Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

شاعر غلام حسين رنگريز جي پنجين ورسي ۽ سندس ٻن ڪتابن جي مهورتي تقريب

ميرپوربٺورو:

سنڌي ادبي سنگت شاخ ميرپوربٺورو ۽ غلام حسين رنگريز يادگار ڪميٽي پاران  سنڌ جي ناليواري اديب, دانشور, شاعر, استاد, سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل غلام حسين رنگريز جي پنجين ورسي ۽ سندس ٻن ڪتابن “روشني جو رستو” ۽ “اکين اۡڃ اپار” جي مهورتي تقريب عبدالحميد شاھين ھال گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول ميرپور بٺورو ۾ ٿي گذري.

تقريب جي صدارت سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي ڪئي, جڏهن ته مهمان خاص سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل تاج جويو, اعزازي مهمان محمد علي مانجھي, نواز خان زئور, پروفيسر ڊاڪٽر قادر بخش مگسي,  يوسف سنڌي, اعظم ڀٽي, مير ٽڳڙ, رمضان ميمڻ, قادر بخش زئور, فهميده رنگريز ھئا.

تقريب کي مٿين مهمانن کان علاوه سنڌو رنگريز, غلام نبي زئور, نور محمد کيبر ۽ ٻين خطاب ڪيو. وحيد پيارو, خدا ڏنو ٺاراڻي, سڄڻ سرائي, محمد اسماعيل ملاح غلام حسين رنگريز جا گيت جهونگاريا. سائين غلام حسين رنگريز جي نياڻي فھميده رنگريز ۽ س.ا. س شاخ آبادگار شگرملز جي ڪائونسلر سيد اسلم شاهه مهمانن کي اجرڪون اوڍايون. تقريب ۾ سياسي,  سماجي, ادبي, صحافتي تنظيمن جي اڳواڻن, ڪارڪنن ۽ ساڃاهه وند عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. هرجي لعل, سائين غلام حسين رنگريز جو خوبصورت پورٽريٽ سندس نياڻي فھميده رنگريز کي پيش ڪيو.

سنڌي ادبي سنگت ٽنڊي محمد خان پاران ضلعي رابطا سيڪريٽري اعجاز علي جسڪاڻي,گل خاصخيلي, ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي, گل محمد سومرو, سيد اسلم شاهه, سميع الله ميمڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. (پريس رليز)

_____________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button