Editor's pickMain Slideسماج

نوجوان جو گوليون لڳل لاش: والدين جون غفلتون ۽ گهرن جي درن تي بيٺل خطرناڪ سوال

شڪارپور ناڪي وٽان نوجوان اختر چانڊئي جو گوليون لڳل لاش ملڻ رڳو هڪ پوليس ڪيس يا قانوني جاچ تائين محدود الميو ناهي، پر اهو اسان جي سموري سماجي نظام ۽ خانداني تربيت تي هڪ وڏو سواليه نشان آهي. اڄ جا والدين پنهنجي اولاد کي موبائل، گاڏي، پئسا ۽ هر قسم جي آسائش ته ڏين ٿا، پر وٽن ٻارن جي خاموشي پڙهڻ، سندن دوستن کي سڃاڻڻ ۽ سندن اندر جي خوف کي ٻڌڻ لاءِ وقت ناهي. جڏهن گهر ٻار لاءِ محفوظ پناهه گاهه نٿو رهي ۽ خوف جي ڪري پيءُ سان سچ ڳالهائڻ جا دروازا بند ٿي وڃن ٿا، تڏهن غلط صحبت، بليڪ ميلنگ ۽ نتيجي ۾ اهڙا سانحا جنم وٺن ٿا.

قتل جو ملزم (ساٺي) ۽ مقتول (کاٻي)

نسيم بخاري

ٻار ننڍو هجي ته ماءُ پيءُ سندس هٿ پڪڙي هلن ٿا، اسڪول ڇڏڻ وڃن ٿا، هوم ورڪ ڪرائن ٿا، بيمار ٿئي ته راتيون جاڳن ٿا؛ پر جيئن ئي ٻار جوان ٿئي ٿو ته ڄڻ والدين جو فرض ختم، نگراني ختم، دوستي ختم ۽ سوال به ختم!

پوءِ هڪ ڏينهن فون اچي ٿي: ”اوهان جو پٽ قتل ٿي ويو آهي.“

۽ ان پَل ماءُ پيءُ جي سڄي دنيا هڪ ئي جملي ۾ دفن ٿي وڃي ٿي.

ڪجھ ڏينھن اڳ جيڪب آباد جي سول لائين ٿاڻي جي حد جي رھواسيءَ  جو شڪارپور ناڪا ڀرسان ڪار مان گولين سان پروڻ ٿيل اختر چانڊيو جي لاش جو ملڻ به اهڙو ئي واقعو آهي، جنهن ۾ هڪ نوجوان جي موت کان وڌيڪ ڪيترائي سوال زنده ٿي ويا آهن.

پوليس ٻن جوابدارن، حسين بروهي ۽ دين محمد جکراڻي کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو. پوليس ٻن هفتن جي رمانڊ جي گهر ڪئي، عدالت پنجن ڏينهن جو رمانڊ منظور ڪيو. پوليس موجب حسين وٽان ھٿيار ۽ موبائل فون به مليا آهن. مقتول جي وارثن پنج نامعلوم ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي ۽ جاچ جاري آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن پنهنجي دوست اختر چانڊيو کي ڪار اندر فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

پر هتي هڪ ڳالهه بلڪل صاف رکڻ ضروري آهي: جاچ اڃا جاري آهي، تنهنڪري ڪنهن به الزام يا جوابدار جي بيان کي صفا سچ سمجهڻ انصاف نه هوندو.

هاڻي اچو ته ان پيءُ ڏانهن هلون، جنهن جو پٽ واپس نه ايندو.

رٽائرڊ استاد اڪبر علي چانڊئي جو چوڻ آهي ته سندس پٽ شادي شده هو، بئڪري هلائيندو هو، هڪ ٻار جو پيءُ هو ۽ سندس زال اُميد سان آهي.

يعني هڪ قتل سان هڪ ماڻهو نه، هڪ خاندان جو مستقبل قتل ٿيو آهي. هڪ ٻار پيءُ کان محروم ٿيو. هڪ زال مڙس کان محروم ٿي. هڪ پيءُ پنهنجي جوان پٽ جي جنازي جو بار کنيو۽ هڪ ماءُ جي جھولي، جيڪا شايد اڃا تائين پنهنجي پٽ جي واپسيءَ جي وهم ۾ در ڏانهن ڏسندي هجي، هميشه لاءِ خالي ٿي وئي.

اڪبر علي چانڊئي جو چوڻ آهي ته کيس پنهنجي پٽ جي ڪنهن غلط صحبت يا حرڪت جي خبر نه هئي. جن ماڻهن جا نالا هاڻي ڪيس ۾ سامهون آيا آهن، انهن کي هن اڳ ڪڏهن ڏٺو به نه هو.

اھو جملو رڳو هڪ پيءُ جو بيان ناهي. اھو اسان جي هزارين گهرن جو سوال آهي. اسان مان ڪيترا والدين پنهنجي اولاد جي دوستن کي سڃاڻن ٿا؟ ڪيترا ڄاڻن ٿا ته سندن پٽ رات جو ڪاڏي وڃي ٿو؟ ڪهڙن ماڻهن سان ويهي ٿو؟ ڪهڙي محفل ۾ ويھي ٿو؟ پئسا ڪٿي خرچ ڪري ٿو؟ موبائل تي ڪنهن سان ڳالهائي ٿو؟

۽ سڀ کان اهم: هو اندر ئي اندر ڪنهن خوف، دٻاءَ، بليڪ ميلنگ يا مصيبت ۾ ته ناهي؟

اسان کي ٻار جو اسڪول معلوم هوندو آهي، ڪاليج معلوم هوندو آهي، نوڪري معلوم هوندي آهي، پر ڪڏهن سندس صحبت معلوم نه هوندي آهي.

اسان کي خبر هوندي آهي ته پٽ کي هر مهيني ڪيترا پئسا ڏنا، پر اها خبر نه هوندي آهي ته هو اهي پئسا ڪيئن ۽ ڪنهن سان يا ڇاتي خرچ ڪري رهيو آهي؟

اسان کي موبائل خريد ڪري ڏيڻ تي فخر هوندو آهي، پر موبائل جي ٻئي پاسي ڪير آهي، ان بابت سوال ڪرڻ کي اسين مداخلت سمجهون ٿا.

پوءِ جڏهن ڪو سانحو ٿئي ٿو ته چوندا آهيون: ”اسان کي ته ڪا خبر ئي نه هئي.“

اھا، خبر ڪڏهن پوندي؟ جڏهن لاش ڪار مان نڪرندو؟ جڏهن ٿاڻي تان فون ايندي؟ جڏهن عدالت ۾ رمانڊ ٿيندو؟ يا جڏهن اخبار جي پهرين صفحي تي پنهنجي ٻار جو نالو پڙهنداسين؟

هيءُ سوال ڪنھن ھڪ فرد  کان ناهي. هيءُ سوال اسان سڀني والدين کان آهي.

موبائل شايد سڀ ڪجهه ٻڌائي!

مقتول جي موبائل فون پوليس وٽ آهي. پيغام، ڪالون، وڊيوز، رابطا ۽ ٻيو ڊيٽا شايد جاچ ۾ ڪيترائي پردا کولي سگهي.

اڄ جي موبائل فون ڪڏهن ڪڏهن انسان جي زبان کان وڌيڪ سچي شاهد هوندي آهي.

گرفتار ڪيل جوابدار

پر هڪ عجيب ڳالهه آهي: اسان ٻارن جي موبائل چيڪ ڪرڻ کان ڊڄون ٿا ته متان هو ناراض ٿين! اسان سندن دوستن بابت پڇڻ کان ڊڄون ٿا ته متان چون: ”بابا، اوهان کي مون تي اعتبار ناهي؟“ اسان کين پئسا ڏيڻ کان اڳ توڙي پوءِ حساب نٿا وٺون، ڇو ته متان ٻار ناراض ٿي وڃي. اسان سندن رات دير تائين ٻاهر رهڻ تي سوال نٿا ڪريون، ڇو ته متان گهر جو ماحول خراب ٿي وڃي. ۽ پوءِ جڏهن پوليس در تي اچي ٿي ته اسان وٽ سوال ڪرڻ لاءِ نه ٻار هوندو آهي، نه وقت.

صرف هڪ لاش هوندو آهي.

۽ هڪ جملو: ”مون کي ڪا به خبر نه هئي.“

غلط صحبت جو بل ڪير ڀريندو؟

جاچ دوران هڪ انتهائي سنگين دعوي پڻ سامهون آئي آهي ته مبينا طور گڏجي بيئر پيئڻ کان پوءِ مقتول سان نشي آور شئي يا گوريون ملائڻ، سندس تذليل يا زيادتي جي ڪوشش، وڊيو ٺاهڻ ۽ پوءِ ان وڊيو ذريعي بليڪ ميل ڪرڻ جو سلسلو هلي رهيو هو، جنهن کان تنگ اچي قتل جو قدم کنيو ويو.

ٻيهر چوندس: هيءَ جاچ هيٺ دعوي آهي، ثابت ٿيل حقيقت ناهي. پر جيڪڏهن جاچ ۾ اهڙيون ڳالهيون ثابت ٿين ٿيون ته پوءِ سوال رڳو قاتل جو نه رهندو. سوال اهو ٿيندو ته نوجوانن کي اهڙين محفلن تائين پهچڻ کان اڳ ڪنهن جاچيو يا  روڪيو به ھو ؟ نشو سندن زندگيءَ ۾ داخل ٿيو ته ڪنهن محسوس ڇو نه ڪيو؟ بليڪ ميلنگ شروع ٿي ته ڪنهن کي خبر  به پئي؟

هڪ نوجوان پنهنجي پيءُ کي پنهنجو مسئلو ٻڌائڻ بدران خاموش رهڻ ڇو پسند ڪيو؟ ۽ جيڪڏهن واقعي ڪو ماڻهو ڪنهن کي وڊيو ذريعي بليڪ ميل ڪري رهيو هو ته اهو ڪهڙو سماج آهي، جتي مظلوم پنهنجي گهر ۾ به محفوظ محسوس نٿو ڪري؟

اسان جي معاشري ۾ والدين وٽ ٻارن لاءِ هر شيءِ آهي، سواءِ وقت جي.

پئسا آهن. موبائل آهي. موٽر سائيڪل آهي. ڪپڙا آهن. فيس آهي. پر ٻار سان ويهي ڳالهائڻ لاءِ وقت ناهي. ٻار جي اکين ۾ ڏسڻ لاءِ وقت ناهي. سندس خاموشي پڙهڻ لاءِ وقت ناهي. سندس دوستن کي سمجهڻ لاءِ وقت ناهي. سندس خوف ٻڌڻ لاءِ وقت ناهي. ۽ پوءِ اسان حيران ٿيندا آهيون ته ٻار غلط صحبت ۾ ڪيئن ويو!

ٻار اوچتو نٿو ڀٽڪي. پهريان گهر ۾ فاصلو پيدا ٿيندو آهي. پوءِ ٻار پنهنجي ڳالهه گهر بدران دوست کي ٻڌائيندو آهي. پوءِ دوستن مان ڪو کيس غلط رستو ڏيکاريندو آهي. پوءِ غلط رستو عادت بڻجي ويندو آهي. ۽ نيٺ هڪ ڏينهن والدين جي اکين اڳيان صرف نتيجو بيهندو آهي.

ان ڪري ٻار کي صرف نصيحت نه گهرجي. ٻار کي والدين جي صحبت گهرجي. هو  ڳالهين کان وڌيڪ والدين  کي ڏسي ٿو. اوهان نشي کان پري آهيو ته ٻار سکندو. اوهان ڪوڙ کان پري آهيو ته ٻار سکندو. اوهان خراب صحبت کان پري آهيو ته ٻار سکندو. اوهان ڪتاب سان دوستي رکو ٿا ته ٻار سکندو. اوهان انسانن جي عزت ڪريو ٿا ته ٻار سکندو. ڇو ته ٻار ڪنن سان گهٽ ۽ اکين سان وڌيڪ سکندا آهن.

هي قتل رڳو هڪ نوجوان جو قتل ناهي. اختر چانڊئي جي قتل جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي. جيڪو ڏوهاري هجي، ان کي قانون موجب سزا ملڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن تي ڪوڙو الزام هجي ته ان کي به انصاف ملڻ گهرجي. جاچ ڪندڙ ادارن کي موبائل ڊيٽا، ڪال رڪارڊ، وڊيوز، فرانزڪ ثبوت ۽ ٻين سمورن شاهدين جي بنياد تي حقيقت تائين پهچڻو پوندو.

پر اسان کي پنهنجي حصي جو ڪم اڄ کان شروع ڪرڻو پوندو. پنهنجي پٽ سان ڳالهايو. پنهنجي ڌيءَ سان ڳالهايو. سندن دوستن کي سڃاڻو. سندن محفلن کي سمجهو. سندن خاموشين کي پڙهو. انهن کي ايتري محبت ڏيو جو هو مصيبت ۾ پوليس کان اڳ اوهان وٽ اچن. ايترو اعتماد ڏيو جو بليڪ ميلر جي ڌمڪي کان اڳ اوهان کي ٻڌائي سگهن. ۽ ايتري تربيت ڏيو جو نشي، ڏوهه ۽ غلط صحبت کي آزاديءَ جو نالو نه ڏين. ڇو ته اسان وٽ وڏو مسئلو اهو ناهي ته ٻار اسان جي ڳالهه نٿا ٻڌن. وڏو مسئلو اهو آهي ته اسان ٻارن جي ڳالهه ٻڌڻ ڇڏي ڏني آهي.

 اسان والدين کي اڄ پنهنجي اندر هڪ عدالت لڳائڻي پوندي. اتي هڪ سوال رکڻو پوندو: ”مان پنهنجي اولاد لاءِ واقعي والدين آهيان، يا صرف ATM؟“ جيڪڏهن جواب اسان جي حق ۾ نه آهي ته پوءِ ڪنهن ايندڙ اختر جي خبر اچڻ کان اڳ پنهنجي گهر ڏانهن موٽي اچڻو پوندو.

ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن ٻار کي بچائڻ لاءِ پوليس جي گاڏي نه،پيءُ جي هڪ ڳالهه، ماءُ جي هڪ ڀاڪر ۽ گهر جي هڪ کليل دروازي جي ضرورت هوندي آهي.

۽ ياد رکو: لاش ڪار مان مليو آهي، پر هن ڪهاڻي جا سوال اسان جي گهرن جي دروازن تي بيٺا آهن. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اسان اهي سوال ٻڌون ٿا يا وري ڪنهن ايندڙ لاش جو انتظار ڪريون ٿا؟ هن سڄي واقعي جو هڪ پاسو اهڙو به آهي، جنهن تي اسان کي تمام گهڻي سنجيدگيءَ سان سوچڻ گهرجي.

جيڪڏهن مبينا طور تي قاتل ڪنهن اهڙي صورتحال ۾ ڦاٿل هو، جنهن بابت هو پنهنجي پيءُ کي ٻڌائڻ کان ڊڄي رهيو هو، جيڪڏهن کيس پنهنجي پيءُ جي دڙڪن  جو خوف هو، جيڪڏهن کيس اهو خدشو هو ته حقيقت ٻڌائڻ سان گهر ۾ طوفان اچي ويندو، ته پوءِ سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته ڇا هڪ پيءُ جي سختي، ڪاوڙ يا ڪجهه ڏينهن جي ناراضگي ان انجام کان وڌيڪ خراب هجي ها، جنهن ۾ هڪ انسان جي جان هلي وئي ۽ هاڻي مبينا جوابدار کي سڄي زندگي جيل جي دروازن اندر گذارڻ جو معاملو سامهون آهي؟

هڪ پيءُ جي ناراضگي شايد ڪجھ ڪلاڪن جي تڪليف هجي ها، پر جيل جي زندگي ڏهاڪن جي سزا بڻجي سگهي ٿي. هي ڳالهه ڪنهن به ڏوهه کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ ناهي، نه ئي قتل جي ذميواري ڪنهن ٻئي تي منتقل ڪرڻ لاءِ. ڏوهه، جيڪڏهن ثابت ٿئي، ته ان جو جواب قانون ئي ڏيندو. پر  اسان کي اهو سوال ضرور پڇڻو پوندو ته اهڙو ڪهڙو خوف هو، جنهن هڪ نوجوان کي پنهنجي پيءُ جي سامهون سچ ڳالهائڻ کان روڪي رکيو؟

ڇا اسان والدين پنهنجي ٻارن لاءِ ايترا سخت ٿي ويا آهيون، جو هو پنهنجي مصيبت ٻڌائڻ کان اڳ ئي سوچين ٿا: ”بابا ماريندو.“ ”امڙ گهر مان ڪڍي ڇڏيندي.“ ”ڀاءُ کي خبر پئي ته عزت ختم ٿي ويندي.“ ”گهر وارن کي ٻڌايو ته منهنجي زندگي وڌيڪ خراب ٿي ويندي.“

۽ پوءِ ٻار پنهنجي گهر بدران ٻاهرين ماڻهن کي پنهنجو راز ٻڌائي ٿو. جتان مسئلو شروع ٿئي ٿو، اتي ئي ڪڏهن ڪڏهن سانحو به جنم وٺي ٿو.

اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته اولاد کي صرف فرمانبردار بڻائڻ ڪافي ناهي؛ کيس ايترو ذميوار ۽ محفوظ بڻائڻ به ضروري آهي جو هو پنهنجي سڀ کان وڏي غلطي، سڀ کان وڏي مصيبت ۽ سڀ کان خطرناڪ راز سان به پنهنجي ماءُ يا پيءُ وٽ اچي سگهي.

والدين جو مطلب صرف اهو ناهي ته:

”منهنجي ڳالهه مڃ!“

والدين جو مطلب اهو به آهي:

”جيڪو به ٿي ويو آهي، پهريان مون وٽ اچ. پوءِ گڏجي رستو ڳولينداسين.“

اسان جي گهرن ۾ اڪثر والدين ٻارن کي نصيحت ته تمام گهڻي ڪن ٿا، پر انهن سان ڳالهائين گهٽ ٿا.

حڪم تمام گهڻا ڏين ٿا، پر ٻڌن گهٽ ٿا.

توائي تمام گهڻي ڪن ٿا، پر سمجهن گهٽ ٿا.

نتيجو اهو نڪري ٿو ته ٻار پنهنجي والدين کان شيون لڪائڻ سکي وڃن ٿا.

۽ جڏهن ٻار پنهنجي والدين کان پنهنجا راز لڪائڻ شروع ڪري ڇڏي ته پوءِ ٻاهر جي دنيا سندس استاد بڻجي وڃي ٿي.

اتي کيس ڪير ڇا سيکاري ٿو، ڪهڙي صحبت ڪٿي وٺي وڃي ٿي، ڪهڙو ماڻهو سندس ڪمزوريءَ جو فائدو وٺي ٿو، ڪير بليڪ ميل ڪري ٿو ۽ ڪير کيس ڏوهه جي رستي تي وٺي وڃي ٿو، ان جو اندازو گهر ۾ ويٺل والدين کي ڪڏهن ڪڏهن تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن گهڻو ڪجهه هٿن مان نڪري چڪو هوندو آهي.

ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته والدين ۽ اولاد جو تعلق صرف حڪم ۽ فرمانبرداري جو تعلق نه هجي؛ اهو دوستي، اعتماد، محبت ۽ سهاري جو تعلق به هجي.

ٻار کي اهو احساس هجي ته:

”مان خوش آهيان ته بابا کي ٻڌائيندس.“

”مان پريشان آهيان ته امڙ وٽ ويندس.“

”مون کان غلطي ٿي آهي ته گهر ۾ منهنجي لاءِ دروازو بند نه ٿيندو.“

”مان ڪنهن مصيبت ۾ آهيان ته منهنجا والدين منهنجي پناهه گاهه بڻبا.“

هي احساس جيڪڏهن ڪنهن ٻار جي دل ۾ پيدا ٿي وڃي ته هو ڪيترن ئي غلط رستن تي وڃڻ کان اڳ ئي واپس موٽي سگهي ٿو.

والدين کي ٻارن سان هر خوشيءَ ۾ گڏ هجڻ گهرجي، پر صرف خوشين جا ساٿي بڻجڻ ڪافي ناهي.

انهن کي ٻارن جي ڏکن جو ساٿي به بڻجڻو پوندو.

ٻار جي ڪاميابيءَ تي شاباش ڏيڻ آسان آهي؛ سندس ناڪامي ٻڌي کيس ڀاڪر پائڻ وڏو ڪم آهي.

سندس سٺي خبر ٻڌي خوش ٿيڻ آسان آهي؛ سندس خراب خبر ٻڌي کيس اڪيلو نه ڇڏڻ اصل والدين هجڻ آهي.

ڇو ته ٻار جڏهن خوشيءَ ۾ هجي ته دنيا ساڻس گڏ هوندي آهي، پر جڏهن هو مصيبت ۾ هجي ته کيس سڀ کان پهرين پنهنجي گهر جي ضرورت هوندي آهي.

گهر جيڪڏهن پناهه گاهه نه رهندو ته ٻار پناهه ٻاهر ڳولھيندو.

۽ ٻاهر جي هر پناهه محفوظ هجي، اهو ضروري ناهي.

تنهن ڪري اختر چانڊيو ڪيس جي جاچ پنهنجي قانوني رخ سان اڳتي وڌندي رهندي، حقيقتون ثبوتن مان سامهون اينديون، عدالت فيصلو ڪندي؛ پر هن واقعي مان والدين لاءِ جيڪو سبق نڪري ٿو، اهو عدالت جي فيصلي جو محتاج ناهي.

پنهنجي ٻارن کي ايترو نه ڊيڄاريو جو هو ڏوهه ٻڌائڻ کان ڊڄن.

ايترو پيار به نه ڏيو جو هو غلط ڪم کي غلط سمجهڻ ڇڏي ڏين.

بلڪه اهڙو تعلق پيدا ڪريو، جنهن ۾ سختي  به هجي، پر محبت به؛ پابندي به هجي، پر سمجهه به؛ احتساب به هجي، پر ذلت کان سواءِ؛ ۽ اختلاف به هجي، پر ڳالهائڻ جا دروازا بند نه ٿين.

ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن ٻار کي غلط رستي تان واپس آڻڻ لاءِ پوليس جي لٺ کان وڌيڪ اثرائتي شيءِ پيءُ جي اها ڳالهه هوندي آهي:

”پٽ، جيڪو ٿيو سو ٿيو، پهريان مون کي سچ ٻڌاءِ.“

شايد اهڙي هڪ ڳالهه ڪنهن نوجوان کي جيل جي دروازي تائين پهچڻ کان روڪي سگهي. ۽ شايد ڪنهن پيءُ کي پنهنجي پٽ جي قبر تي بيهڻ کان به.

_______________

Naseem Bukhari-The AsiaN

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي “وک ” شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button