Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

ھالي ووڊ جو مشھور اداڪار مارلن برانڊو ٻارڙن جا مسئلا اُجاگر ڪرڻ ڪراچيءَ آيو ھو  

مارچ 1965 ۾ پنھنجي دوري دوران برانڊو ڪراچيءَ جي ماڻهن جي رهڻي ڪھڻي، لباس ۽ ماحول کي تمام جاندار قرار ڏنوھو.  ھڪ  انٽرويوءَ دوران آمريڪا جي ڏاکڻين رياستن ۾ بليڪ برادري جي انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو ذڪر ڪندي ھُن چيو ته پاڪستاني عوام وٽ ان کان بهتر ووٽنگ ۽ شهري حق موجود آهن.

مارلن برانڊو 21 مارچ 1965 تي ڪراچي ايئرپورٽ تي پھچڻ مھل

پُراڻي رڪارڊ مان ھڪ خبر

ھالي ووڊ جو مشھور اداڪار مارلن برانڊو (Marlon Brando) ھڪ سماجي مِشن ھيٺ ايڪيھين مارچ 1965ع تي ڪراچيءَ آيو ھو.  

مارلن برانڊو جو ھي دورو ڪنھن فلمي پريميئر يا شوبز تقريب لاءِ نہ، پر يونيسيف (UNICEF) جي سفير طور ھڪ سماجي مشن تحت ھو. ھو ان وقت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٻارن جي صحت، تعليم ۽ ٻين مسئلن بابت سچائي سامهون آڻڻ ۽ فنڊ گڏ ڪرڻ جي مهم تي نڪتل هو.

21 مارچ 1965ع تي مارلن برانڊو نئين دهلي (هندستان) کان پنهنجي دوري جي ٻئي مرحلي ۾ ڪراچي ايئرپورٽ تي لٿو ھو. (ڪجھ پُراڻين رپورٽن موجب ھُو بيروت مان ھتي پھتو ھو). جيئن ئي سندس جهاز ڪراچي ايئرپورٽ تي پهتو، اتي موجود صحافين، عملدارن ۽ مداحن سندس پرجوش استقبال ڪيو.

برانڊو پنهنجي دوري دوران پاڪستان ۾ يونيسيف جي ھلندڙ مختلف بيمارين جهڙوڪ ٽي بي ۽ مليريا جي خاتمي ۽ ماءُ ٻار جي صحت جي سنڀال وارن منصوبن کي ڏٺو.

ڪراچيءَ ۾ مارلن برانڊو جي صحافين ۽ ٻين سان ملاقات

ڪراچيءَ ۾ قيام دوران مارلن برانڊو مقامي اخبارن جي صحافين سان گفتگو ڪندي واضح ڪيو ته هو سينيما جي چمڪ ڌمڪ کان هٽي ڪري ترقي پذير ملڪن جي حقيقي مسئلن، خاص طور ٻارن جي حالتِ زار کي اجاگر ڪرڻ چاهي ٿو. سندس اها سادگي ۽ انسان دوستي پاڪستاني عوام ۽ ميڊيا جي دلين ۾ گھر ڪري وئي.

مارلن برانڊو جو 1965ع وارو ھي دورو پاڪستان جي بين الاقوامي سڃاڻپ ۽ يونيسيف جي تاريخ ۾ ھڪ يادگار باب آھي. ھُو ان دور ۾ سينيما سان گڏ انسان دوستي ۽ مختلف عالمي تحريڪن ۾ به متحرڪ رهيو هو. 

شهر جي مشهور ھوٽل انٽرڪانٽينينٽل ۾ سندس قيام جو بندوبست ڪيو ويو هو. هوٽل ۾ صحافين ۽ شوبز سان وابسته شخصيتن  ساڻس ملاقاتون ڪيون ھيون.

مارلن برانڊو جي ڪراچيءَ ۾ صحافين سان گفتگو ڏاڍي دلچسپ  هئي. سندس گفتگوءَ بابت 22 مارچ 1965ع جي اخبارن ۾ شايع ٿيل رپورٽن مان چند اهم نقطا هي هئا: 

برانڊو چيو ته هو پاڪستان ۾ هڪ فلم ٺاهڻ جو ارادو رکي ٿو، جنهن جي شوٽنگ پشاور ۽ لاهور ۾ ڪئي ويندي. جڏهن صحافيءَ کانئس پڇيو ته هو ان فلم ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪندو، ته هن وڏي بي ساختگي سان چيو: “مان بادشاهه جو ڪردار ادا ڪندس”. 

برانڊو ڪراچيءَ جي ماڻهن جي رهڻي ڪھڻي، لباس ۽ ماحول کي تمام جاندار قرار ڏنوھو.  

ڪراچيءَ قيام دوران هن قائدِ اعظم محمد علي جناح جي مزار جو به دورو ڪيو ۽ ان جي عمارتسازي کي پسند ڪيو.

پنهنجي ھڪ  انٽرويو دوران هن آمريڪا جي ڏاکڻين رياستن ۾ بليڪ برادري جي انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستاني عوام وٽ ان کان بهتر ووٽنگ ۽ شهري حق موجود آهن.

برانڊو جي هن خطي جي دورن جو هڪ بنيادي مقصد يونيسيف سان گڏجي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٻارن جي صحت، ٽي بي، مليريا ۽ غذائي کوٽ جهڙن مسئلن بابت سچائي سامهون آڻڻ ۽ فنڊ گڏ ڪرڻ جي مهم کي اڳتي وڌائڻ هو. هو دنيا جي نالي وارن فنڪارن ۽ فنڊن کي گڏ ڪري ٻارن جي فلاح لاءِ هڪ عالمي يڪجهتي قائم ڪرڻ چاهيندو هو. 

مارلن برانڊو جو 1965ع وارو ڪراچي دورو پاڪستاني ميڊيا، فن ۽ ثقافتي تاريخ  ۾ هڪ يادگار جيان محفوظ آهي. هوٽل انٽرڪانٽينينٽل جي پريس ڪانفرنس کان وٺي مزارِ قائد جي دوري تائين، سندس شخصيت ۽ گفتگوءَ جو اثر ڪراچي جي تاريخ جو هڪ نادر باب آهي.

_______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button