اهم خطاب ٿيڻو هو، جنهن ۾ هلندڙ جنگ بابت تنظيم جي حڪمت عملي بيان ٿيڻ جي توقع هئي. ان ڪري بيروت ۾ حزب الله جا ڪارڪن گڏ ٿيڻ شروع ٿيا ۽ شهر آهستي آهستي بند ٿيڻ لڳو.
صورتحال کي ڏسندي اسان به آفيس مان جلدي پنهنجي رهائش ڏانهن موٽي آياسين.
پرديس ۾، هڪ نئين ملڪ ۾، جنگ جي ايترو ويجهو ويهي اهڙين حالتن کي ڏسڻ منهنجي لاءِ بلڪل نئون تجربو هو. خبرون ٽي وي تي ڏسڻ هڪ الڳ ڳالهه آهي، پر جڏهن ساڳين واقعن جا اثر پنهنجي چوڌاري روزمره زندگيءَ تي محسوس ٿين ته انهن کي سمجهڻ جو انداز ئي بدلجي وڃي ٿو.

بيروت جو سمنڊ ۽ لهندڙ سج!
جنگي ڇڪتاڻ پنهنجي جاءِ تي، پر بيروت جي زندگيءَ جو ٻيو رخ به انتهائي خوبصورت هو.
اتي ڇنڇر ۽ آچر موڪل هوندي هئي، تنهنڪري اسان جي ڪوشش هوندي هئي ته موڪل واري ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن نئين جڳهه تي وڃجي.
پهرين هفتي بيروت جي سامونڊي ڪناري تي ويهي سج لهڻ جو دلڪش نظارو ڏٺوسين. سمنڊ جون لهرون، ٿڌڙي هوا ۽ آهستي آهستي سمنڊ ۾ لهندڙ سج اهو منظر بيروت جي سياسي ڇڪتاڻ ۽ معاشي پريشانين کان بلڪل مختلف دنيا جو احساس ڏياري رهيو هو.
هڪ ئي شهر جا ڪيڏا نه مختلف روپ هئا!
ٻئي هفتي وري ٽرپولي وياسين، جيڪو بيروت کان لڳ ڀڳ ڪلاڪ کن جي سفر تي هو. اتي آفيس جي ساٿين وڏي محبت سان آجيان ڪئي ۽ سامونڊي مڇيءَ سان مانجهاندو ڪرايو. تازي مڇيءَ جو اهو ذائقو ۽ ساٿين جي مهمان نوازي اڄ به ياد آهي.
پرديس ۾ سنڌ جا ماڻهو!
پرڏيهي ملڪن ۾ رهندي مون هڪ ڳالهه بار بار محسوس ڪئي آهي ته جڏهن اوچتو پنهنجي ڌرتيءَ جو ڪو ماڻهو ملي وڃي ته پرديس ڪجهه گهڙين لاءِ پرديس محسوس ئي نه ٿيندو آهي.
بيروت ۾ دودو خان سان به ملاقات ٿي، جيڪو پاڪستاني سفارتخاني سان ڪم ڪندو هو ۽ سندس تعلق سنڌ جي محراب پور سان هو. پاڻ تمام خوش اخلاق، نفيس طبيعت ۽ محبت ڪندڙ انسان هو. سنڌ کان هزارين ڪلوميٽر پري بيروت ۾ ڪنهن سنڌي سان ويهي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ جو پنهنجو ئي مزو هو.
ان سان گڏ ظفر علي سٺيو سان به ملاقات ٿي، جيڪو هڪ بين الاقوامي اداري سان ڪم ڪري رهيو هو. ظفر سان گهڻي عرصي کان پوءِ ٿيل اها ملاقات به بيروت ۾ گذاريل وقت جي خوبصورت يادگيرين مان هڪ بڻجي وئي.
ٽن مهينن جو سفر، جيڪو هڪ مهيني ۾ ختم ٿيو!
ڏسندي ئي ڏسندي بيروت ۾ منهنجو هڪ مهينو پورو ٿيڻ وارو هو.
آفيس جي ساٿين چيو ته منهنجي ويزا وڌائي سگهجي ٿي ته جيئن مان باقي عرصو به لبنان ۾ رهي سگهان. پر ان وقت تائين منهنجي ذهن ۾ هڪ ٻيو فيصلو پختو ٿي چڪو هو.
مون کين چيو: ”نه، هاڻي مون کي اربيل واپس وڃڻ گهرجي.“
سبب اهو هو ته اربيل آفيس ۾ ڪيترائي ڪم منهنجي موجودگيءَ جا منتظر هئا ۽ منهنجو خاندان به اڪيلو هو. تنهنڪري ٽن مهينن لاءِ لبنان آيل مان، صرف هڪ مهينو گذارڻ کان پوءِ بيروت کي الوداع چئي واپس اربيل موٽي آيس.
هڪ مهينو، پر سکيا سالن جي!
بيروت ۾ گذاريل اهو هڪ مهينو منهنجي لاءِ رڳو هڪ سرڪاري اسائنمينٽ يا ڪنهن نئين ملڪ جو سفر نه هو.
اتي مون هڪ نئين ملڪ کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو، اتان جي ماڻهن سان مليس، هڪ مختلف ثقافت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيم، معاشي بحران جا اثر عام ماڻهن جي زندگيءَ ۾ محسوس ڪيم، جنگ جي پاڇي هيٺ هلندڙ شهر کي ڏٺم، ميڊيٽرينين سمنڊ جي ڪناري تي سج لهندي ڏٺو ۽ پرديس ۾ پنهنجن سنڌي ماڻهن سان ويهي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪچهري به ڪيم.
سفر جي شايد سڀ کان وڏي خوبصورتي اها ئي آهي ته اسان ڪنهن نئين شهر کي ڏسڻ نڪرندا آهيون، پر موٽندي پنهنجي اندر به ڪجهه نئون ڳولي ايندا آهيون.
خليل جبران جي لبنان ۾ گذاريل اهو هڪ مهينو به منهنجي زندگيءَ جي اهڙن ئي سفرن مان هڪ هو، جنهن جون يادون اڄ به مون سان گڏ آهن.
ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ گذاريل هڪ مهينو به اهڙا سبق ڏئي ويندو آهي، جيڪي سالن تائين ڪتاب پڙهڻ سان به نٿا ملن.
___________
ايم بي اي جي ڊگري رکندڙ زاهد حسين جلباڻي هن وقت عراق ۾ اسلامڪ رليف ورلڊ وائيڊ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. وٽس انساني امداد، ترقي، حڪمت عمليءَ واري قيادت ۽ ڪميونٽي کي بااختيار بنائڻ جي شعبن ۾ عالمي ادارن سان ڪم ڪرڻ جو لڳ ڀڳ 30 سالن جو تجربو آهي.



