اسرائيل ۾ پئسينجر ٽرمينل سان جهاز ٽڪرائڻ جي منصوبي جو انڪشاف
دبئيءَ کان تل ابيب ويندڙ فلاءِ دبئي جي فلائيٽ جي شريڪ پائلٽ 29 سالن جي اوماني باشندي مبينا طور تي سالن تائين هڪ اهڙي منصوبي تي ڪم ڪيو جنهن جو مقصد جهاز جو ڪنٽرول سنڀالي ان کي اسرائيل جي بن گوريان ايئرپورٽ جي پئسينجر ٽرمينل سان ٽڪرائي، وڌ ۾ وڌ جاني نقصان پهچائڻ هو.

حبيب توميءَ وٽان
ابوظهبي: دبئيءَ کان تل ابيب ويندڙ فلاءِ دبئي جي فلائيٽ جي شريڪ پائلٽ مبينا طور تي سالن تائين هڪ اهڙي رٿا تي ڪم ڪيو جنهن جو مقصد جهاز جو ڪنٽرول سنڀالي ان کي اسرائيل جي بن گوريان ايئرپورٽ جي پئسينجر ٽرمينل سان ٽڪرائي، وڌ ۾ وڌ جاني نقصان پهچائڻ هو. اها ڳالهه گڏيل عرب امارات جي اٽارني جنرل ٻڌائي آهي.
سرڪاري خبر ايجنسي (WAM) موجب، اٽارني جنرل ڊاڪٽر حماد سيف الشمسي جي ظاهر ڪيل جاچ جا نتيجا ٻڌائن ٿا 30 سيپٽمبر 2026ع تي فلائيٽ FZ1073 سان پيش آيل واقعي لاءِ 29 سالن جي اوماني انتھا پسند شخص جي ذھني اوسر2017 کان ھلندڙ ھئي.
الشمسيءَ وڌيڪ ٻڌايو ته پبلڪ پروسيڪيوشن ثبوتن جي ڇنڊڇاڻ، ٻين ماڻهن جي شموليت جي تصديق، ۽ رڪارڊنگز ۽ ٽيڪنيڪل رپورٽن جو جائزو وٺڻ جو سلسلو جاري رکيو اچي.
اعلان ڪيل جاچ جا 10 اهم نتيجا هي هئا:
انتهاپسنديءَ جا اهڃاڻ 2017ع ۾ آسٽريليا ۾ سامهون آيا
جاچ ڪندڙن شڪي شخص جي انتهاپسنديءَ ڏانهن لاڙي جون ڪڙيون2017ع سان ملائي ڏٺيون، جڏهن هو آسٽريليا ۾ پڙهي رهيو هو. ان عرصي دؤران، هو انتهاپسند لٽريچر پڙهڻ ۽ دهشتگرد تنظيمن ۽ آپگهاتي حملن کي ساراهيندڙ آن لائن مواد جي پيروي ڪرڻ ذريعي تڪفيري نظريي کان متاثر ٿيو.
جاچ موجب، اھو اثر آهستي آهستي تشدد ۽ دهشتگرديءَ جي حمايت ڪندڙ خيالن ۾ تبديل ٿي ويو.
شڪي شخص مبينا طور تي آمريڪا ۾ سپٽمبر 11، 2001ع واري ٿيل حملي مان متاثر ٿيو. جاچ ڪندڙن چيو ته جهاز استعمال ڪندي ساڳئي قسم جو ڪارنامو ڪرڻ جو خيال سندس سوچ ۾ پختو ٿي چڪو هو.
سندس اعتراف موجب، انھيءَ سوچ تحت ئي ھُن ايويئيشن ڪيريئر اختيار ڪرڻ جو فيصلوڪيو ھو. فلاءِ دبئي جوائن ڪرڻ کان اڳ هن ٽن ايئرلائينز ۾ ڪم ڪيو. جاچ مان شڪي شخص جو مختلف ايئرلائينز ۽ ملڪن ۾ پيشوراڻو سفر سامھون آيو.
هن 2020ع کان 2024ع تائين عمان ايئر لاءِ ڪم ڪيو، 2025ع جي شروعات ۾ رائل ايئر مراڪش سان ڪم ڪرڻ ۽ اتي ڪجهه مهينا رهڻ بعد جنوري 2026ع ۾ فلاءِ دبئي ۾ شامل ٿيو.
شڪي شخص اعتراف ڪيو ته ميلبورن، آسٽريليا ۾ تعليم دوران هو باقاعدگيءَ سان هڪ اهڙي مسجد ۾ ويندو هو جيڪا رائل ميلبورن انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالوجي (RMIT) سان وابسته هئي. انهن زيارتن ذريعي هو مائي سينٽر (My Center) نالي هڪ سينٽر سان لاڳاپيل ماڻهن سان واقف ٿيو.
سندس بيان موجب، اهو سينٽر “ابو حمزه” نالي هڪ لبناني شخص هلائيندو هو ۽ ان کي مبينا طور تي مسلم برادرھڊ سان لاڳاپيل هڪ تنظيم جي حمايت حاصل هئي. اهي دعوائون جاچ ڪندڙن جي نظر ۾ اڃا جاچ هيٺ آهن.
شڪي شخص جاچ ڪندڙن کي ٻڌايو ته هن انھيءَ منصوبي لاءِ نفسياتي ۽ جسماني تياريون ڪيون هيون. انهن تيارين ۾ دهشتگرديءَ وارو مواد پڙھڻ ۽ هڪ ذاتي ڪوچ تحت باڪسنگ جي تربيت حاصل ڪرڻ شامل هو.
جاچ ڪندڙن معلوم ڪيو ته شڪي شخص پنهنجي تيارين جي حصي طور رستي ۽ ايئرپورٽ کان واقفيت حاصل ڪرڻ لاءِ تل ابيب ڏانهن اڳ ۾ ئي ٻه اڏامون ڪري چڪو هو. عملدارن چيو ته هن 30 سيپٽمبر 2026ع تي تل ابيب ڏانهن پنهنجي ٽين اڏام دوران منصوبي تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو.
جاچ ان طريقيڪار جو پڻ جائزو ورتو جنهن ذريعي شڪي شخص کي فلاءِ دبئي ۾ ڀرتي ڪيو ويو هو. نتيجين موجب، هُو ملازمت جون سموريون پيشوراڻيون ۽ سيڪيورٽي گهرجون پوريون ڪندو هو، جنهن ۾ پائلٽ لائسنس هجڻ، سُٺي روش جو سرٽيفڪيٽ ۽ ٻيون گهربل ڳالھيون شامل هيون.
بھرحال، ڪنهن به طريقيڪار مان انتهاپسند خيالن يا دهشتگرد منصوبي تي عمل ڪرڻ جي نيت جا اهڃاڻ ظاهر نه ٿيا.
واقعي واري ڏينهن، شڪي شخص مبينا طور ڪاڪ پٽ اندر جهاز جي ڪپتان تي اوچتو ايمرجنسي ڪهاڙيءَ سان حملو ڪري ڏنو. ڪپتان مزاحمت ڪئي ۽ مدد لاءِ پڪارڻ جي ڪوشش ڪئي. واپسيءَ واري اڏام هلائڻ لاءِ مقرر ٿيل هڪ ٻيو پائلٽ به جهاز ۾ موجود هو ۽ واقعي وقت ڪاڪ پٽ جي ويجهو هو. هن ڪاڪ پٽ جو دروازو غيرمعمولي طريقي سان بار بار کلڻ ۽ بند ٿيندي ڏٺو، جنهن سان سندس شڪ وڌيو. اهو پائلٽ ڪاڪ پٽ ڏانهن وڌيو ۽ انٽري ڪوڊ استعمال ڪندي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. اندر پهچڻ تي هن شڪي شخص کي ڪپتان تي حملو ڪندي ڏٺو. هن هڪ ڪئبن ڪريو ميمبر ۽ ڪجهه مسافرن جي مدد سان فوري طور مداخلت ڪئي. انهن سڀني گڏجي زخمي ڪپتان کي بچايو ۽ شڪي شخص کي قابو ڪري ورتو.
جهاز جو رخ موڙي سعودي عرب ۾ محفوظ طريقي سان لاٿو ويو
جڏهن مداخلت جاري هئي، واپسيءَ واري اڏام لاءِ مقرر ڪپتان ۽ ڪو پائلٽ جهاز جو ڪنٽرول ٻيهر سنڀالي ورتو. انهن جهاز کي طئہ ٿيل رستي تان موڙي سعودي عرب جي تبوڪ ايئرپورٽ تي محفوظ طريقي سان لاٿو. حڪام جاچ جي حصي طور زخمي ڪپتان، واپسي واري اڏام جي پائلٽ، سندس ڪو پائلٽ ۽ ڪئبن ڪريو جي ميمبرن جا بيان پڻ ٻڌا.
اعتراف ۽ فرانزڪ ثبوت جاچ جو حصو آهن
پنهنجي وڪيل جي موجودگيءَ ۾ ۽ سمورن قانوني تحفظن تحت، شڪي شخص پنهنجي مبينا مقصدن ۽ رٿابندي ۽ عمل درآمد جي مرحلن جي تفصيل سان اعتراف ڪيو.
هن اعتراف ڪيو ته هن ڪنهن ٻئي جي شموليت کان سواءِ اڪيلي سر ڪم ڪيو. تنهن هوندي به، حڪام چيو ته ان دعوا جي تصديق ڪرڻ ۽ اهو معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي ته ڇا ڪي ساٿي يا ٻيا لاڳاپا هئا.
هڪ فرانزڪ طبي رپورٽ مان معلوم ٿيو ته ڪپتان جا زخم مٿي تي گهرا هئا، جيڪو جسم جو هڪ نازڪ حصو آهي جتي اهڙا زخم موتمار ثابت ٿي سگهن ٿا. زخم تازا هئا، واقعي جي وقت سان مطابقت رکندڙ هئا ۽ اهڙي اوزار سان لڳل هئا جنهن جون خصوصيتون ايمرجنسي ڪهاڙيءَ سان ملن ٿيون.
حڪام موجب فرانزڪ نتيجا شڪي شخص ۽ ڪپتان جي بيانن، ۽ شاهدن جي شاهديءَ سان مڪمل مطابقت رکن ٿا.
پبلڪ پروسيڪيوشن موجود ثبوتن جو جائزو وٺڻ، ممڪن ساٿين يا ٻين لاڳاپن جي جاچ ڪرڻ، ۽ رڪارڊنگز ۽ ٽيڪنيڪل رپورٽن جو جائزو مڪمل ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو آھي.
الشمسيءَ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هلندڙ جاچ جي تقاضائن جي عين مطابق مناسب وقت تي وڌيڪ نتيجن جو اعلان ڪيو ويندو.
________

حبيب تومي ڏکڻ ڪوريائي خبر ايجنسي دِي ايشيا اين جي انگريزي سروس جو ايڊيٽر آھي



