ھاڻي سولر سرشتي سان سمنڊ جي پاڻيءَ کي پيئڻ لائق بنائي سگھجي ٿو
ڏکڻ ڪوريا جي سائنسدانن هڪ انقلابي ٽيڪنالاجي تيار ڪئي آهي، جيڪا بنا ڪنهن بجلي يا ٻاهرئين ٻارڻ جي، صرف سج جي روشنيءَ جي مدد سان سمنڊ جي کاري پاڻيءَ کي پيئڻ لائق مٺي پاڻيءَ ۾ تبديل ڪري سگهي ٿي. ان ڊوائيس ۾ خاص قسم جو فوٽو ٿرمل مواد استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪو سج جي روشنيءَ کي تيزيءَ سان گرميءَ ۾ تبديل ڪري ٿو. هي گرمي پاڻي کي ٻاف بڻائي اڏائي ٿي، جنهن مان لوڻ ۽ ٻيون ڪثافتون ڌار ٿي وڃن ٿيون ۽ پٺيان صاف پاڻي گڏ ٿئي ٿو.

مانيٽرنگ ڊيسڪ
ڏکڻ ڪوريا جي سائنسدانن هڪ انقلابي ٽيڪنالاجي تيار ڪئي آهي، جيڪا بنا ڪنهن بجلي يا ٻاهرئين ٻارڻ جي، صرف سج جي روشنيءَ جي مدد سان سمنڊ جي کاري پاڻيءَ کي پيئڻ لائق مٺي پاڻيءَ ۾ تبديل ڪري سگهي ٿي.
پاڻيءَ جي کوٽ سڄي دنيا لاءِ هڪ وڏي للڪار بڻجي چڪي آهي. جيتوڻيڪ اسان جي ڌرتيءَ جو وڏو حصو پاڻي سان گھيريل آهي، پر ان جو گهڻو تڻو حصو سمنڊ جو کارو پاڻي آهي، جنهن کي سڌو سنئون پيئڻ يا زراعت لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي. ان چيلنج کي منهن ڏيڻ لاءِ، ڏکڻ ڪوريا جي اُلسان نيشنل انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (UNIST) جي تحقيق ڪندڙن هڪ اهڙو جديد اوزار تيار ڪيو آهي، جيڪو سج جي روشنيءَ جي مدد سان سمنڊ جي پاڻي کي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ ۾ تبديل ڪري ٿو.
روايتي طور تي سمنڊ جي پاڻيءَ کي صاف ڪرڻ لاءِ وڏي پيماني تي بجلي، انرجي ۽ مهانگا پلانٽس گهربل هوندا آهن. پر هن نئين نظام ۾ صرف سج جي روشني استعمال ٿئي ٿي. هن ڊوائيس کي هلائڻ لاءِ ڪنهن به ٻاهرئين بجليءَ جي گرڊ يا فيول (ٻارڻ) جي ضرورت ناهي.
ان ڊوائيس ۾ خاص قسم جو فوٽو ٿرمل مواد استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪو سج جي روشنيءَ کي تيزيءَ سان گرميءَ ۾ تبديل ڪري ٿو. هي گرمي پاڻي کي ٻاف بڻائي اڏائي ٿي، جنهن مان لوڻ ۽ ٻيون ڪثافتون ڌار ٿي وڃن ٿيون ۽ پٺيان صاف پاڻي گڏ ٿئي ٿو.
هي سسٽم پنهنجي بھترين ڪارڪردگي ۽ ماحول دوست هجڻ سبب تمام گهڻو اهم آهي. هيءَ ڊوائيس في چورس ميٽر جي حساب سان، 3.4 کان 4.1 لِٽر صاف پاڻي في ڪلاڪ پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. اھا رفتار عام قدرتي طريقي سان پاڻيءَ جي ٻاف بڻجڻ واري عمل کان لڳ ڀڳ ستوڻ تيز آهي.
هن ايجاد جا کوڙ فائدا آھن. اھا ماحول دوستآھي جنھن مان ڪاربان خارج نٿو ٿئي ۽ ئي ماحول کي نقصان پهچائيندڙ ٻارڻ استعمال ٿئي ٿو. اهو سرشتو ساحلي علائقن يا ٻيٽن تي، جتي بجلي جي سهولت موجود ناهي، اتي هي انساني زندگيءَ لاءِ ڪنهن نعمت کان گھٽ ناهي. بجليءَ جي بلن ۽ مهانگي سار سنڀال کان پاڪ هجڻ ڪري هيءُ پاڻي حاصل ڪرڻ جو هڪ سستو ذريعو بڻجي سگهي ٿو.
ڏنل تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هي اوزار سمنڊ جي مٿان ترڻ (Float) جي صلاحيت بہ رکي ٿو ۽ اتي ئي سڌو سنئون سمنڊ جو پاڻي کڻي پيئڻ لائق بڻائي گلاس ۾ گڏ ڪري رهيو آهي. تصوير تي اداري جو لوگو پڻ نمايان آهي، جيڪو ڏکڻ کوريا جي سائنسي ادارن جي گڏيل سهڪار يا ريسرچ نيٽورڪ کي ظاهر ڪري ٿو.
________________



