اسلام آباد جي اسپتال ۾ باھ جو سانحو: منٽن جي باھ سالن جي نااهلي ظاھر ڪري ڇڏي
پمز اسپتال ۾ لڳل باهه ڪو عام واقعو نه آهي، اھو ملڪ جي صحت، فائر سيفٽي، لائف سيفٽي ۽ ايمرجنسي انتظامن بابت ڪيترن ئي بنيادي سوالن کي جنم ڏئي ٿو. هي واقعو پاڪستان ۾ پهريون اهڙو سانحو ناهي، جنهن ۾ اسپتالن جي انتظام، حفاظتي انتظامن ۽ ايمرجنسي رسپانس تي سوال اٿيا هجن. 2025ع ۾ پاڪپتن جي DHQ اسپتال ۾ 20 ٻارن جون فوتگيون ٿيون، جن مان 15 نوان ڄاول ٻار هئا. 2024ع ۾ ساهيوال ٽيچنگ اسپتال جي ٻارن واري وارڊ ۾ باهه کان پوءِ مجموعي طور 11 ٻارن جي فوت ٿيڻ جو واقعو پيش آيو.

نسيم بخاري
اسلام آباد جي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (PIMS) جي نرسري ۾ لڳل باهه چوڏهن پندرهن نون ڄاول ٻارڙن جون حياتيون کسي ورتيون.
شروعاتي طور تي اختيارين طرفان اي سي جي ڪمپريسر ڦاٽڻ يا شارٽ سرڪٽ کي باهه لڳڻ جو امڪاني سبب قرار ڏنو ويو هو، پر تحقيق ۾ اڳڀرائي کانپوءِ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته في الحال اي سي کي باهه لڳڻ جو سبب قرار نٿو ڏئي سگهجي. سينيٽ جي صحت بابت ڪميٽي جي چيئرمين موجب، سي سي ٽي وي رڪارڊ مان پڻ اي سي کي باهه جو ذريعو ثابت نٿو ڪري سگهجي. آڪسيجن پائپ لائن ۽ بجليءَ جي وائرنگ ۾ امڪاني خرابي پڻ جاچ هيٺ آهي.
پمز جي پنهنجي ابتدائي رپورٽ ۾ هڪ مختلف امڪان سامهون آيو هو. رپورٽ موجب اين آءِ سي يو ۾ انڪيوبيٽر جي ويجهو آڪسيجن جو مقدار ظاهر ڪندڙ نيبيولائزر ڦاٽڻ، آڪسيجن کي باهه لڳڻ ۽ دونهون ٻارن جي ساهه جي نظام تائين پهچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو هو.
تحقيقي ڪميٽيءَ کي 48 ڪلاڪن اندر فوري سفارشون پيش ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو، جڏهن ته مڪمل رپورٽ تقريباً پنجن ڏينهن اندر پيش ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.
هن افسوسناڪ واقعي کانپوءِ سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ باهه کان بچاءَ جي انتظامن، ايمرجنسي نڪرڻ جي رستن، فائر فائٽنگ جي سامان ۽ مجموعي حفاظتي نظام بابت سخت سوال اٿي رهيا آهن. يونيسيف پڻ پاڪستان جي طبي مرڪزن ۾ فائر سيفٽي جا معيار فوري طور بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو آهي.
هي واقعو صرف هڪ اسپتال ۾ لڳل باهه جو واقعو نه آهي، پر ملڪ جي صحت، فائر سيفٽي، لائف سيفٽي ۽ ايمرجنسي انتظامن بابت ڪيترن ئي بنيادي سوالن کي جنم ڏئي ٿو. سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته جيڪڏهن باهه لڳڻ هڪ حادثو هو ته ڇا انهن ٻارڙن جو مرڻ به لازمي هو؟

عيني شاهدن جي بيانن، سامهون آيل CCTV بابت دعوائن ۽ والدين جي شڪايتن ۾ عملي جي موجودگي، ايمرجنسي رستن، دروازن ۽ ريسڪيو جي رفتار بابت سنگين سوال اٿاريا ويا آهن. ٻئي طرف PIMS انتظاميا جو موقف آهي ته واقعي وقت ڊاڪٽر ۽ نرسنگ اسٽاف موجود هو ۽ ٻارن کي بچائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون.
انهيءَ تضاد جو فيصلو جذبات سان نه، پر CCTV، ڊيوٽي روسٽر، فائر الارم رڪارڊ، ايمرجنسي ڪال لاگ ۽ ريسڪيو ٽائمنگ جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي. پر واقعي جي حقيقي سنگيني ان سوال سان شروع ٿئي ٿي ته اسپتال وٽ باهه لڳڻ کان اڳ ڪهڙي تياري هئي؟
ڇا اسپتال جو عملو فائر ايمرجنسي لاءِ تيار هو؟
نون ڄاول ٻار جي نرسري عام وارڊ نه هوندي آهي. اتي موجود ٻار پاڻ نه ڊوڙي سگهن ٿا، نه ايمرجنسي ايگزٽ تائين پهچي سگهن ٿا ۽ نه ئي پنهنجي حفاظت ڪري سگهن ٿا.
ان ڪري اتي ڪم ڪندڙ عملي کي رڳو طبي علاج جي تربيت ڪافي نه آهي؛ کين اهو به معلوم هجڻ گهرجي ته باهه لڳڻ جي صورت ۾ الارم ڪيئن فعال ڪرڻو آهي، باهه کي ابتدائي سطح تي ڪيئن ڪنٽرول ڪرڻو آهي، فائر ايڪسٽنگوشر ڪيئن استعمال ڪرڻو آهي، آڪسيجن واري ماحول ۾ ڪهڙا احتياط ڪرڻا آهن ۽ ٻارڙن کي محفوظ هنڌ ڪيئن منتقل ڪرڻو آهي.
جيڪڏهن تحقيق مان اهو ثابت ٿئي ته PIMS جي عملي کي اهڙي عملي تربيت نه ڏني وئي هئي، فائر ڊرلز باقاعدگي سان نه ٿينديون هيون يا Life Safety System بابت عملي کي مناسب ڄاڻ نه هئي، ته پوءِ ذميواري صرف ان شخص تائين محدود نٿي رهي سگهي جيڪو باهه لڳڻ وقت ڪنهن هڪ ڪمري ۾ موجود هو. پوءِ سوال انتظاميا جي پاليسي، تربيت ۽ نگراني تائين وڃي ٿو.
رپورٽن موجب فائر سيفٽي جي خامين بابت لاڳاپيل ادارن طرفان ماضي ۾ بار بار نشاندهي ۽ نوٽيس ڏنا ويا هئا. انهن ۾ تربيت يافته عملي، فائر سيفٽي انتظامن، عمارت جي evacuation ۽ لائف سيفٽي بابت قدم کڻڻ جون سفارشون به شامل هيون. جيڪڏهن واقعي اهڙا نوٽيس موجود هئا ته سڀ کان وڏو سوال اهو آهي:
جنهن خطري جي اڳواٽ خبر هئي، ان کي ختم ڇو نه ڪيو ويو؟
2018ع کان خبردارين جو سلسلو هجي يا پوءِ جي معائني ۽ سفارشن جون حقيقتون، انهن سڀني جو رڪارڊ هاڻي عوام آڏو اچڻ گهرجي. اهو به معلوم ٿيڻ گهرجي ته ڪهڙي آفيسر کي ڪهڙي وقت ڪهڙي خامي بابت لکيو ، ان تي ڪهڙو عمل ٿيو ۽ جيڪڏهن عمل نه ٿيو ته ڇو نه ٿيو؟. ڇو ته سانحو ٿيڻ کان پوءِ غلطي ڳولھڻ کان وڌيڪ اهم سانحو ٿيڻ کان اڳ خطرو ٽارڻ آهي.
فائر سيفٽي جو مطلب صرف ڪجھ fire extinguishers رکڻ نه آهي.
هڪ جديد اسپتال ۾ Life Safety System ۾ فائر الارم، سموڪ ڊٽيڪٽر، اسپرنڪلر، ايمرجنسي لائيٽ، واضح Exit Signs، کليل ايمرجنسي رستا، فائر ڊور، محفوظ آڪسيجن سسٽم، باقاعده inspection، تربيت يافته عملو ۽ عملي evacuation drills شامل هوندا آهن. خاص طور NICU ۽ nursery لاءِ اهڙو نظام وڌيڪ سخت هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اتي موجود مريض پاڻ کي بچائڻ جي قابل نه هوندا آهن.
ان ڪري هاڻي تحقيق جو هڪ بنيادي حصو اهو به هجڻ گهرجي ته PIMS ۾ اهي سڀ انتظام ڪهڙي حالت ۾ هئا ۽ آخري ڀيرو انهن جي عملي طور جانچ ڪڏهن ٿي هئي
هي واقعو پاڪستان ۾ پهريون اهڙو سانحو ناهي، جنهن ۾ اسپتالن جي انتظام، حفاظتي انتظامن ۽ ايمرجنسي رسپانس تي سوال اٿيا هجن. 2025ع ۾ پاڪپتن جي DHQ اسپتال ۾ 20 ٻارن جون فوتگيون ٿيون، جن مان 15 نوان ڄاول ٻار هئا. ان واقعي کان پوءِ آڪسيجن جي فراهمي ۽ انتظامي معاملن بابت سنگين سوال سامهون آيا.
2024ع ۾ ساهيوال ٽيچنگ اسپتال جي ٻارن واري وارڊ ۾ باهه کان پوءِ مجموعي طور 11 ٻارن جي فوت ٿيڻ جو واقعو پيش آيو. ان واقعي پڻ فائر سيفٽي ۽ ٻارن کي بروقت محفوظ هنڌ منتقل ڪرڻ بابت سوال پيدا ڪيا. يعني مسئلو ڪنهن هڪ اسپتال جو ناھي؛ مسئلو حفاظتي نظام کي سنجيدگيءَ سان نه وٺڻ جو آهي.
ڪراچي جو گل پلازا واقعو به اسان کي ساڳيو سوال ٻيهر ياد ڏياري ٿو: ڇا اسان وٽ سانحو ٿيڻ کان اڳ حفاظتي ضابطا لاڳو ڪرائڻ جو ڪو مؤثر نظام موجود آهي؟
جنوري 2026ع ۾ گل پلازا ۾ لڳل باهه وڏي جاني ۽ مالي نقصان جو سبب بڻي. بعد ۾ سامهون آيل جاچ ۾ ايمرجنسي رستن، فائر سيفٽي، ريسڪيو سامان، تربيت ۽ پاڻي جي فراهمي سميت ڪيترن ئي معاملن تي سوال اٿيا. رپورٽن موجب ڪجهه حفاظتي سفارشون اڳواٽ موجود هئڻ باوجود لاڳو نه ٿيون .گل پلازا جو سانحو PIMS کان مختلف هو، پر بنيادي سوال اھو ئي آهي ته: جڏهن خطرو اڳ ۾ موجود هجي ۽ ادارن کي ان جي خبر به هجي ته پوءِ ڪارروائي سانحي کان اڳ ڇو نٿي ٿئي؟
عام ماڻهوءَ کان اها اميد نٿي رکي سگهجي ته هو پاڻ فائر سيفٽي جو ماهر هجي. دڪاندار پنهنجو ڪاروبار ڪرڻ لاءِ عمارت ۾ وڃي ٿو، مريض علاج لاءِ اسپتال وڃي ٿو، والدين پنهنجو ٻار علاج لاءِ نرسري ۾ داخل ڪرائين ٿا. اهي سڀ ماڻهو اهو حق رکن ٿا ته جنهن عمارت ۾ داخل ٿين ٿا، اها رياستي قانون ۽ حفاظتي معيارن مطابق محفوظ هجي.
نقصان ٿيڻ کان پوءِ معاوضو، پر نقصان کان اڳ بچاءُ ڪٿي؟
گل پلازا کان پوءِ متاثرن لاءِ معاوضي ۽ بحاليءَ جا قدم کنيا ويا، پر هتي به بنيادي سوال باقي رهي ٿو: جيڪو انسان هليو ويو، ڇا معاوضو ان کي واپس آڻي سگهي ٿو؟ جيڪو ٻار يتيم ٿيو، ان جي زندگي مان وڃايل والدين واپس اچي سگهن ٿا؟ جنهن واپاري جو سالن جو ڪاروبار سڙي ويو، ڇا رقم سندس گذريل محنت جا سال واپس آڻي سگهي ٿي؟
ان ڪري رياست جي ذميواري صرف سانحي کان پوءِ معاوضو ڏيڻ تائين محدود نه هجڻ گهرجي. رياست جي پهرين ذميواري آهي ته سانحو ٿيڻ کان اڳ ان کي روڪڻ لاءِ پنهنجا قانون، ادارا، ماهر، تربيت ۽ نگراني جو نظام مؤثر بڻائي ۽ جيڪڏهن ڪنهن اداري جي غفلت سان نقصان ٿئي ته متاثرن کي ڪربروقت، شفاف ۽ مناسب ازالو ڪرڻ به رياست جي ذميواري آهي.

عوام هر ڀيري قرباني جو ٻڪر ڇو؟
PIMS ، گل پلازا جا دڪاندار ۽ مزدور هجن يا ڪنهن ٻئي عمارت جا عام ماڻهو ــ هر ڀيري نقصان عوام کي ئي ڇو برداشت ڪرڻو پوي ٿو؟ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، عمارتن جا معائنو ڪندڙ کاتا، اسپتال انتظاميا، بلڊنگ ڪنٽرول جا ادارا ۽ لاڳاپيل سرڪاري کاتا آخر پنهنجي ذميواري ڪڏهن قبول ڪندا؟
جيڪڏهن ڪنهن اداري کي خبر هجي ته ايمرجنسي رستو بند آهي ۽ پوءِ به اهو کولايو نه وڃي، جيڪڏهن فائر سيفٽي جي خامي معلوم هجي ۽ پوءِ به ان کي درست نه ڪيو وڃي، جيڪڏهن عملي کي تربيت گهربل هجي ۽ اها نه ڏني وڃي، ته پوءِ حادثو ٿيڻ کان پوءِ رڳو هيٺين سطح جي ملازم کي ذميوار قرار ڏيڻ سان انصاف مڪمل نٿو ٿي سگهي.
ذميواري ان سطح تائين وڃڻ گهرجي جتي فيصلو ڪرڻ ۽ نظام درست ڪرڻ جو اختيار موجود آهي. ڪنهن کي هٽائڻ، معطل ڪرڻ، گرفتار ڪرڻ يا انڪوائري ڪميٽي جوڙڻ ڪجهه وقت لاءِ عوام کي اهو احساس ضرور ڏئي سگهي ٿو ته ڪارروائي ٿي رهي آهي، پر جيستائين ايمانداريءَ سان، سنجيدگيءَ سان ۽ مستقل بنيادن تي نظام کي درست ڪرڻ جو پڪو فيصلو نه ڪيو وڃي، تيستائين اهڙيون ڪارروايون مسئلي جو مستقل حل نٿيون بڻجي سگهن.
جيڪڏهن اڄ ڪجهه آفيسر معطل ٿين، سڀاڻي انڪوائري رپورٽ اچي، ڪجهه ڏينهن ميڊيا تي بحث هلي ۽ پوءِ ڪجهه مهينن کان پوءِ ساڳيون فائر سيفٽي خاميون، ساڳيا بند رستا، ساڳيا غيرتربيت يافته ملازم ۽ ساڳيا ناقص Life Safety Systems ٻيهر موجود هجن، ته پوءِ PIMS جا چوڏهن پندرهن معصوم ٻار ۽ گل پلازا جا متاثر اسان کي ڪهڙو سبق سيکاريندا؟
اصل ضرورت ماڻهن کي قرباني جو ٻڪر بڻائڻ نه، پر نظام کي تبديل ڪرڻ جي آهي. اسان کي حادثن کان پوءِ جاڳندڙ رياست نه، حادثن کان اڳ خبردار رياست گهرجي مهذب معاشرن ۾ فائر سيفٽي صرف هڪ سرٽيفڪيٽ جو نالو ناهي؛ اها مسلسل نگراني، تربيت، عملي مشق ۽ ذميواري جو نظام آهي. اسپتالن ۾ عملي کي فائر ايمرجنسي جي تربيت ڏني وڃي. هر اسپتال ۽ وڏي عمارت جو باقاعده آزاد Fire & Life Safety Audit ٿئي. ايمرجنسي رستا هر وقت کليل رکيا وڃن. فائر الارم، اسپرنڪلر ۽ ٻيا حفاظتي نظام مسلسل ڪم ڪندڙ حالت ۾ رکيا وڃن. عملي کان باقاعده Fire Drills ورتيون وڃن. سڀ کان اهم، جيڪڏهن ڪنهن اداري کي خطري بابت اڳواٽ خبردار ڪيو ويو هجي ته ان وارننگ کي نظرانداز ڪرڻ به انتظامي غفلت تصور ڪيو وڃي. ڇو ته رياست جو ڪم صرف مئل ماڻهن لاءِ معاوضو رکڻ نه آهي.
رياست جو پهريون فرض اهو آهي ته ماڻهو مري ئي نه.
PIMS، پاڪپتن، ساهيوال ۽ گل پلازا جا واقعا اسان کي هڪ ئي سبق ڏين ٿا: حادثا هميشه روڪي نٿا سگهجن، پر ڪيترائي نقصان ضرور روڪي سگهجن ٿا.
هاڻي سوال اهو ناهي ته ايندڙ سانحي کان پوءِ ڪير معطل ٿيندو.
سوال اهو آهي ته ايندڙ سانحو ٿيڻ کان اڳ ڪير جاڳندو؟
ڇو ته باهه ڪجهه منٽن ۾ لڳي ٿي، پر ان کان بچاءُ جو نظام سالن جي سنجيدگي، تربيت، نگراني ۽ ذميواري سان ٺهندو آهي :
عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت آخر ڪنهن جي ذميواري آهي؟
_______________

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي “وک ” شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.



