Editor's pickMain Slideڪالم

سنڌي ادب: ديس جي درد جون عڪاس لکڻيون

راھب ٻپڙ جا ڪالم ان جي روح جون اھي رڙيون آھن، جيڪي سندس جيئري ئي اسان سميت گھڻن جو گهڻ طرفو ڌيان ڇڪائڻ جو محور بڻبيون رھيون ۽ اڄ بہ ڪيترائي سواليہ ڪر کنيو بيٺيون آھن جن کان ڪنھن بہ صورت ۾ ڪن لاٽار ڪري نہ ٿي سگھجي، ڇاڪاڻ تہ اھي زندہ حقيقتن جو ڀرپور اظھار آھن. ظلم ڏاڍ ڏمر، ناانصافي، استحصال، طبقاطي تضاد، رنگ نسل، زبان ۽ فرقي جي فرق  کان ھٽي ڪري ھن قلم کنيو ھو جيڪو اڄ بہ نہ رڳو موجود آھي پر ان جي اثر ۾ وقت سان گڏ واڌ بہ آئي آھي. راھب ٻپڙ جي تحريرن تي مشتمل ڪتاب ” اَگھيو ڪائو ڪچ“ جو اڀياس.

نسيم بخاري

آئون اھو نہ ٿو چوان تہ راھب ٻپڙ جون تحريرون پڙھڻ کان پوءِ ماڻھو ان ٻڏتر جو شڪار ٿي وڃي ٿو تہ سندس ڪھڙي لکڻيءَ تي ڪھڙي لکڻيءَ جي برتري جو فيصلو ڏجي، پر اھا ڳالھ پوري ويساھ سان ڪري سگھان ٿو تہ سندس تحرير سندس ضمير جو آواز آھي، دل جي سچائي ۽ پوري ايماندرايءَ سان لکيل آھي ۽ شعوري طور تي پنھنجي احساساتي توڙي جذباتي ڪيفيتن جو پنھنجي قوم سماج ۽ وس وارن آڏو بي باڪ واڪو آھي، درد کي مليل اھا دانھن آھي، جيڪا ديوارون ڌوڏي گونج بڻجي ويندي آھي ۽ ان گونج جي پڪار اسان جي ھر سطح جي ماڻھن ۾ جيڪڏھن سوچ ۽ ولولي جو ڪوئي واءَ نہ بہ گھولي  تڏھن بہ سوچ ويچار ۽ بحث مباحثي وارو ماحول ضرور پيدا ڪندي آھي.

راھب ٻپڙ جا ڪالم ان جي روح جون اھي رڙيون آھن، جيڪي سندس جيئري ئي اسان سميت گھڻن جو گهڻ طرفو ڌيان ڇڪائڻ جو محور بڻبيون رھيون ۽ اڄ بہ ڪيترائي سواليہ ڪر کنيو بيٺيون آھن جن کان ڪنھن بہ صورت ۾ ڪن لاٽار ڪري نہ ٿي سگھجي، ڇاڪاڻ تہ اھي زندہ حقيقتن جو ڀرپور اظھار آھن. ظلم ڏاڍ ڏمر، ناانصافي، استحصال، طبقاطي تضاد، رنگ نسل، زبان ۽ فرقي جي فرق  کان ھٽي ڪري ھن قلم کنيو ھو جيڪو اڄ بہ نہ رڳو موجود آھي پر ان جي اثر ۾ وقت سان گڏ واڌ بہ آئي آھي.

 راھب عالمي سامراج کان مقامي جبر تائين سياست ۽ اقتدار جي عوام کي لڳندڙ زھريلن ڏنگن جي پيڙا کي پوري شدت سان بيان ڪيو آھي. آمريڪا جو مختلف قومن ۽ ملڪن سان انياءَ وارو تاريخي تسلسل ھجي يا سنڌ ۾ پنجاب اسٽيبلشمينٽ توڙي وفاقي سياست ڪندڙ پارٽين جون وک وک تي ويساھ گھاتيون، عوام کي عدل فراھم ڪندڙ عدليہ جو داءَ تي لڳل مستقبل ھجي يا پپلزپارٽيءَ جون خلق سان بيشمار منافقيون ۽ مڪاريون، سنڌ جي درياءَ تي لڳندڙ ڌاڙن جو احوال ھجي يا ان جي سرزمين سان ٿيندڙ ھٿ چراند، تعليم جي ٻڏل ٻيڙي جو تذڪرو ھجي يا للڪارن جي گھيري ۾ آيل مادري ٻوليءَ جي وجود جي بقا وارو سوال ھجي، عورتن جي تشدد کان صحافت جي تڪراري بڻجي ويل ساک تائين راھب اھو سڀ لکيو آھي جيڪو وقت جي ضرورت ھو ۽ آھي.

 پندرنھن سالن تائين نور نچوئي جيڪو ڪجھ ھو قلمبند ڪري ويو آھي سو نہ رڳو پنھنجي دور جي تاريخ آھي پر اھو اڄ بہ تاريخ جي پوري يا اڻ پوري سٺي يا خراب جھلڪ ضرور ڏيکاري رھيو آھي.

پرويز مشرف کان سنڌ ۾ پپلز پارٽيءَ جي پندرنھن سالا دور تائين لاڳيتو لکندو رھيو، انتھا پسندي تنگ نظري جھالت ۽ حڪمرانن جي غلط طرز حڪمراني جي نتيجي ۾ سماج ۾ عروج تي پھچي ويل گھڻ رخو ڏڦير سندس جيءَ کي جھوريندو رھيو، مختصر لفظن ۾ چئي سگھجي ٿو تہ راھب جون تحريرون سنڌ جو ڪيس آھن، مظلوم ۽ محڪوم ماڻھن جي دٻجي ويل دانھن آھن ۽ سماجي اڻ برابري واري مسلط ڪيل نظام جي منھن تي چماٽ آھن، جيڪي نہ رڳو مسئلن ۽ مصيبتن جي نمائندگي ڪن ٿيون پر گڏوگڏ اھو بہ ٻڌائين ٿيون تہ ان سڄي ساري مشڪلات ۾ پنھنجو پاڻ کي سنئين واٽ وٺڻ جي حوالي سان درست دڳُ ڪھڙو آھي.

دنيا جي مشھور صحافي ۽ ليکڪ رشيارڊ ڪاپوشنڪي پنھنجي جڳ مشھور ڪتاب (دي ايمپرر)  ۾ سخت گير شھنشاھ جي دادلي ڪتي جو ذڪر ڪيو آھي. کيس اھا ڇوٽ ھوندي ھئي تہ شھنشاھ جي موجودگي ۾ درٻار ۾ موجود ڪنھن بہ وزير، مشير يا معزز ماڻھوءَ جي پيرن تي پيشاب ڪندوھو، رد عمل ۾ ڪنھن کي اھا اجازت نہ ھوندي ھئي تہ پير چوري يا منھن خراب ڪري. متاثر ماڻھو نہ پاسو بدلائي سگھندو ھو نہ ئي ڪتي کي پري ڪري سگھندو ھو، بوٽ خراب ٿين يا ڪپڙا، پير خراب ٿين يا جسم جو ٻيو ڪو حصو، درٻار ۾ ڪتي جو احترام ۽ خيال شھنشاھ کان وڌ فرض ھو. ھڪڙو ماڻھو رکيل ھو جيڪو ڪتي جي پيشاب متاثر ماڻھوءَ جا جوتا، پير يا ڪپڙا يا جسم جو ٻيو ڪو متاثر حصو صاف ڪندو ھو. ھي مثال اسان جي سماج سان خوب ٺھڪي اچي ٿو. اسان جي سماج ۾ ھر سطح تي طاقتور ۽ با اثر ماڻھن جا دادلا لاٺڙيا شھنشاھ جي دادلي ڪتي کان وڌيڪ بدتميزيون ڪن ٿا، ان قسم جون بي ھودگيون ۽ بي شرميون رپورٽ نہ ٿيون ٿين پر راھب جي تحريرن کي تفصيل سان پڙھڻ کانپوءِ ان قسم جون نشاندھيون نروار ٿين ٿيون.

راھب جي لکڻين ۾ دليل ۽ حوالن مان ظاھر آھي تہ ھن نہ رڳو ڏيھي ۽  پرڏيھي ڪتابن جو مطالعو ڪيو آھي پر اھڙي مطالعاتي ۽ معلوماتي ائپروچ  جي جھلڪ سندس تحريرن ۾ روشنيءَ وانگر محسوس ٿي رھي آھي. ھن وٽ  قرآن پاڪ جا حوالا بہ موجود آھن تہ رسول بخش پليجو، محمد ابراھيم جويو، حيدر بخش جتوئي ۽ ٻين ليکڪن ۽ شخصيتن جي سار بہ آھي.

مون کي ڏاڍي سرھائي ٿي رھي آھي تہ اسان جي نوجوان صحافي دوست سارنگ ٻپڙ راھب ٻپڙ جي وکري ويل تحريرن کي سھيڙي ھڪ ڪتابي صورت ۾ آڻي دنيا تائين رڪارڊ جو حصو بڻائي ورتو آھي.  اميد آھي تہ صحافتي ۽ ادبي سفر ۾ ھي ڪتاب اسان جي نئين ٽھي لاءِ انتھائي لاڀائتو ثابت ٿيندو.

سنڌ جي سڄاڻ فردن، ڪرنٽ افيئر سان دلچسپي رکندڙ صحافين، وڪيلن، استادن، ليکڪن سميت سماج جي سيوا ڪندڙ ساٿين ۾ ھيءُ ڪتاب ڄاڻ جي خزاني وارو ثابت ٿيندو، ڇو تہ ھن ڪتاب ۾ رڳو اشوز عيان نہ ڪيا ويا آھن پر انھن جي حوالي سان آجپي جا رستا ڏيکاري تجويز بہ ڪيا ويا آھن ۽ اھو بہ ٻڌايو ويو آھي تہ معاملن جي بگاڙ جا اصل ڪارڻ ۽ بنياد ڪھڙا رھندا آيا آھن.

راھب جي تحريرن مان ھتي ڪجھ جو ذڪر ڪرڻ بہ ضروري آھي تہ جيئن ان جي احساساتي ۽ معلوماتي پس منظر ۾ پڙھندڙ ڪا راءِ قائم ڪري سگھن. ھُو پنھنجي مضمون ”ھي موھين جي دڙي واري سنڌ تہ ڪونھي“ ۾ لکي ٿو تہ اصلوڪي سنڌ جا رنگ ڦڪا ٿيڻ لڳا آھن، تاريخ تبديل ٿي رھي آھي، ماڻھپو مھذب پڻو مھانڊا مٽائيندي نظر اچي رھيو آھي، موھن جي دڙي جا دنيا ۾ ڄاتا ۽ سڃاتا ويندڙ بي ھٿيار ماڻھو بمن بڻائڻ جون فيڪٽريون اڏيون ويٺا آھن، ھي مھذب روايتون تصوفي رنگن ۽ امن جي پرچاري انسانيت دوست ڌرتيءَ جي رھواسين واري اھا ساڳي سنڌ تہ ڪونھي!! جتي امن ھو، جتي ڪوِل مارڻ کي ڪبيرا گناھ سمجھيو ويندو ھو، ڌرتيءَ جي دز دز تان ساھ صدقي ٿيندو ھو، جاگرافيائي حدن ۾ اڻ ڄاتلن کي تحفظ جو احساس ٿيندو ھو، اڄ اھوسڀ تبديل نظر اچي ٿو. ھلندڙ کان گذريل ھفتي دوران پوري سنڌ مان اھي ڇرڪائيندڙ رپورٽون اچي رهيون آهن، جن جو امڪان سنڌ جي سڄڻن رزاق آباد پوليس ٽريننگ سينٽر تي سال 2014ع ۾ ٿيل حملي ۾ ڪيو ويو ھو. تڏھن چيو ويو ھو تہ اھا دھشتگردي جي لھر پوري سنڌ ڏانھن سفر ڪندي ۽ پوءِ آغا خانين جي بسن، قلندر لعل جي پانڌيئڙن، شڪارپور جي امام بارگاهه، خانپور ۾ عيد ڏھاڙي پھتل دھشتگردن ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي تي ٿيل حملن، درگاھ حاجن شاھ ماڙي واري تي ٿيل حملي ۽ ٻين حملن جي صورت ۾ سمورو لقاءُ سنڌ ڏٺو ھو، جنھن تي اڄ بہ امن ۽ انسانيت دوست انسان حيرت جو اظهار ڪن ٿا. “

راھب جي سياسي رومانس جي پس منظر ۾ لکيل ھن ليک ۾ بہ صحتمند ۽ مثبت لاڙن جو ڀرپور خيال نظر اچي ٿو جنھن ھو لکي ٿو تہ ”سياست فقط ووٽ وٺڻ ، وڏيون تقريرون ڪري عوام کي ڏٽا ڏئي  فقط اقتدار جي گول چيئر تي ڦيريون پائڻ جو نالو ناھي، سياست ۾ کوڙ سارا اصطلاح ۽ روز جا تبديل ٿيندڙ سياستدانن جا بيان پاڻ کي روز ئي نظر اچن ٿا، جن جو ڪو بہ احتساب ڪا تورتڪ نہ آھي ۽ اھڙي ترڪتالن، حرفتن ۽ ماھرانہ روز تبديل ٿيندڙ روين تي اڃا تائين ڪو بہ نالو نہ رکيو ويو آھي. ھونئن تہ اسان وٽ اعتدال پسند، جمھوريت پسند، محب وطن قوم پرست وغيرہ جو واڪو ھر روز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، ڪڏھن ترقي پسندي جي ميراٿن ريس ڪرائي ويندي، ڪڏھن ڪتاب ساڙيا ويندا، ڪڏھن اسلام جي سربلنديءَ خاطر، ڪڏھن سنڌ جي بقا جي جدوجھد خاطر اٽڪلون ڪبيون پيون تہ پاڻ اھڙي ست رنگي سياست کي ڪھڙو نالو ڏيون.“

 راھب ٻپڙ جي ھيءَ تحرير بہ وڏي غور فڪر جي گھرجائو آھي. ھو لکي ٿو تہ ”صحافت عربي ٻوليءَ جي لفظ صحيفي مان ورتل آھي جنھن جي معني آھي نسخا يا ڪا خاص لکڻي لکڻ ۽ لفظ “صحافت” کي پراڻي دور ۾ مقدس لکڻيون لکڻ وارن سان منسوب ڪيو ويندو هو، مقدس لکڻيون جهڙوڪ آسماني ڪتابن کي تحرير جي پڪڙ ۾ پڪڙائي نسخا تيار ڪرڻ ۽ ان سڄي ڪم جي سهيڙيندڙ کي صحافي چيو ويندو هو. لفظ “صحيفو” قرآن پاڪ ۾ اٺن جاين تي آيل آهي ۽ اصل ۾ لفظ صحافت صحيفي مان ئي ورتل آهي، ۽ اهڙو ئي ذڪر نالي واري ڏاهي ڊاڪٽر عبدالسلام خورشيد پنهنجي ڪتاب “فن صحافت” ۾ به ڪيو آهي، پر اڄ جيڪڏهن اسين هڪ صحافي جي معني ۽ مقصد جا پيرا کڻنداسين ته پاڻ کي اهو معلوم ٿيندو ته صحافي معني حق جو ڳولهائو، سچ جو علمبردار، مظلومن جو دوست، انياءَ ۽ ظلم خلاف جنگ جوٽيندڙ، اڇا ۽ ڪارا پڌرا ڪندڙ وقت ۽ حالتن پٽاندڙ سماج ۾ اُڀرندڙ نت نين کوجنائن ۾ مصروف عمل، ائين ۽ اوچتو اڀرندڙ حالتن ۾ عوام کي سجاڳي ڏيندڙ واڳ ڌڻين کي ڳوٺن کي ڳلين کان شهر جي پرشور ماحول ۾ مظلومن جي دانهُنِ جي جانڪاري ڏيندڙ، وقت بوقت ظلمن جا داستان جان جوکي ۾ وجهي به اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي توسط سان منظر تي آڻيندڙ، اڄ جي دور ۾ هڪ صحافي جو ڪم اهڙو ئي ٿئي ٿو، اڄ صحافت ڪيترو آزاد آهي، ڪيترو نه اهو هڪ پيچيده بحث آهي.“

پريميت واري تحرير ۾ راھب محبت سان سر شار ڌڙڪندڙ دلين جي دانھن بڻجي لکي ٿو تہ ”جان من پنهنجي ماحول ۾ ٻوسٽ آهي، جُون جي گرمي آهي. لڪ لڳي رهي آهي. پاڻ ٻئي ڪنهن جوت ۽ جواني ڏيندڙ ڇانو جي خيال ۾، ساڀيان جي سوچ ۾ هڪ سوچ جو روپ ڌاري حقيقت جي اوسيئڙي ۾ اڪيلا ۽ بي يار مددگار سفر ڪري رهيا آهيون، چوطرف ماڻهن جي ٺاهيل مڪارين ۽ رسمن جا صليب آهن، گگهه اونداهه آهي، پر مڙني مجبورين باوجود منهنجي حسن جي مڙني مهانڊن، ادائن ۾ رڳو تون ئي تون آهين ۽ اها خبر مون واري نڪ ٽوڙي نرمل شيدين جهڙي ڪاري ور (مڙس) ۽ گهر ڀاتين کي به چڱي ريت  آهي. مان ڀلي بابا جي عزت رکي ٽي ڀيرا ڪنڌ ڌوڻي نڪاح جو چوغو پهري هن بي سري جي هنج ۾ نه چاهيندي به ڪنهن جهوٽ تي اڻ ڄاتل منزل تي لڏندي وتان پر منهنجي جان! مون ته تنهنجي اکڙين جي پنڀڙين ۾ بانڀڙا پائي جواني ورتي آهي ۽ اڃان تائين تنهنجي ڀنل اکڙين جي ڪنارن تي منهنجي بچپن جي محبت جي پينگهه ٻڌل آهي. مون وٽ تولئه اها ساڳي دنيا آباد آهي، پياس جي خيال تان ڳلن جي آسمان تان توکي وڻندڙ ٻن نيڻن مان لڙڪن جا وسندڙ بادل اٿئي! اعتباري جا چسڪا، انتظاري جون چميون، توکي وڻندڙ ڳالهين جا گلدستا، گلاب، راهون، مان، گهر گهٽيون ۽ منهنجا چارئي ٻار تنهنجي ميزباني جا منتظر آهن، ان ڪري منهنجي جان جيستائين منهنجو وجود هن ڌرتي تي آهي ان وقت تائين منهنجي ساٿ کان مايوس نه ٿجان ۽ پنهنجي مُک تي مرڪن جا اجها اڏي خوش رهجان ڇو ته منهنجي زندگيءَ ۾ فقط توکي خوش ڏسڻ کانسواءِ ڪجهه ڪونهي.“

حقيقت اھا آھي تہ راھب جي تحريرن تي تفصيلي جائزي ۽  ھڪ  الڳ ڪتاب لکڻ جي ضرورت آھي پر ھتي سندس ڪجھ تحريرن جا حوالا ڏيئي سندس علمي، ادبي ۽ صحافتي سوچ لوچ کي نروار ڪرڻ جي ننڍڙي ڪوشش ڪئي وئي آھي.

اميد آھي تہ راھب ٻپڙ جي تحريرن تي مشتمل ڪتاب ” اَگھيو ڪائو ڪچ“ پڙھندڙن جي ڄاڻ ۾ واڌاري جو سبب ضرور بڻبو. نہ رڳو ايترو پر ھي ڪتاب صحافتي، ادبي ۽ سماجي سڄاڻ  دوستن لاءِ تخليقي مواد جي پرک ۽ مسئلن جي پروڙ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

_____________

Naseem Bukhari-The AsiaN

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي “وک ” شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button