Main Slide
-
سنڌي ادب: آزاديءَ جو گيت (ادبي ڪالم)
آئرلينڊ جي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ شامل نوجوان انقلابين جي ڪھاڻي، جن برطانوي سامراج جي جيلن ۾ بند هجڻ جي باوجود پنھنجي عزم ۽ حوصلي کي برقرار رکيو. ڪهاڻيءَ ۾ پن ڇڻ جي موسم جي نااميدي ۽ بھار جي موسم جي اُميد جي تضاد، ۽ آزاديءَ جي متوالن جي ناقابلِ…
« وڌيڪ پڙھو -
تمر جا ٻيلا ۽ ماھيگيرن جي بقا: ڪتاب ”ماھيگير اور سوشل موومنٽ“ جو اڀياس
”ماھيگير اور سوشل موومنٽ“ سنڌ جي سامونڊي پٽي، ماھيگيرن جي حياتياتي ۽ معاشي جدوجھد، ۽ تمر جي تباه ٿيندڙ ٻيلن جي حساس موضوع تي اردوءَ ۾ لکيل اھم ڪتاب آھي. ليکڪ ايوب شان خاصخيليءَ پاڻ به عملي طور سمنڊ سان واڳيل ھئڻ ڪري نہ صرف ماھيگيرن جي حقن، تاريخي وسندين،…
« وڌيڪ پڙھو -
شڪارپور جو مشڪوڪ پوليس مقابلو ۽ ڇھن ماڻھن جو مارجڻ ڳجھارت بڻيل
منڇر شاهه پوليس مقابلو قانون ۽ انصاف جو امتحان آھي. پوليس مقابلي دوران ڇهن ماڻهن جي مارجڻ کي ست-اٺ مهينا گذري چڪا آهن، پر ان واقعي بابت اٿندڙ سوال اڄ به جواب طلب آهن. هڪ طرف پوليس جو موقف ھو ته مارجي ويل خطرناڪ ڏوهاري هئا، ٻئي طرف وارثن جو…
« وڌيڪ پڙھو -
حڪمرانن جون عياشيون ۽ عوام جو استحصال: غربت جو خاتمو يا غريبن جو خاتمو؟
پاڪستان ۾ اها بدقسمتي رهي آهي ته جتي عوام جو وڏو طبقو هڪ ويلي جي مانيءَ لاءِ محتاج آهي، اتي حڪمرانن ۽ سرڪاري وفدن جي غيرملڪي دورن تي روزانو ڪروڙين رپيا پاڻيءَ وانگر وهائڻ معمول بڻجي چڪو آهي. حڪومتي ايوانن مان ايندڙ اهڙيون خبرون نه صرف ملڪي خزاني ۽ عام…
« وڌيڪ پڙھو -
پيٽرول سبسيڊي: عوام جي حقيقي مسئلن جي اُبتڙ حڪومتي پاليسي
پيٽروليم شين جي مسلسل مهانگائيءَ سبب وفاقي حڪومت پاران گهٽ آمدني واري طبقي لاءَ فيول سبسڊي اسڪيم جو اعلان ته ڪيو ويو آهي، پر اها سهولت عوام تائين پهچندي يا رڳو سرڪاري ڪاغذن ۽ پبلسٽيءَ تائين محدود رهندي؟ غيررجسٽرڊ گاڏين، دستاويزن جي کوٽ، انٽرنيٽ کان محرومي ۽ پيٽرول پمپن تي…
« وڌيڪ پڙھو -
قدرتي آفتون: ھڪ ھنڌ بيٺل نظر ايندڙ گليشيئر ھر وقت چُر پُر ۾ ھوندا آھن
گليشيئر ظاھر ۾ تہ برف جا ھڪ ھنڌ بيٺل جبل نظر اچن ٿا، پر حقيقت ۾ اھي پهاڙن جي بلندين تي مسلسل متحرڪ رهن ٿا. جڏهن لکين ٽن برف، وسندڙ برف ۽ پٿر ٽڪرا ٿي ڌار ٿين ٿا، ته ڪجهہ سيڪنڊن ۾ نھايت خطرناڪ چُرپُر پيدا ٿئي ٿي. آبهوا جي…
« وڌيڪ پڙھو -
ڪتاب ڪھاڻي: ”ديس جي دانھن“سنڌ جي هڪ نياڻيءَ جي دانھن آھي
ليکڪا اُمِ ليليٰ نظاماڻيءَ جو مضمونن جو ڪتاب ” ديس جي دانهن ” تڏهن آيو آهي جڏهن ديس جا دڳ سوڙها پيا ڪيا وڃن، مال معدنيات جا ٻورا ڀريا پيا وڃن، وَحدت تي وار لاء ٽِڪساٽ پيا ٺاهيا وڃن. ذوالفقار ناصر ساريو احساس پبليڪيشن حيدرآباد جو نئون مضمونن جو …
« وڌيڪ پڙھو -
خليل جبران جي بيروت ۾ گذاريل هڪ مهينو!
بيروت جي قديم تاريخ، خليل جبران جي فڪري ورثي، سياسي ڇڪتاڻ ۽ غيرمعمولي معاشي بحران جي پس منظر ۾ لکيل دلچسپ سفرنامو. نومبر 2023ع ۾ اربيل کان بيروت ويل ليکڪ جنگ جي پاڇي هيٺ زندگي گذاريندڙ لبناني سماج، ميڊيٽرينين سمنڊ جي سحرانگيز منظرن، ڪرنسي جي صورتحال ۽ پرديس ۾ سنڌي…
« وڌيڪ پڙھو -
روشنين جو شهر اونداهين جي رحم ڪرم تي: ڪراچيءَ ۾ بجلي جي بحران جو داستان
ڪراچيءَ جو شهري بجلي چورن جي چوري، اشرافيه جي مفت خوري، آءِ پي پيز جي لٽ مار ۽ بين الاقوامي جنگين جو نتيجو ڀوڳي رهيو آهي. جيڪو شهر پوري ملڪ جو معاشي ڦيٿو هلائي ٿو، اڄ ان کي اونداهين جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو ويو آهي. ليکڪ ابراھيم…
« وڌيڪ پڙھو -
شڪارپور جي آرٽس ڪائونسل: اعلان گھڻا، عمل گھٽ
اڳوڻي صوبائي وزير ۽ شڪارپور جي ايم پي اي امتيار احمد شيخ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس کان پوءِ ڪيل پڌرائيءَ موجب شڪارپور ۾ آرٽس ڪائونسل قائم ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي. ابتدائي طور اسلاميه هاءِ اسڪول لکي در ۾ ٻه ڪمرا اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن لاءِ ڏيڻ،…
« وڌيڪ پڙھو