Editor's pickMain Slideاولھ ايشيا

ورثي کان ھٿرادو ڏاھپ  تائين: عرب امارتن ۾ باز پالڻ جي روايت نئين دور ۾ داخل

الصقار’ رسالي جو نئون شمارو ٻڌائي ٿو ته ڪهڙي طرح هڪ قديم علم سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تبديل ٿيندڙ دنيا سان هم آهنگ ٿي رهيو آهي.

حبيب تومي لکي ٿو

ابو ظهبي: باز پالڻ ۽ انهن ذريعي شڪار ڪرڻ، جيڪا دنيا جي قديم ترين شڪار جي روايتن مان هڪ آهي، هاڻي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهي آهي جنھن ۾ صديون پراڻو علم سائنسي تحقيق، ماحولياتي تحفظ ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) سان جڙي رهيو آهي.

اهو ئي مرڪزي موضوع آهي “امارات فالڪنرس ڪلب” پاران شائع ٿيندڙ ميگزين ‘الصقار’ جي تازي سالياني شماري جو، جيڪو گڏيل عرب امارتن، خطي ۽ سڄي دنيا ۾ بازداريءَ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جو تفصيلي جائزو پيش ڪري ٿو.

304 صفحن، 38 سيڪشنز ۽ 109 مضمونن تي ٻڌل هي نئون شمارو بازداري جي روايتي احوالن کان گهڻو اڳتي وڌي ٿو. هي ان علم کي ثقافتي، سائنسي، ماحولياتي ۽ ٽيڪنالاجي جي نقطئه نظر کان پرکي ٿو، ۽ هڪ اهڙو اماراتي ويزن پيش ڪري ٿو جيڪو پنهنجي ورثي کي محفوظ رکڻ سان گڏ مستقبل جي اوزارن کي پڻ اپنائڻ چاهي ٿو.

هن ميگزين جي اشاعت امارات فالڪنرس ڪلب جي 25هين سالگرهه سان پڻ هم آهنگ آهي، جيڪا بازداري کي محفوظ ڪرڻ ۽ ان جي ثقافتي توڙي انساني اهميت کي باهمي طور مضبوط ڪرڻ جي 25 سالن جي ڪوششن جي ياد ڏياري ٿي.

پر هيءَ سالگرهه اڳتي ڏسڻ جو پڻ هڪ موقعو آهي.

ميگزين ان ڳالهه جو جائزو وٺي ٿو ته بازداري ڪهڙي طرح تيز سائنسي ۽ ڊجيٽل تبديلين سان پاڻ کي نئين روپ ۾ آڻي رهي آهي، جنهن ۾ ٽريڪنگ، نگراني، تصويرڪشي، رڪارڊنگ ۽ ڊيٽا جي تجزيي لاءِ ٽيڪنالاجيءَ جو وڌندڙ استعمال شامل آهي.

ان ڏس ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) هڪ نهايت اهم ۽ نئين سرحد طور اُڀري رهي آهي.

اهڙيون ٽيڪنالاجيون محققن ۽ ماحولياتي ماهرن کي شڪاري پکين ۽ انهن جي شڪار جي رويي ۽ حرڪتن کي بهتر سمجهڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿيون، جڏهن ته مختلف نسلن ۽ انهن جي قدرتي ماحول کي بچائڻ جي ڪوششن کي پڻ هٿي ڏين ٿيون.

پنهنجي ايڊيٽوريل  ۾، امارات فالڪنرس ڪلب جي سيڪريٽري جنرل ۽ ‘الصقار’ جي ايڊيٽر ان چيف، مجيد علي المنصوري، 2001ع ۾ ڪلب جي قيام کان وٺي هينئر تائين جي سفر کي ياد ڪيو آهي.

هو ان ويزن جو ڪريڊٽ ڪلب جي باني، يو اي اي جي صدر، شيخ محمد بن زيد النهيان کي ڏئي ٿو، ۽ الظفره ريجن ۾ حمران جي نمائندي ۽ ڪلب جي صدر، شيخ حمدان بن زيد النهيان جي سرپرستي ۽ سهڪار کي اجاگر ڪري ٿو.

المنصوري مرحوم شيخ زيد بن سلطان النهيان جي ان علمي ورثي ڏانهن پڻ اشارو ڪيو، جنهن بازداري جي عمل کي ماحولياتي توازن ۽ حباتي تنوع (biodiversity) جي تحفظ سان جوڙيو هو.

هن چيو ته ان فلسفي انهن ڪيترن ئي اصولن جي اڳواٽ اڳڪٿي ڪري ڇڏي هئي جيڪي اڄوڪي جديد ماحولياتي سوچ جو بنياد آهن.

گذريل 25 سالن دوران، امارات فالڪنرس ڪلب بازداري کي هڪ جديد ادارتي ڍانچي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جتي موروثي علم ۽ سائنسي جدت کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ويو آهي.

ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته بازداري جي فهم ۾ تبديلي آئي آهي—هاڻي هي صرف شڪار جي هڪ روايتي مشغولي ناهي رهي، بلڪه ثقافت، ماحوليات، وٽرنري سائنس ، تعليم ۽ ٽيڪنالاجي کي جوڙيندڙ هڪ علمي شعبي جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي.

ميگزين اهو دليل ڏئي ٿو ته جديديت جو مطلب روايت کي ترڪ ڪرڻ هرگز ناهي. ان جي برعڪس، نوان اوزار صديون پراڻي علم کي محفوظ ڪرڻ ۽ ان کي وڌيڪ ڏاهپ ڏيڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا.

“بازداري تي هڪ نظر” واري سيڪشن ۾، امارات فالڪنرس ڪلب جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ ‘الصقار’ جي مئنيجنگ ايڊيٽر عمر فؤاد احمد جو چوڻ آهي ته يو اي اي بازداري جي عالمي مرڪز طور پنهنجو ڪردار مسلسل مضبوط ڪري رهيو آهي.

هو ٻڌائي ٿو ته سندن سرگرميون صرف مقابلن، نمائشن ۽ فيسٽيولن جي ميزباني تائين محدود ناهي. بازداري کي ثقافتي ڏي-وٺ جي هڪ ذريعي طور پڻ استعمال ڪيو پيو وڃي، جيڪو مختلف برادرين کي ويجهو آڻي ٿو ۽ گڏيل ورثي توڙي ماحولياتي ذميواري بابت ڳالهين جا رستا کولي ٿو.

احمد چوي ٿو ته يو اي اي جو تجربو ثابت ڪري ٿو ته اصليت ۽ جدت هڪ ٻئي سان گڏ هلي سگهن ٿيون ۽ ثقافتي ورثي جو تحفظ تحقيق توڙي تعليم ۾ سيڙپ سان گامزن ٿي سگهي ٿو.

نئون شمارو پنهنجي وسيع مواد ذريعي ان فلسفي جي عڪاسي ڪري ٿو.

آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ بازداري واري بنيادي موضوع سان گڏوگڏ، ميگزين ۾ خاص سائنسي مطالعا ۽ يونيسڪو پاران ثقافتي ورثي کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوششن سان بازداري جي تعلق جو جائزو شامل آهي.

ان ۾ بازداري جي دنيا جون بين الاقوامي طور تي مڃيل شخصيتون پڻ شامل آهن، ۽ انٽرويوز ذريعي نوجوان بازدارن کي سڏ ڏنو ويو آهي ته جيئن خبر پوي ته نئون نسل هن قديم روايت سان ڪهڙي طرح جڙيل آهي.

ثقافت کي پڻ ان ۾ نمايان جڳهه ڏني وئي آهي. هن شماري ۾ “المقناص” (فالڪنري شڪار جي روايتي شغل) سان لاڳاپيل نبطي شاعري، بازن جي طب (علاج) ۽ بين الاقوامي تعليمي تجربن تي مضمون شامل آهن.

ٻيا ليک شڪاري پکين سان لاڳاپيل تازين سائنسي تحقيقات ۽ ٽيڪنالاجي جي جدت کي پيش ڪن ٿا، جڏهن ته تاريخي تحريرون مختلف ثقافتن ۽ خطن ۾ بازداري جي ترقيءَ جو احوال ڏين ٿيون.

ميگزين انهن اهم تاريخي ۽ جديد اشاعتن کي پڻ اجاگر ڪري ٿو جن بازداري کي دستاويزي روپ ڏنو ۽ ان جي علمي توڙي ثقافتي ورثي کي محفوظ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.

مجموعي طور تي، هي شمارو هڪ بااثر پيغام ڏئي ٿو: بازداري رڳو هڪ اهڙي روايت ناهي جيڪا پنهنجي ماضي ڏانهن نهاري رهي آهي، بلڪه هي هڪ زنده ورثو آهي جيڪو مستقبل سان هم آهنگ ٿيڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

بازدارن جي نسلن کان منتقل ٿيندڙ علم کان وٺي آرٽيفيشل انٽيليجنس جي مهيا ڪيل امڪانن تائين، ‘الصقار’ بازداري کي هڪ اهڙي شعبي طور پيش ڪري ٿو جتي ورثو ۽ جدت پاڻ ۾ ملي سگهن ٿا—۽ جتي ماضيءَ کي محفوظ رکڻ جو انحصار، مستقبل کي اپنائڻ تي آهي.

_____________

ڏکڻ ڪوريا جي خابرو اداري دِي ايشيا اين جي انگريزي سروس جي ٿورن سان

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button