Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

شڪارپور ۾ نينگريءَ سان جنسي ڏاڍائي: پوليس جي رَوش ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا

شڪارپور جي ٺاروپور حد ۾ معصوم نينگريءَ سان پيش آيل جنسي زيادتيءَ واري واقعي ۾ پوليس جي مبينا جانبداريءَ، بيگناهه مائٽن جي غيرقانوني حراست ۽ مکيه جوابدار هدايت الله سومري جي گرفتاري ظاھر نہ ڪرڻ نوان قانوني سوال اٿاري ڇڏيا آهن. شهرين ۽ سول سوسائٽيءَ جوابدار جي ڊي اين اي، سي ڊي آر ۽ فارنزڪ بنيادن تي واقعي جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.

رپورٽ: نسيم بخاري  

شڪارپور جي اسٽيورٽ گنج ٿاڻي جي حدن ۾ واقع  ٺاروپور ۾ 28 جولاءِ تي هڪ معصوم نينگريءَ سان جنسي زيادتيءَ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار هدايت الله عرف هزار خان سومرو بابت اطلاع آھن تہ ھُن سماجي دٻاءُ کان پوءِ پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. بھرحال آخري اطلاعن تائين پوليس سندس گرفتاري ظاھر نہ ڪئي آھي.

ذريعن موجب، جوابدار گهوٽڪيءَ مان هڪ بااثر شخص جي ويجهي ۽ بااعتماد ملازم جي معرفت سامهون آيو. گهوٽڪيءَ کان شڪارپور ايندي سفر دوران ڪار ۾ رڪارڊ ڪيل ۽ بعد ۾ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل هڪ وڊيو بيان ۾ جوابدار مٿس لڳايل الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته هن  ڏوهه ناهي ڪيو.

ايف آءِ آر

چيو وڃي ٿو تہ اسٽيورٽ گنج ٿاڻي جي پوليس مکيه جوابدار جو وائرل ٿيل بيان سامهون اچڻ کان پوءِ استاد اسدالله کي گرفتار ڪري ورتو آھي، جنھن تي نامزد جوابدار الزام ھڻندي چوي ٿو ته اسدالله سان سندس ذاتي تڪرار ۽ پراڻي رنجش هئي. سندس چوڻ موجب، هڪ ڀيري اسدالله سندس دڪان کي باهه به ڏني هئي، پر هُن ان ڳالهه کي درگذر ڪري ڇڏيو هو.

هاڻي هتي هڪ اهم سوال پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن ٻنهي جي وچ ۾ اختلاف، ناراضگي، رنجش ۽ دشمني موجود هئي، ته پوءِ هن اهڙي ماڻهوءَ کي پنهنجي جاءِ جي چاٻي ڇو ڏني، جنهن بابت هو پاڻ ئي نفرت ۽ دشمني جو ذڪر ڪري رهيو آهي؟

ايف آءِ آر ۾ نامزد جوابدار

نامزد جوابدار وڌيڪ چوي ٿو ته سندس ھڪ مائٽ وفات ڪري ويو ھو جنهن سبب هو جيڪب آباد ويو هو. سندس دعوا آهي ته جڏهن هو اتي پهتو ته سندس ڀاءُ يا ڀيڻوي کيس چيو ته، “تون هتان هليو وڃ، ڪو ماڻهو توسان وڙهڻ لاءِ اچي رهيو آهي.”

هتي به هڪ اهم سوال اڀري ٿو ته سندس ڀاءُ يا ڀيڻوئي کي اها خبر ڪنهن ڏني ته ڪو ماڻهو ساڻس وڙهڻ لاءِ اچي رهيو آهي؟ ۽ اهو ماڻهو آخر ڇو وڙهڻ اچي رهيو هو؟ يا پوءِ ڪا اهڙي ڳالهه ضرور هئي، جنهن سبب جوابدار کي اتان ڀڄي وڃڻ ئي پنهنجي لاءِ بهتر نظر آيو؟

ٻئي طرف، قرآن پاڪ جي حافظ ۽ جي ايس ٽي استاد اسدالله بابت پوليس جو چوڻ آهي ته نه کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ نه ئي سندس گرفتاري لاءِ ڪو ڇاپو هنيو ويو. البته، جوابدار طرفان لڳايل الزامن کان پوءِ اسدالله پاڻ پنهنجي وضاحت ۽ صفائي پيش ڪرڻ لاءِ رضاڪاراڻي طور ٿاڻي تي آيو ھو.

پوليس ايف آءِ آر داخل ٿيڻ باوجود اصل جوابدار کي گرفتار ڪرڻ  تي ڌيان ڏيڻ  بدران فريادي جي ويجهن مائٽن کي هراسان ڪرڻ ، چادر ۽ چوديواري جي تقدس کي پامال ڪرڻ واري مدي ۾ مصروف رھي ، ۽ هاڻي به لڳي ٿو ته اها جوابدارن جي سرپرستي يا اثر هيٺ ڪم ڪري رهي آهي.

پوليس فريادي قربان علي سومرو جي احتجاج، شاهدي ۽ ملزم جي سھري ۽ زال جي بيگناهيءَ بابت ڏنل بيان کان پوءِ، اي ايس پي سٽي آڏو بيان رڪارڊ ڪرڻ کانپوءِ گذريل ٻن ڏينهن کان مسلسل غيرقانوني حراست ۽ اڪيلائي ۾ رکيل شريف شهري، شُگر ۽ بلڊ پريشر جي مريض، ملزم جي سھري عبدالحق ۽ ملزم جي گھرواريءَ کي آزاد ڪيو ھو.

 جديد دور ۾ به پوليس پنهنجي پراڻي ۽ فرسوده روايت کي نه رڳو زنده رکيو، پر ان کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاءِ  سرگرم پڻ نظر آئي .

انهيءَ سلسلي کي جاري رکندي شڪارپور جي اسٽيورٽ گنج ٿاڻي جي حد، ٺاروپور محلي ۾ معصوم نياڻي مومل  سان پيش آيل جنسي زيادتي واري واقعي ۾ پوليس فرياديءَ جي ويجهن مائٽن کي گرفتار ڪري انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي.

بلڊ پريشر ۽ شُگر جهڙين بيمارين ۾ مبتلا بزرگ ۽ شريف شهري عبدالحق سومرو کي صرف ان ڪري حراست ۾ ورتو ويو ھو جو هو جوابدار جو سھرو آهي. جڏهن ته جوابدار جي زال کي پڻ پوليس پنهنجي تحويل ۾ رکيو ھو.

ذريعن موجب سنڌ پوليس جي آءِ جي جاويد عالم  واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي شڪارپور کي هدايت ڪئي ته نامزد جوابدارن جي جلد کان جلد گرفتاري يقيني بڻائي وڃي. ان کان پوءِ ايس ايس پي، ايس ايڇ او اسٽيورٽ گنج کي  سخت هدايتون جاري ڪيون.

 مُک جوابدار جي زال ۽ سھري کي گرفتار ڪري ڄڻ وڏي ڪاميابي ۽ سورهيائي  حاصل ڪرڻ جا جهنڊا کوڙيا ويا. پوليس جو خيال ھو ته سھري ۽ زال جي گرفتاري کان پوءِ جوابدار پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ھا.

سوال اهو آهي ته جيڪڏهن جوابدار ۾ ايترو حياءَ ۽ شرم هجي ها ته ڇا هو اهڙي خوفناڪ، وحشي ۽ غيرانساني حرڪت ڪري ها؟

افسوس جي ڳالهه اها آهي ته شڪارپور ۾ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ۽ پاڻ کي سول سوسائٽي جا اڳواڻ سڏائيندڙ ماڻهو پوليس جي هن ظالماڻي روش تي نه رڳو شرمناڪ حد تائين خاموشي اختيار ڪري ويٺا ، پر عملي طور پوليس جي هن غيرقانوني ۽ جانبدار رويي جي اخلاقي حمايت پڻ ڪندا رھيا.

معاملي جي گھرائيءَ ۾ وڃڻ کان پوءِ معلوم ٿيو ته ڪجهه ڏينهن تائين دٻيل رهڻ بعد مائٽن  ۾ اختلاف پيدا ٿيڻ سبب هي معاملو ميڊيا تائين پهتو. واقعي جي سنگينيءَ کي نظر ۾ رکندي، متاثر ڌر وٽ بار بار منٿون ۽ سفارشون ڪري صلح ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

Shikarpur-The AsiaN-1
ڏاڍائيءَ جي شڪار نينگريءَ جو والد ۽ فريادي

معلوم ٿيو آهي ته بئريسٽر عمر سومرو جي پي اي وٽ به جوابدار ڌر جا ماڻهو ويا هئا. انهن جنھن ڳالهه ٻڌي، ان کي سچ سمجهي هن متاثر خاندان کي صلح تي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

انهيءَ ڳالهه کي بنياد بڻائي، سومرا مخالف ۽ اقتداري جماعت سان لاڳاپيل چونڊيل نمائندي جي حمايتين طرفان سندس خلاف ڪردارڪشي جي ڀرپور مهم هلائي وئي.

واقعن ۽ حالتن جنهن تيزيءَ سان رخ بدلايو، تنهن شدت واري ماحول ۾ تڪرار جو مرڪز بڻيل شخص کي نه وضاحت ڪرڻ جي مهلت ملي ۽ نه ئي موقعو نصيب ٿيو.

پهرئين ڏينهن کان وٺي مُک جوابدار جي گرفتاري تائين، هو مسلسل انهن سوالن جي گهيري ۾ رهيو، ۽ اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي.

 سول سوسائٽي، انساني حقن جي تنظيمن ۽ شهرين واقعي جي مڪمل، شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته جوابدار جو فوري طور ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرايو وڃي ۽ رپورٽ جلد منظرعام تي آندي وڃي. سندن چوڻ آهي ته جوابدار جي استعمال هيٺ رهندڙ موبائل فونن جي فارنزڪ جاچ، ڪال ڊيٽا رڪارڊ (CDR)، لوڪيشن هسٽري ۽ ٻين ڊجيٽل ثبوتن جو پڻ تفصيلي جائزو ورتو وڃي، جيئن معاملي بابت حقيقتون سائنسي ۽ قانوني بنيادن تي سامهون اچي سگهن.

ذريعن موجب جاچ هيٺ آڻڻ لاءِ ڄاڻايل موبائل نمبر هيٺيان آهن:

• +92 335 7213986

• +92 307 2020042

• 0319 2594454

شهرين مطالبو ڪيو آهي ته جاچ دوران متاثر ڌر ۽ شاهدن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي سياسي يا سماجي اثر رسوخ کان آزاد ٿي قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.

واضح رهي ته ڪيس بابت حتمي حقيقتن جو تعين پوليس جي جاچ، فارنزڪ ثبوتن، ڊي اين اي رپورٽ ۽ عدالت جي فيصلي کان پوءِ ئي ممڪن آھي.

________________

Naseem Bukhari-The AsiaN

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي “وک ” شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button