Editor's pickMain Slideڪالم

آغا نور محمد پٺاڻ ۽ ڊجيٽل دور ۾ ڪتابن سان رشتو بحال ڪرڻ لاءِ سندس جاکوڙ

19 آگسٽ تي ھيءَ فاني دنيا ڇڏيندڙ آغا نور محمد پٺاڻ انڊس ڪاٽيج لائبرريز ذريعي علم جي لاٽ ٻاري نه رڳو سنڌ ۾ پر سڄي پاڪستان جي سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسڪولن ۾ وڃي اتي لائبريريون قائم ڪرڻ لاءِ گذريل ڪيترن ڏھاڪن کان لاڳيتو متحرڪ رهيو.

نسيم بخاري

آغا نورمحمد پٺاڻ، 19 آگسٽ 2026 تي اسان کي اڪيلو ڪري ويو آھي. اهو شخص اسان کان وڇڙي ويو. هاڻي سندس ياد ان شخص  جي شاھدي  ڏيندي رهندي. هو جسماني طور جدا ٿي ويو آهي، پر ان جو ذڪر ڳچ وقت تائين ٿيندو رهندو. ھن رڳو زندگي  نه گذاري، پر پنهنجي ويجهو رهندڙ نوجوانن جي تربيت به ڪئي. هن جي وفات ڄڻ هڪ استاد جو وڇوڙو آهي. جنھن ماڻهن پنهنجي زندگي ٻين لاءِ بامعني بڻائي ڇڏي هجي، ان جو موت به ٻين لاءِ هڪ پيغام بڻجي ويندو آهي. آغا  اڄ اسان جي وچ ۾ موجود ناهي، پر سندس ياد هميشه رهندي.

وقت وڏن ماڻهن کي اسان کان کسي وٺندو آهي، پر تاريخ انهن کي اسان کان ڪڏهن به کسي نه سگهندي آھي. ماڻهو جو جسم مٽيءَ ۾ دفن ٿي وڃي ٿو، پر ڪردار کي ڪڏهن به موت نٿو اچي.

آغا نور محمد پٺاڻ 15 اپريل 1955ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو آغا دوست محمد پٺاڻ هو. آغا اسلامڪ ڪلچر ۽ اقتصاديات ۾ ڊبل ايم. اي ھو. سندس ادبي حيثيت ڪهاڻيڪار، نقاد، ڪالم نگار ۽ مترجم واري هئي. ’پاڪستان جا صوفي شاعر‘، ’پنجاھہ چونڊ افسانا‘، ’سنڌ جا سماجي ۽ اقتصادي مسئلا‘، ’سنڌي ڇپيل ڪتابن جو پنج ساله جائزو- 1985ع کان 1990ع، ۽ 2000- 1999ع تائين ڇپيل ادبي رسالن تي تبصرو‘، ’سنڌي لوڪ ادب‘، ٺٽي ضلعي جا چونڊ شاعر‘ جهڙن ڪتابن جو مصنف هو. اڪادمي ادبيات جي پليٽفارم تان 1990ع کان 2009ع تائين سوين ادبي پروگرام، سيمينار، مشاعرا، ادبي ڪچهريون، ڪتابن جون مهورتون، اديبن سان رهاڻيون ۽ شامون، ادبي ڪانفرنسون ڪرايائين. 1999ع ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي اديبن کي هول پاڪستان ٽوئر ڪرايائين. 2009ع  پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان جي نامور اديبن کي سنڌ جو ۽ سنڌ جي ادبي ادارن جو دورو ڪرايائين .   57 ملڪن جي اديبن جي وفدن جي پنھنجي اداري پاران آجيان ۽ ميزباني ڪيائين . ڪراچيءَ ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ، سنڌي ادبي سنگت، ثقافت کاتي ۽ ٻين سنڌي ۽ اردو زبان جي ادبي ادارن جي سهڪار سان اڪثر پروگرام ڪرائيندو رهيو.

آغا نور محمد پٺاڻ  خدمت خلق واري جذبي تحت  سنڌ ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ اسڪول لائيبريريون قائم ڪيون. موبائل، انٽرنيٽ ۽ ٻيون اليڪٽرانڪ ميڊيا  شيون وجود ۾ اچڻ کان پوءِ لائيبريريون قائم ڪرڻ وارو لاڙو خطري ۾ پئجي ويو ھو ۽ ماڻهو صرف موبائلن ذريعي  پڙهڻ تائين  محدود ٿي ويا ھا، باقي ڪتاب خريد ڪري پڙهڻ مطالعي واري عادت  ڏينهون ڏينهن ختم ٿي  رهي هئي . پر آغا نور محمد پٺاڻ  پڙهڻ ۽  مطالعو ڪرڻ واري عمل کي وسعت ڏيڻ لاءِ مختلف اسڪولن ۾ لائيبريريون قائم ڪري هڪ وڏو ڪارنامو ڪري ڏيکاريو. 

دنيا جي سڌريل ملڪن جا ماڻهو ڪتابن جو مطالعو ڪري پنهنجي علمي صلاحيت کي وڌائي پنهنجي ملڪ جي معيشت کي ترقي وٺرائي رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اوڀر وارا ملڪ  هجن  يا اولهه وارا، ترقي يافته ملڪن جي يونيورسٽين ۾ مطالعو ڪرڻ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن. مطالعي يا علمي ڄاڻ کي وڌائڻ لاءِ جيڪو مطالعو ڪيو وڃي ٿو ان کي عام ٻولي ۾ تحقيق چوندا آهن اها تحقيق  فقط لائيبريرين ۾ بهتر نموني ڪري سگهجي ٿي .

   آغا نور محمد پٺاڻ انڊس ڪاٽيج لائبرريز ذريعي علم جي لاٽ ٻاري نه رڳو سنڌ ۾ پر سڄي پاڪستان جي سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسڪولن ۾ وڃي اتي لائبريريون قائم ڪري گذريل ڪيترن ڏھاڪن کان لاڳيتو متحرڪ رهيو. انهن لائبريرين ۾ وڃي شاگردن جون مطالعي واريون سرگرميون پڻ ڏسندو ھو. ضعيف انسان نوجوانن وانگر ڦڙتي سان ميدان ۾ لهي ڪم ڪندو ھو. هن جي چپن تي هڪ  مرڪ ، دلي سڪون ۽  اطمينان هوندو ھو  هن جو نيڪ جذبو هن کي اتسائيندو رهندو ھو. نوجوانن توڙي هر عمر جي انسان جي تعليمي وسعت وڌائڻ لاءِ جستجو ۾ لڳل رهندو ھو، طبيعت جي لحاظ کان آغا نور محمد نهايت سنجيده ۽ عملي ڪم ڪرڻ وارو سماجي هڏ ڏوکي انسان ھو.

___________

Naseem Bukhari-The AsiaN

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي “وک ” شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button