درد ونديءَ جو ديس وسِي پيو: ٿـــر، بـــرســـاتيون ۽ ٿــاريلين جــا ٿــاڪ
ٿر ۾ هيل وقتائتيون ۽ سٺيون برساتون پوڻ بعد گڏهن ۽ اُٺن جي جوڙن سان ٿرين هر ڪاهي زمينون کيڙيون آهن ڪجهه ڏينهن اندر ساري ڌرتيءَ سائو ويس اوڍي ڇڏيو آهي ۽ ٿرين جي مُکن تي مرڪون آهن. ٿاريليون به اڳي کان وڌيڪ مصروف نظر اچي رهيون آهن.

ممتاز ڪنڀر
ٿر ۾ هيل وقتائتيون ۽ سٺيون برساتون پوڻ بعد گڏهن ۽ اُٺن جي جوڙن سان ٿرين هر ڪاهي زمينون کيڙيون آهن ڪجهه ڏينهن اندر ساري ڌرتيءَ سائو ويس اوڍي ڇڏيو آهي ۽ ٿرين جي مُکن تي مرڪون آهن. ٿاريليون به اڳي کان وڌيڪ مصروف نظر اچي رهيون آهن. جيڪي ڪوهن جا ڪوهه پنڌ ڪري پيئڻ جو پاڻي ڀري اينديون هيون، اهي هاڻي گهرن جي آس پاس تراين ۽ ٽوڀن مان برسات جو پاڻي ڀري گهرن ۾ ڪتب آڻي رهيون آهن.
درد ونديءَ جو ديس وسي پيو،
بوند برهه جي بهار لڳي.
ٿاريلين جا هيل ويس به مُرڪي پيا آهن. مقامي لوڪ گيتن جا آواز گونجي رهيا آهن، عيد، ٽيج ۽ شادين جا ڏينهن ٻڌڻ وارا عمل انهن خوشين کي وڌائي رهيا آهن. ٿاريليون انهن ٻنين کي ڏسي خوش آهن ۽ فصل سان گڏ بيٺل گاهن جي ليڏاڻ ڪڍي رهيون آهن، اهو گاهه شام جو گهر ۾ بيــٺل مال کي ڏين يا وري گڏ ڪن.
ٿر جي ڪُل ايراضي 22000 هزار چورس ڪلو ميٽر آهي. جيڪا اٺن طبعي ڀاڱن ۾ ورهايل آهي جيڪي وٽ، مهراڻو، سامروٽي، ونگو، پارڪر، ڍٽ ، ڪنٺو ۽ کاروڙ آهن. جڏهن ته 22 چورس ڪلو ميٽر ۾ جابلو سلسلو ڪارونجهر موجود آهي. ماهرن موجب هتي گاهن، ٻوٽن ۽ وڻن جا 162 قسم ٿين ٿا. لوڻ، معدنيات ۾ ڪوئلو، چائنا ڪلي، گرينائيٽ جو گهڻو مقدار موجود آهي، جڏهن ته انساني آبادي 15 لک ۽ چوپائي مال جو تعداد 40 لک کان مٿي آهي.
ڏڪار وارين حالتن ۾ ٿاريليون ڪوهين پنڌ ڪري جيڪو پاڻي ڀري اچن ٿيون اهو صحت جي عالمي اصولن تحت صحيح ناهي. اهو پاڻي 89% ناقابل استعمال آهي. هي ٿر جا ماڻهو اڪثر اهو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن، جنهن ۾ نمڪيات جي شرح 5000 پي پي ايم آهي جڏهن ته صحت جي عالمي اداري موجب پيئڻ جي پاڻيءَ ۾ نمڪيات جي اها شرح 1500 پي پي ايم تائين هجڻ گهرجي.
سماجي حلقن جي سروي موجب ٿر ۾ غُربت، بيروزگاري، اڻهوند، مڙسن جي تشدد، گهرو اڻبڻت سبب ٿر ۾ هيل تائين خودڪشين جي شرح مردن ۾ (2014ع ڌاري) 47 ۽ عورتن ۾ 44% رهي آهي.
ٿر سنڌ جو اهو صحرا آهي جتي 1899ع ڇپني وارو ڏڪار ۽ ٻيو 1939ع ۾ ڇنوو نالي پيا جنهن ڪري ٿر ۾ پاڻي، کاڌو ۽ چارو بلڪل ختم ٿي ويا هئا . ٿرجا اهم گاهه وڻ ۽ ٻوٽا جن ۾ ڪنڊيون، کٻڙ (ڄار)، ٻٻر، ٻير، ڦوڳ، ڪونڀٽ، روهيڙو، گُگرال، ٻانئوري، ڪرڙ، ٿوهر، سِڻِ، ٻوهه، اڪ، ديوي، کِپِ، ڊامڻ، ڀُرٽ، سيڻ، ڊامون، مُرٽ، ويڪر، ٽوهه، ويسوني ۽ ترڪنـٺي وغيرہ آهن.
عورتون ۽ مرد جن جو اڪثر تعداد غربت ۽ محرومي ۾ گذارين، خاص ڪري انهن خاندانن جون عورتون جيڪي سمورن انساني حقن کان محروم آهن ۽ انهن حالتن ۾ رهڻ ، سخت پورهيو ڪرڻ ۽ زندگي گذارڻ لاءِ پابند ۽ مجبور آهن، اهي مردن جي ڀيٽ ۾ وسڪاري بعد ٻنين (کيتن) ۾ گهڻو ڪم ڪن ٿيون پر سندن ڪم ڳڻجي ڪونه ٿو. انهن فصلن جي باقاعدہ مارڪيٽنگ انهن جي هٿ جي هنرن وانگر نٿي ٿئي جن ۾ انهن غريبن عورتن جي اکين جو نور هليو ٿو وڃي پر سندن گهرن جي غربت نه ٿي وڃي.

ٿر جي ٻنين ۾ ڪم ڪندي هي عورتون ٽن کان چار مهينا مصروف رهنديون آھن. صبح ساجهر اچي ميهن، گوئار ۽ چڀڙن وغيره جو چونڊو ڪري کاري ٺاهي پنهنجي مڙس وغيره کي ڏينديون جيڪو وڃي ويجهي شهر ۾ وڪڻي گهر جو سيڌو آڻيندا ۽ ڪجهه ڀاڄي کڻي اچي گهر ۾ رڌن، جيڪا لذت سان ڀرپور هوندي آهي.
ڪي ٿاريليون جن جا ور مزدوريءَ سانگي مختلف شهرن ۾ ويل آهن تن کي ساريندي اڱڻ واري چئونري چوٽي تي ويٺل ڪانءُ جيڪو ڪانءُ ڪانءُ ڪري رهيو آهن ان کي پنهنجي انداز سان چوندي نظر اينديون ته اي ڪانءُ توکي مٺو لولو ڏيان تون ٻڌا ته منهنجو پرديسي ڪڏهن گهر ايندو ۽ انهي جي اچڻ جي خوشخبري ٻڌاءِ.
ٿر جو فطري حسن ڏسڻ وٽان آهي. ٻاجهرين سنڱ جهليا آهن ۽ ٿر جي ڍاڻين ۽ ڳوٺن ۾ عورتن جون خوشيون سندن ڀائرن، ڀينرن، ڏيرن، سئوٽن، ماساتن جي مــڱڻين، ملير اوڍائن ۽ شادين جا ڏينهن ٻڌڻ وارا عمل پڻ وسڪاري بعد شروع ٿي چڪا آهن ۽ ٿاريليون ڳوٺن ۾ موجود مڻهيارين جي دڪانن تان پشم، سڳا، مڻيا، سويون، ڌاڳا، ڪوڏيون وغيره وٺي تن مان گهوٽن ۽ ڪنوارن لاءِ اڳاٺ، چوٽيون، وينجهڻيون، ڪنجرا، ويهاڻا، رليون، شيشن جي لاءِ جاريون وغيره ٺاهيندي سهرا گُن گنائي رهيون آهن.
ڪجهه ٿاريلين لاءِ هيلوڪو وسڪارو ڪجهه ڏک کڻي آيو آهي جن جا ور ٻنين جي دنڱن تان قتل ٿي چڪا آهن ۽ مختلف دشمنين جي ڪري پنهنجن پيارن به وٽن اچڻ ڇڏي ڏنو آهي.
______________

ممتاز ڪنڀر، سماجي ڪارڪن، عمرڪوٽ



