سنڌي ادب: غدار ابنِ غدار (نثري نظم)
ناليواري شاعرہ حميرا نُور جو آزاد نظم
حميرا نُور جو اصل نالو حميرا شمس شيخ آھي. سوشيالاجيءَ ۾ سندس ماسٽرس ڪيل آھي. پاڻ ڪالم نگار، ڪھاڻيڪار ۽ شاعرہ آھي. سندس چار ڪتاب ڇپيل آھن جن ۾ درد جي خوشبو، زائفان ذات ، تون ۽ مان ، ۽ گنگيون زندگيون، شامل آھن.

غدار ابنِ غدار
او غدار ابنِ غدار
تنهنجي نالي سان
ڌرتيءَ جا زخم
جاڳي پون ٿا،
تنهنجي قدمن هيٺان
مٽي نه،
ماڻهن جا خواب مرڪن ٿا.
تون وڪڻي آئين!!!!
پنهنجي ئي ڌرتيءَ جو
سؤدو به ڪري آئين!!!
پر ياد رکجان
ڌرتيءَ جا پٽ
سوديبازي نه ٿا ڄاڻن.
اسان جي اکين ۾
اڃا به آزاديءَ جا ڏيئڙا ٻرن پيا
اسان جي لفظن ۾
اڃا به بغاوت جي باھ تپيل آهي
۽ اسان جي خاموشي
تنهنجي فتح ناهي
طوفان کان اڳ جو اعلان آهي.
تون نالن جا تخت ٺاهين ٿو
اسان تاريخ لکون ٿا.
تون اوچيون ديوارون اڏين ٿو
اسان سوال اٿاريون ٿا
تون خوف ورهائين
اسان حوصلو پوکيون ٿا.
او غدار ابنِ غدار!!!!!
تنهنجو نالو
شايد تختن تي لکجي
پر عوام جي دلين ۾
فيصلو هميشه ٻيو هوندو.
ڇو ته ڌرتي
ڪنهن هڪ شخص جي
ملڪيت ناهي ھوندي،
هيءَ انهن جي امانت آهي
جيڪي ان لاءِ
سچ ڳالهائين ٿا
ظلم آڏو بيهن ٿا
۽ پنهنجو ضمير
ڪڏهن به وڪڻڻ نه ٿا ڏين.
تون اڄ کلين ٿو!؟
سڀاڻي وقت کلندو.
۽ تاريخ جي عدالت ۾
نه تنهنجا محل ڳالهائيندا
نه تنهنجا منصبَ
اتي رڳو هڪ سوال هوندو.
تون ڌرتيءَ سان بيٺو هئين؟؟
يا ڌرتيءَ جي دشمنن سان؟؟
اسان قلم کڻنداسين،
پر قلم مان
نفرت نه
مزاحمت جنم وٺندي.
اسان آواز بلند ڪنداسين
ان آواز ۾
ماڻهن جي آزادي ڳالهائيندي.
او غدار ابنِ غدار!!!!!
ٻڌي ڇڏ
وقت وڏو شاهد اٿئي ته
ظلم جا پاڇا ڊگها ٿيندا آهن
پر سج کي ڪڏهن به
قيد نه ٿو ڪري سگهجي
سنڌ سج جيان آ
۽ اسان ان جا ڪِرِڻا آھيون.
_______________

حميرا نور



