فلم ڪھاڻي: انڊو – ڪوريا گڏيل ثقافتي سهڪاري فلم Made in Korea
ھن فلم ۾ تامل ناڊو جي هڪ ڏورانهين واديءَ جي هڪ ننڍڙي پري پنھنجي اکين ۾ ڪوريا ديش وڃڻ ۽ ڏسڻ جا خواب سجائي ٿي. هوءَ ننڍڙي هوندي اسڪول ۾ ڪوريا جي هڪ ديو مالائي ڪردار جو ڪردار ادا ڪندي انهي جي ديش جو خواب اکين ۾ سجائي ويھي ٿي رهي . سڀ ڪو چوي ٿو تہ مان انجنيئر، مان ڊاڪٽر، مان نرس ، مان پائليٽ ٿيندس پر هوءَ چوي ٿي تہ مان ڪوريا ويندس . معصوم ايتري جو هڪ ڏينهن ريلوي اسٽيشن تي پهچي وڃي ٿي ريل گاڏيءَ ۾ چڙهي ڪوريا وڃڻ لاء .

ذوالفقار ناصر ساريو
ڪتاب ڪهاڻيءَ کان پوء فلم ڪهاڻي جي بہ عجيب ھوندي آھي . ڪتاب ڪهاڻي ۾ پڙهندڙ صرف لفظن سان گڏ لڏندو لمندو آهي پر فلم ڪهاڻي ۾ هو لفظن سان گڏ منظرن ۾ بہ تن من سان گڏ رقص ڪرڻ لڳندو آهي . زندگي جا موضوع آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن پر انهن تي لاتعداد ڪتاب ۽ فلمون لائبريرين ۾ سجايل آھن . بس اهو ان تخليقڪار جي تخيل جو ڪمال آهي تہ انهي موضوع کي ڪيئن ٿو نڀائي ۽ ڏسندڙ کيس ڪيئن ٿو ڏسي . هالي ووڊ کان پوءِ بالي ووڊ انڊسٽري جو راڄ رهيو آهي . انهي راڄ کي قائم ڪرڻ لاءِ اها انڊسٽري پنهنجي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ٿيندي، پاڪستان جي بارڊر ۽ افغانستان جا جبل ٽپي بلوچستان پهتي ۽ پوء لياري جي هيئنر گم ٿيل گينگسٽرن ۽ سندن گينگ وار کي ٻيهر ميڊيا تي مچائي ڇڏيو آهي. اصل ڪهاڻي سان فلم پروڊيوسر جو ڇا وڃي . هُو تہ بس ڊالرن جي تلاش ۾ هوندو آهي ۽ اهڙيون فلمون يقينن ڪمائو پٽ جيان هونديون آهن .

نيٽ فلڪس Netflix جي دنيا پڻ ڪشش واري دنيا آهي. اڄڪلھ نيٽ فلڪس جي ڄار ۾ ڪجھ سٺيون فلمون بہ ڦاٿل آهن . فلم ڪاڪ ٽيل Cocktail اٽلي ديش جي آزاد ٻيٽ سسلي Sicily جي گهٽين ۾ گهمندڙ هندي سياحن جي وچ ۾ پيار ڪهاڻي آهي جنهن ۾ پريمڪا پنهنجي پيار کي پنهنجي پياري سنگتياڻي هٿان آزمائڻ ٿي چاهي تہ پوءِ کيس اهو پيار سندس پياري سنگتياڻي هٿان کسجندي محسوس ٿئي ٿو. فلم ” مين واپس آئون گا ” ۾ وري 95 سالن واري هڪ جهوني شخص (نصير الدين شاھ ) جي پيار ڪهاڻي واري پريميڪا پاڪستان جي سرحدن ۾ قيد سرگوڌا شھر ۾ ڦاٿل آهي . انهي جهوني شخص کان سڀ پنهنجا پرين پيارا تہ وسري ويا آهن پر … پهرين پيار کي هو اڄ بہ وساري ناهي سگهيو . ڀلي شهر سرحدن ۾ سڪڙجي وڃن پر هن جي محبت ۽ هن جو لکيل گيت اڄ بہ محبوب لاء منتظر آهي. فلم Maareesan ۾ معاشري کي انصاف ڏيڻ ۽ برائي جي گند کي صاف ڪرڻ لاء هڪ شخص ويسارو Alzheimer Patient بڻجي ، قانون کي ڪمزور سمجھي تامل رياست جي خوبصورت قدرتي شهرن ۾ بدنام ڏوهارين کي پاڻ سزا ڏيندو ٿو وتي .

انڊو ڪورين گڏيل ثقافتي سهڪار Indo Korean Cross – Cultural سان وري ٻن ملڪن جي رهڻي ڪهڻي ، اٿڻي ويهڻي کي فلم Made In Korea نالي فلم ۾ فلمبند ڪيو ويو آهي. ھن فلم ۾ ڪهاڻيڪار تامل ناڊو جي هڪ ڏورانهين واديءَ جي هڪ ننڍڙي پري جي اکين ۾ ڪوريا ديش وڃڻ ۽ ڏسڻ جا خواب ٿو سجائي ٿو. خواب ڏسڻ هر ڪنهن جو حق آهي . هوءَ بہ ننڍڙي هوندي اسڪول ۾ ڪوريا جي هڪ ديو مالائي ڪردار جو ڪردار ادا ڪندي انهي جي ديش جو خواب اکين ۾ سجائي ويھي ٿي رهي . سڀ ڪو چوي ٿو تہ مان انجنيئر، مان ڊاڪٽر، مان نرس ، مان پائليٽ ٿيندس پر هوءَ چوي ٿي تہ مان ڪوريا ويندس . معصوم ايتري جو هڪ ڏينهن ريلوي اسٽيشن تي پهچي وڃي ٿي ريل گاڏيءَ ۾ چڙهي ڪوريا وڃڻ لاءِ . ڪوريا جا گيت سندس چپڙن تي رهن ٿا .

پوءِ هڪ ڏينهن اها تامل وينگس ناري پريانڪا شينبا Shenba ، پنهنجي بابا جا خواب وڪڻي نيٺ تامل ناڊو جي خوبصورتي ڇڏي ڪوريا / سيئول Seoul جي ڪاڪ محل تي پهچي ٿي . اهي ئي روايتي ناتر وارا ٽڪساٽ . دوست جي بي وفائي ، نوڪري وارو فراڊ سندس اڳ ۽ دڳ جهلي بيهن ٿا . پرائو ديش ، اوپرا ماڻهو. اکين ۾ اداسي ۽ ڳوڙها … پوءِ هڪ اميد ، هر شئي جي آخري حد اصل ۾ نئين شروعات هوندي آهي . سندس نئين زندگي جي شروعات ٿي وڃي ٿي . محبتن جي شهر ۾ محبتون کيس ويلڪم ڪن ٿيون .
هن اجنبي ناريءَ جا هڪ اجنبي ديش ۾ سڀ دڳ سڻاوا ۽ سهنجا ٿي پون ٿا. هڪ خوبصورت ٽڪ ٽاڪر ڀرجهلو دوست ۽ هڪ پياسي ممتا جي محبت کيس ڀاڪر ۾ ڀري وٺي ٿي . سچ چيو اٿن تہ ماڻهو جيڪڏهن پاڻ سٺو آهي تہ پوءِکيس سٺا دوست ئي پلئہ پوندا آهن . انهن جي خبر کيس تڏهن ٿي پئي جڏهن سندس ڳوٺ ۾ آفت اچي ٿي ۽ پوءِ ھُوءَ مينھن واچ ڪري اڏامي اچي پنهنجي ديش لهي ٿي . والدين کي سلامت ڏسي سک ۽ شانتي ماڻي ٿي پر اندر جو خالي پڻو کيس احساس ڏياريندو رهي ٿو . سچا دوست ڀلا ڪٿي ٿا ڪنهن کي وساري سگهن . ڪوريا جا دوست کيس سندس ديش ۾ اچي ڳولي ٿا لهن ۽ پوءِ کيس واپس وٺي ٿا وڃن … پر هوءَ واپس تہ اچي ٿي ليڪن هاڻي سندس امڙ جيان پيار ڪندڙ ڪورين جيجي جي ڪرسي خالي ٿي وڃي ٿي ….

هن فلم جا ڏسندڙ ضرور هڪ نئين دنيا ڏکڻ هندستان کان ڏکڻ ڪوريا جو سفر ڪندا. نوان خوبصورت چهرا هڪ نئين خوبصورت دنيا جو سير ڪرائيندا . انگريزي ، ڪورين ۽ تامل سان گڏ هندي / اڙدو ، تيلگو ، ڪنڙ / ڪنادي ۽ ملايالم ٻولين ۾ ڏسندڙن لاء اسڪرين تي انتظار ڪري رهي آهي . Made in Korea ڪنهن برانڊ جو ٽيگ ڀلي هجي پر هي فلم محبتن ، دوستين ۽ خوابن جي ڪهاڻي آهي جيڪا تامل ناڊو مان نڪري ڪوريا ديش ۾ نسري ۽ ٺهي آهي.
_________________

ذوالفقار ناصر ساريو، حيدرآباد سنڌ



