Editor's pickMain Slideڪالم

سماج جو وڏو الميو: دولت کي عزت جو معيار سمجهيو وڃي ٿو

جڏهن زندگيءَ جي شام ويجهو اچي ٿي ۽ انسان پنهنجي سفر جو حساب ڪتاب ڪري ٿو، تڏهن کيس احساس ٿئي ٿو ته جن شين کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي عمر جا قيمتي لمحا قربان ڪيا، تن مان ڪيتريون شيون عارضي هيون، جڏهن ته حقيقي دولت ڪجهه ٻيون ئي هيون.

حڪيم پريم چاندواڻي

زندگيءَ جي بازار ۾ انسان هر روز ڪنهن نه ڪنهن شئي جي تلاش ۾ نڪري ٿو. ڪو دولت جي پويان ڊوڙي ٿو، ڪو شهرت جي خواهش ۾ پنهنجو سڪون وڃائي ٿو، ڪو طاقت جي نشي ۾ رشتن کي وساري ويهي ٿو، ته ڪو پنهنجي سموري عمر ٻين کان اڳتي نڪرڻ جي مقابلي ۾ گذاري ڇڏي ٿو. پر جڏهن زندگيءَ جي شام ويجهو اچي ٿي ۽ انسان پنهنجي سفر جو حساب ڪتاب ڪري ٿو، تڏهن کيس احساس ٿئي ٿو ته جن شين کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي عمر جا قيمتي لمحا قربان ڪيا، تن مان ڪيتريون شيون عارضي هيون، جڏهن ته حقيقي دولت ڪجهه ٻيون ئي هيون. منهنجي نظر ۾ زندگيءَ جون چار بنيادي نعمتون آهن: عزت، صحت، محبت ۽ دولت۔

 پر انهن جي اهميت جو هڪ مخصوص ترتيب سان هجڻ ضروري آهي.

سڀ کان پهرين عزت

عزت انسان جي شخصيت جو اهو تاج آهي، جيڪو ڪنهن بازار مان خريد نٿو ڪري سگهجي. دولت سان وڏو گهر ٺاهي سگهجي ٿو، قيمتي گاڏي وٺي سگهجي ٿي، آعليٰ لباس پائي سگهجي ٿو، پر دلين ۾ احترام پيدا نٿو ڪري سگهجي. عزت ڪردار جي سچائي، قول ۽ فعل جي هڪجهڙائيء، وعدي جي پاسداريء، ايمانداريء ۽ ٻين جي حقن جي حفاظت سان حاصل ٿيندي آهي. جنهن ماڻهوءَ وٽ دولت جا انبار هجن، پر سندس ڪردار تي بي ايمانيءَ جا داغ هجن، انهيء جي ظاهري حيثيت ڀلي ڪيتري به وڏي هجي، پر اخلاقي قد ننڍو رهندو. عزت وٺڻ کان اڳ عزت ڏيڻ سکڻ گهرجي، ڇو ته احترام هڪ اهڙو عمل آهي، جيڪو موٽ ۾ احترام پيدا ڪري ٿو. انسان جي اصل سڃاڻپ سندس عهدي يا ملڪيت سان نه، پر سندس اخلاق ۽ ڪردار سان ٿيندي آهي.

ٻي نعمت صحت

صحت کان سواءِ زندگيءَ جون سموريون خوشيون اڌوريون آهن. بيمار جسم ۾ خواهشن جا محل به ويران محسوس ٿيندا آهن. دنيا جي سموري دولت گڏ هجي، پر جيڪڏهن انسان کي سڪون سان سمهڻ، پنهنجي پيرن تي هلڻ، پنهنجي هٿن سان ڪم ڪرڻ ۽ پنهنجن پيارن سان وقت گذارڻ جي سگهه نه هجي ته پوءِ اها دولت ڪهڙي ڪم جي؟ صحت قدرت جو اهڙو انمول سرمايو آهي، جنهن جي حفاظت انسان جي پنهنجي ذميواري پڻ آهي. متوازن خوراڪ، مناسب ننڊ، روزاني چهل قدمي، ذهني سڪون، صفائي ۽ وقت سر طبي معائنو صحتمند زندگيءَ جا اهم اصول آهن. افسوس جو ماڻهو دولت ڪمائڻ لاءِ پنهنجي صحت کي داءَ تي لڳائي ٿو ۽ پوءِ ساڳي دولت صحت واپس وٺڻ لاءِ خرچ ڪري ٿو. اها زندگيءَ جي سڀ کان وڏي معاشي ۽ فڪري غلطي آهي. ياد رکڻ گهرجي ته علاج کان وڌيڪ اهميت احتياط جي آهي.

ٽين نعمت محبت

محبت انسانيت جي روح جو نالو آهي. جنهن دل ۾ محبت جو ڏيئو روشن هجي، اتي نفرت، حسد، تعصب ۽ ڪينو گهڻي دير تائين پنهنجا پير ڄمائي نٿا سگهن. محبت صرف ٻن دلين جي ڪشش جو نالو ناهي، پر والدين جي شفقت، اولاد جي فرمانبرداري، زال مڙس جي اعتماد، دوستن جي وفاداري، پاڙيسرين جي همدردي ۽ انسانن سان بي لوث ڀلائيءَ جو وسيع تصور آهي. محبت اها طاقت آهي، جيڪا ٽٽل رشتن کي جوڙي ٿي، مايوس دلين ۾ اميد پيدا ڪري ٿي ۽ اجنبي ماڻهن کي پنهنجو بڻائي ڇڏي ٿي. مذهبن جي روحاني تعليمات جو بنيادي پيغام به انسان سان رحم، انصاف ۽ ڀلائيءَ جو ورتاءُ آهي. جيڪڏهن عبادت انسان جي اندر محبت، برداشت ۽ خدمت جو جذبو پيدا نٿي ڪري ته پوءِ ان جي روحاني مقصد تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. محبت ۾ نفرت جي ڪا گنجائش ناهي، ڇو ته محبت انسان کي انسان سان ڳنڍڻ جو سڀ کان حسين ذريعو آهي.

چوٿين نعمت دولت

دولت جي اهميت کان انڪار ڪرڻ حقيقت کان منهن موڙڻ برابر آهي. زندگيءَ جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ، ٻارن جي تعليم، علاج، رهائش، روزگار ۽ سماجي ذميوارين جي ادائيگيءَ لاءِ پئسي جي ضرورت آهي. دولت هڪ طاقتور وسيلو آهي، پر ان کي زندگيءَ جو مقصد بڻائڻ وڏي محرومي آهي. دولت انسان جي خدمت لاءِ هئڻ گهرجي، انسان دولت جو غلام نه بڻجي. حلال روزي، محنت، ايمانداري ۽ جائز ڪاروبار سان حاصل ڪيل دولت عزت جو سبب بڻجي ٿي، جڏهن ته ناجائز ذريعن سان گڏ ڪيل سرمايو بظاهر آسائشون ته ڏئي سگهي ٿو، پر دل جو اطمينان ۽ سماجي احترام نٿو خريد ڪري سگهي. اصل ڪاميابي اها آهي ته انسان پاڻ به خوشحال رهي ۽ پنهنجي وس آهر ٻين جي ڏکن ۾ به شريڪ ٿئي. ڪنهن بکئي جي بک ختم ڪرڻ، ڪنهن ضرورت مند جي مدد ڪرڻ ۽ ڪنهن غريب ٻار جي تعليم جو بندوبست ڪرڻ دولت جي بهترين استعمالن مان آهن.

اسان جي سماج جو هڪ وڏو الميو اهو آهي ته اسان ڪڏهن ڪڏهن دولت کي عزت جو معيار سمجهي ويهندا آهيون. جنهن وٽ وڏو بنگلو، قيمتي گاڏي ۽ ظاهري ڏيکاءُ هجي، ان کي غيرمعمولي اهميت ڏني ويندي آهي، جڏهن ته سادگيءَ سان زندگي گذاريندڙ بااصول ۽ باڪردار انسان کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي. اسان کي پنهنجي سوچ جي اها ڪسوٽي تبديل ڪرڻي پوندي. ڪنهن جي مالي حيثيت ڏسي سندس عزت نه ڪريو، پر سندس انساني حيثيت کي اهميت ڏيو. ڪنهن جي لباس مان سندس ڪردار جو فيصلو نه ڪريو، پر سندس عملن کي پرکيو. سماج تڏهن مهذب بڻبو، جڏهن دولت جي بدران اخلاق، ڏيکاءَ جي بدران سچائي ۽ مفاد جي بدران انسانيت کي اهميت ڏني ويندي.

زندگيءَ جي انهن چئن نعمتن ۾ هڪ ٻئي سان گهرو تعلق آهي. عزت انسان جي سڃاڻپ آهي، صحت سندس عملي طاقت آهي، محبت سندس زندگيءَ جو سڪون آهي ۽ دولت سندس ضرورتن جي پورائيءَ جو وسيلو آهي. جيڪڏهن عزت هجي پر صحت نه هجي ته خوشيون محدود ٿي وڃن ٿيون؛ صحت هجي پر محبت نه هجي ته زندگيءَ ۾ خال رهجي وڃي ٿو؛ محبت هجي پر بنيادي ضرورتن لاءِ وسيلا نه هجن ته مشڪلاتون وڌن ٿيون. تنهنڪري انهن سڀني نعمتن ۾ توازن ضروري آهي، پر انهن جي ترجيح کي ڪڏهن به ابتو نه ڪرڻ گهرجي.

اچو ته پنهنجي زندگيءَ جو رخ درست ڪريون. اهڙو ڪردار اختيار ڪريون، جنهن سان عزت ملي؛ اهڙي زندگي گذاريون، جنهن سان صحت سلامت رهي؛ اهڙا رشتا نڀايون، جن ۾ محبت ۽ اعتماد قائم رهي؛ ۽ اهڙي دولت ڪمايون، جنهن ۾ ڪنهن جو حق نه کڄي. پنهنجي اولاد کي به صرف امير ٿيڻ نه، پر باعزت، صحتمند، محبت ڪندڙ ۽ ذميوار انسان بڻجڻ جي تربيت ڏيون. ڇو ته دولت ورثي ۾ ملي سگهي ٿي، پر ڪردار جي عظمت پنهنجي عملن سان پيدا ڪرڻي پوندي آهي.

درحقيقت زندگيءَ جو هڪ سادو پر اڻٽر اصول ياد رکڻ گهرجي: دولت وڃائجي ته ٻيهر ڪمائي سگهجي ٿي، صحت متاثر ٿئي ته علاج ۽ احتياط سان بهتر ٿي سگهي ٿي، محبت ۾ ڏار پوي ته سچائيءَ سان رشتا سنواري سگهجن ٿا، پر عزت هڪ ڀيرو وڃائجي وڃي ته ان کي ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ سالن جي مسلسل سچائي ۽ نيڪ عمليءَ جي ضرورت پوي ٿي.

ان ڪري اچو ته زندگيءَ جي ترجيحن کي صحيح ترتيب ڏيون، پنهنجي عزت جا پاڻ محافظ بڻجون، صحت کي امانت سمجهي سنڀاليون، محبت کي دلين ۾ آباد رکون ۽ دولت کي انسانيت جي خدمت جو ذريعو بڻايون.

_________  

Hakeem Prem-TheAsoaN

حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button