Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

ڪراچي: گجراتي ۽ ڪڇي ڳالهائيندڙ يھودي، سنڌي واپارين ۽ مهاڻن سان گڏ ڪم ڪندا ھئا

ڪراچيءَ جي تاريخ اسان کي ھڪ بلڪل مختلف ۽ حيرت انگيز حقيقت سان شناسائي ڪرائي ٿي. ھي ھڪ اھڙي دؤر جي ڪهاڻي آھي جڏھن ڪراچي جي سڙڪن تي گجراتي ۽ ڪڇي ڳالهائيندڙ يھودي، سنڌي تاجرن ۽ مهاڻن سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي ڪارخانا ھلائيندا ھئا ۽ شھر جي گھڻ ثقافتي ۽ روادار سڃاڻپ جي شاھدي ڏيندا ھئا. ڪراچيءَ جي يھودين جي سڀ کان وڏي خوبي سندن مقامي ثقافتي رنگ ۾ سمائجڻ ھو. اھي ڪو ٻاهريون يا ڌاريون طبقو نه لڳندا ھئا، بلڪه سندن روزمره جي ٻولي گجراتي ۽ ڪڇي (سنڌي) ھئي. اھي پاڻ ۾ ۽ مقامي تاجرن سان انھيءَ ٻوليءَ ۾ گفتگو ڪندا ھئا، جنھن جي ڪري سندن وچ ۾ معاشي ۽ سماجي رابطا انتھائي گهرا ۽ مضبوط ٿي ويا. يھودي برادريءَ جي نوجوانن ۽ ماهرن ان خال کي ڀريو. ھنن ڪياماڙي جي ڪارخانن ۽ ورڪشاپس ۾ بطور ٽيڪنيڪي ماهر چارج سنڀالي ۽ بحري جهازن جي مرمت، بوائلرن جي سار سنڀال ۽ لوھ جي پيچيده ڪمن ۾ پنھنجي غير معمولي مھارت ثابت ڪئي. ھنن بندرگاھ تي جھازن مان سامال لاھڻ ۽ چاڙھڻ لاءِ لاجسٽڪس جا جديد نظام ٺاھيا ڪيا.

تحقيق: ابراھيم صالح محمد

سنڌ سمنڊ جي ساحل تي قائم ڪراچي شھر رُڳو ھڪ جاگرافيائي خطي جو نالو ناھي، بلڪه اھو سڄي دنيا مان ايندڙ مختلف عقيدن، ٻولين ۽ تھذيبن جي ميلاپ جو ھڪ سحر انگيز داستان پنھنجي سيني ۾ سانڍيندڙ شھر آھي. اڻويھين صديءَ جي وچ ۾، جڏھن برطانوي راڄ تحت ھن بندرگاھي شھر ۽ اولڊ ٽائون جي ھڪ مهاڻن واري وستيءَ کي بين الاقوامي تجارتي مرڪز جي طور تي ترقي ڏني پئي وئي، ته ھي شھر برصغير ۽ ان کان ٻاھر جي ڪيترن ئي ھنرمند ۽ ڪاروباري طبقن لاءِ اميد جو ھڪ نئون ڪرڻو بڻجي اڀريو.

ڪراچي جي ھن شاندار تعمير ۽ ترقيءَ ۾ جتي پارسين جي تجارتي بصيرت،گووا جي عيسائين جي سماجي خدمتن ۽  سنڌي ھندو واپارين جي معاشي قوت جو ذڪر عام ملي ٿو، اتي تاريخ جو ھڪ اھڙو باب به آھي جيڪو وقت جي دز ۽ سياسي تبديلين جي نظر ٿي عوامي ساروڻين مان مٽجي چڪو آھي. ھي باب آھي ڪراچي ۾ آباد ٿيندڙ بني اسرائيل يھودي برادريءَ جو. ھي اھو ھنرمند، تعليم يافته ۽ محنتي طبقو ھو جنھن ڪراچيءَ جي بندرگاھ کي سنڀاليو، ھتان جي عدليه ۽ بلديه ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو، ۽ شھر کي اھڙيون لازوال عمارتون ڏنيون جيڪي اڄ به ڪراچيءَ جي سڃاڻپ ۽ ان جو فخر آھن.

موجوده دؤر ۾، جتي مسلم ۽ يھودي لاڳاپن کي محض وچ اوڀر جي سياسي تناظر ۽ جاگرافيائي ڇڪتاڻ جي آئيني ۾ ڏٺو وڃي ٿو، اتي ڪراچيءَ جي تاريخ اسان کي ھڪ بلڪل مختلف ۽ حيرت انگيز حقيقت سان شناسائي ڪرائي ٿي. ھي ھڪ اھڙي دؤر جي ڪهاڻي آھي جڏھن ڪراچي جي سڙڪن تي گجراتي ۽ ڪڇي ڳالهائيندڙ يھودي، سنڌي تاجرن ۽ مهاڻن سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي ڪارخانا ھلائيندا ھئا ۽ شھر جي گھڻ ثقافتي ۽ روادار سڃاڻپ جي شاھدي ڏيندا ھئا.

ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيندڙ يھودين جو تعلق ڪنھن يورپي يا وچ اوڀر جي خطي سان نه ھو (سواءِ ڪجهه عراقي يھودي خاندانن جي)، بلڪه انھن جي اڪثريت بني اسرائيل برادريء سان تعلق رکندي ھئي. تاريخي  رڪارڊن مطابق، بني اسرائيل برادريءَ جا وڏا صديون اڳ (ڪجهه روايتن مطابق ٻه ھزار سال اڳ) ڪنھن سامونڊي حادثي جي نتيجي ۾ ھندوستان جي اولھندن ساحلن، خاص طور تي مهاراشٽر جي خطي “ڪونڪڻ” ۽ گجرات جي ڪنارن تي اچي آباد ٿيا ھئا.

صديون گذرڻ سان گڏ ھي ماڻھو مقامي ھندوستاني ثقافت، ٻولي ۽ رھڻي ڪھڻيءَ ۾ اھڙيءَ ريت سمائجي ويا جو سندن نالن سان گڏ مهاراشٽرين اسٽائل ٿي ويا ۽ سندن مادري ٻولي به مقامي ٿي وئي. جڏھن 1839ع ۾ انگريزن ڪراچي جي منھوڙا ٻيٽ قبضو ڪيو ۽ 1843ع ۾ سر چارلس نيپيئر سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي جو حصو بڻائي ڇڏيو، ته بمبئي ۽ گجرات مان لڏپلاڻ جي ھڪ لهر شروع ٿي وئي.

بمبئيءَ مان ايندڙ انھن ماڻھن ۾ بني اسرائيل برادريءَ جا اھي ماڻھو شامل ھئا جيڪي نون موقعن، روزگار ۽ ھڪ اڀرندڙ شھر جو حصو بڻجڻ لاءِ ڪراچيءَ منتقل ٿي رھيا ھئا. انھن ڪراچي پھچي پراڻي شھر جي علائقن ۾ ديرا ڄمايا ۽ جلد ئي شھر جي معاشي ۽ ٽيڪنيڪي ڍانچي جو ھڪ لازمي حصو بڻجي ويا.

ڪراچيءَ جي يھودين جي سڀ کان وڏي خوبي سندن مقامي ثقافتي رنگ ۾ سمائجڻ ھو. اھي ڪو ٻاهريون يا ڌاريون طبقو نه لڳندا ھئا، بلڪه سندن روزمره جي ٻولي گجراتي ۽ ڪڇي (سنڌي) ھئي. اھي پاڻ ۾ ۽ مقامي تاجرن سان انھيءَ ٻوليءَ ۾ گفتگو ڪندا ھئا، جنھن جي ڪري سندن وچ ۾ معاشي ۽ سماجي رابطا انتھائي گهرا ۽ مضبوط ٿي ويا.

سندن ثقافتي سڃاڻپ جو مرڪز پراڻي ڪراچيءَ جو علائقو رنڇوڙ لائين ھو، جتي سندن مرڪزي ۽ واحد عبادتگاھ “مگين شالوم سينيگاگ” (Magain Shalome Synagogue) واقع ھئي. ھي عبادتگاھ محض ھڪ مذهبي مرڪز نه ھئي، بلڪه ان دؤر جي لساني ۽ سچي رواداريءَ جو ھڪ وڏو مثال ھئي. ان سينيگاگ جي ٻاھران جيڪي سائن بورڊ لڳل ھئا، تن تي صرف عبراني (Hebrew) ٻولي لکيل نه ھوندي ھئي، بلڪه ان سان گڏوگڏ اردو ۽ گجراتي ٻوليءَ ۾ به بورڊ لکيا ويا ھئا ته جيئن مقامي آبادي ۽ اتان گذرندڙ ماڻھو ان کي آسانيءَ سان پڙھي سگهن. ھي ان ڳالهه جو واضح ثبوت آھي ته برادريءَ پاڻ کي ڪڏھن به ھڪ الڳ ٿلڳ جزيرو بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪئي، بلڪه اھي شھر جي لساني ڌارا سان گڏوگڏ وھندا رھيا.

برطانوي راڄ دوران ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي تشڪيل ۽ ڪياماڙي بندرگاھ جي جديد بنيادن تي توسيع ھڪ تمام وڏو چيلنج ھئي. ان منصوبي لاءِ نه صرف وڏي سيڙپ جي ضرورت ھئي بلڪه اھڙا لوھ جي ڪم جا ماهر ۽ انجنيئر گهربل ھئا جيڪي سمنڊ جي ماحول ۽ جهاز راني جي ٽيڪنيڪي معاملن کي سمجهندا ھجن. يھودي برادريءَ جي نوجوانن ۽ ماهرن ان خال کي ڀريو. ھنن ڪياماڙي جي ڪارخانن ۽ ورڪشاپس ۾ بطور ٽيڪنيڪي ماهر چارج سنڀالي ۽ بحري جهازن جي مرمت، بوائلرن جي سار سنڀال ۽ لوھ جي پيچيده ڪمن ۾ پنھنجي غير معمولي مھارت ثابت ڪئي. ھنن بندرگاھ تي جھازن مان سامال لاھڻ ۽ چاڙھڻ لاءِ لاجسٽڪس جا جديد نظام ٺاھيا ڪيا.

سندن ھيءَ مھارت صرف نجي شعبي يا بندرگاھ تائين محدود نه رھي. سندن اعلي تعليم، انگريزي ٻوليءَ تي عبور ۽ پيشيورانه ديانتداري جي ڪري برطانوي حڪومت کين اھم سرڪاري کاتن ۾ ذميواريون سونپيون. يھودي برادريءَ جا فرد برطانوي ڪسٽمز، نارٿ ويسٽرن ريلوي، ڊاڪ ۽ تار کاتي  ۽ برطانوي فوج جي انتظامي شعبن ۾ اعلي عهدن تي فائز رھيا ۽ شھر جي نظام کي ھلائڻ ۾ برطانوي آفيسرن جا سڀ کان وڌيڪ ڀروسي جوڳا ساٿي بڻيا.

موسي سوميڪ (Moses Somake) ڪراچي جو معمارِ اعظم

جڏھن اسان ڪراچي جي نئين-ڪلاسيڪل ۽ وڪٽورين طرزِ تعمير وارين تاريخي عمارتن جو اڀياس ڪريون ٿا، ته اسان جو سامھون ھڪ اھڙو نالو اچي ٿو جنھن ڪراچيءَ جي افق کي پنھنجي فن سان امر ڪري ڇڏيو. اھو نالو آھي ’موسي سوميڪ‘ جو. سوميڪ جو تعلق عراقي يھودي نسل سان ھو، جنھن جو خاندان بغداد مان ھجرت ڪري ھندوستان آيو ھو. ھو ھڪ غير معمولي طور تي ذھين ۽ تخليقي آرڪيٽيڪٽ ھو، جنھن ڪراچيءَ جي مقامي گزري پيلي پٿرGizri Sandstoneکي اھڙي نموني عمارتن جي تعمير ڪئي جو اُھي لازوال مثال بڻجي ويون.  

موسي سوميڪ ڪراچيءَ کي جيڪو لازوال تعميراتي ورثو ڏنو، ان جي تفصيل ھيٺين ريت آھي:

(الف) فليگ اسٽاف ھائوس (قائد اعظم ھائوس ميوزيم)

صدر جي علائقي ۾ واقع ھي عمارت ڪراچي جي سڀ کان خوبصورت ۽ پروقار رھائشي عمارتن ۾ شمار ٿئي ٿي. موسي سوميڪ ان کي گزري پٿر سان نيو-گوٿڪ (Neo-Gothic) طرز تي ڊيزائن ڪيو ھو، جنھن ۾ شاندار محراب, ڪاٺ جون بالڪنيون ۽ ڇترون ٺاھيون ويون ھيون. ھي عمارت پنھنجي خوبصورتي جي ڪري ايتري مقبول ٿي جو بعد ۾ محمد علي جناح ان کي پنھنجي ذاتي رھائشگاھ جي طور تي خريد ڪيو. اڄ ھيءَ عمارت ھڪ ميوزيم جي صورت ۾ شھر جي مرڪز ۾ ان يھودي آرڪيٽيڪٽ جي فن جي شاھدي ڏئي رھي آھي.

(ب) مولز مينشن (Mules Mansion)

ڪياماڙي بندرگاھ جي ويجهو واقع ھي تاريخي ۽ ڊگهي عمارت برطانوي دؤر ۾ بندرگاھ جي معاملن، آفيسن ۽ آفيسرن جي رھائش لاءِ ٺاھي وئي ھئي. ان جو نالو ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي ھڪ مشھور چيئرمين ھنري چارلس مولز جي نالي تي رکيو ويو ھو. موسي سوميڪ ھن عمارت کي اھڙي ريت ڊيزائن ڪيو ھو جو ھي سمنڊ جي ھوائن جي دٻاءُ کي برداشت ڪري سگهي ۽ پري کان ڏسڻ تي ھڪ قلعي جو منظر پيش ڪري.

(ج) ايڊورڊ ھائوس (Edward House)

صدر جي مشھورِ علائقي ۾ عبدالله ھارون روڊ تي واقع ايڊورڊ ھائوس پنھنجي دؤر جي جديد ترين رھائشي ۽ تجارتي عمارت ھئي. ان جي ھيٺين ماڙ تي دڪان ۽ ڪيفي ھئا جڏھن ته مٿين ماڙ تي رھائشي فليٽ ٺاھيا ويا ھئا. ان جي بالڪونين جي ڊيزائن ۽ درين جي بناوٽ موسي سوميڪ جي منفرد يورپي ۽ ھندوستاني گڏيل طرزِ تعمير جي عڪاسي ڪري ٿي.

(د) بي وي ايس پارسي ھائي اسڪول ۽ ڪي جي اي ھال

موسي سوميڪ جي رواداري ۽ فن جي وسعت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو جو ھن محض پنھنجي برادريءَ لاءِ ڪم نه ڪيو، بلڪه ٻين اقليتن جي تعليمي ۽ سماجي منصوبن کي به ڊيزائن ڪيو. ڪراچي جي مشھور بائي ويربائي سپاري والا (BVS) پارسي بوائز اسڪول جي مرڪزي تاريخي عمارت ۽ صدر ۾ ڪراچي گووان ايسوسي ايشن (KGA) ھال (جيڪو گووا جي عيسائي برادريءَ جو مرڪز ھو) به موسي سوميڪ جي ئي ذھن جو نتيجو ھئا.

ميري ويدر ڪلاڪ ٽاور جي تاريخي حقيقت

ڪراچي جي بندر روڊ ۽ مڪلوڊ روڊ (آءِ آءِ چندريگر روڊ) جي ميلاپ تي واقع ميري ويدر ڪلاڪ ٽاور جي ٻاھرين ديوارن جو جيڪڏھن باريڪ بيني سان مشاهدو ڪيو وڃي، ته ان تي وڪٽورين نقش نگار جي وچ ۾ واضح طور تي ڇهن ڪنڊن وارو “دائودي تارو” (Star of David) اڪريل نظر اچي ٿو. ھي ڪلاڪ ٽاور سر وليم ميري ويدر جي ياد ۾ ٺاھيو ويو ھو ۽ ان تي ان نشان جي موجودگي ان دؤر جي ڪراچي ۾ يھودي برادري جي گهرن اثرن ۽ شھر جي ڪشاده دلي جو سڀ کان وڏو ثبوت آھي.

بلدياتي سياست ۽ سماجي اثر و رسوخ

ڪراچي جي يھودين شھر کي محض عمارتون ۽ ٽيڪس ئي نه ڏنا، بلڪه انھن شھر جي بلدياتي سياست ۽ عوامي خدمتن ۾ به سرگرميءَ سان حصو ورتو. ان سلسلي ۾ سڀ کان وڌيڪ معتبر ۽ تاريخي نالو ’ابراھيم روبن (Abraham Reuben)‘ جو آھي.

ابراھيم روبن بني اسرائيل برادري جو ھڪ مخلص ۽ متحرڪ اڳواڻ ھو. ھُو پنھنجي عوامي خدمتن ۽ ديانتداريءَ جي ڪري ڪراچي جي عوام ۾ ايترو مقبول ھو جو ھو 1919ع، 1936ع ۽ پھرين 1939ع ۾ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن (KMC) جو ڪائونسلر چونڊيو ويو. ھو ڪراچيءَ جي تاريخ جو پھريون يھودي ڪائونسلر ھو جنھن کي شھر جي مختلف عقيدن وارن ماڻھن ووٽ ڏئي بلديه ۾ پنھنجو نمائندو چونڊيو. ابراھيم روبن ڪائونسلر جي حيثيت سان لياري جي پسمانده ۽ غريب مهاڻن جي ٻارن لاءِ ھڪ اسڪول به قائم ڪيو، جنھن ڏهاڪن تائين اتان جي ٻارن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪيو.

انھن کان علاوه، بلديه ڪراچي ۾ ھڪ ڊگهي عرصي تائين بطور سينيٽري سپروائيزر ۽ سرويئر خدمتون سرانجام ڏيندڙ ھڪ يھودي سلومن ڊيوڊ ھئا. سندن عوامي خدمتن جي اعتراف ۾ پراڻي شھر جي علائقي رنڇوڙ لائين ۾ ھڪ سڙڪ جو نالو “سلومن ڊيوڊ اسٽريٽ” رکيو ويو ھو، جنھن جو نالو ته بعد ۾ تبديل ڪيو ويو پر اھا اڄ به پنھنجي پراڻي نالي سان ڪراچي جي نقشي تي موجود آھي ۽ ان برادري جي سماجي اثر و رسوخ جي ياد ڏياري ٿي.

رھائشي جاگرافي: پراڻي ڪراچي جا مرڪز

جيتوڻيڪ ڪجهه آسودا ۽ تاجر يھودي صدر, سول لائينز ۽ ڪياماڙي جي علائقن ۾ رھندا ھئا، پر برادريءَ جي اڪثريت ۽ سندن سماجي زندگي جو اصل مرڪز پراڻي ڪراچي جا ڳتيل آبادي وارا علائقا ھئا. انھن ۾ ھيٺيان علائقا شامل ھئا:

رنڇوڙ لائين ۽ رام سوامي: ھي علائقا يھودي آبادي جي دل ھئا. ھتي غريب ۽ مڊل ڪلاس طبقي جا يھودي خاندان رھندا ھئا جن جا مسلم ۽ ھندو پاڙيسرين سان گھاٽا لاڳاپا ھئا. سندن دڪان ۽ ننڍا ڪارخانا به ھن علائقي جي آس پاس ھئا.

لارنس روڊ (موجوده نسيم الاھي روڊ) ۽ سولجر بازار: انھن علائقن ۾ برادري جا اھي ماڻھو رھندا ھئا جيڪي سرڪاري ملازمتن يا وڏن تجارتي ادارن سان وابسته ھئا. سندن شامون لارنس روڊ جي پارڪن ۽ برادري جي ھالن ۾ گذرنديون ھيون.

آخري آرامگاھون: تاريخ جا خاموش شاھد

ڪنھن به برادريءَ جي مٽيءَ سان سچائيءَ جو سڀ کان وڏو ثبوت سندن قبرستان ھوندا آھن. ڪراچيءَ ۾ بني اسرائيل برادري جون ٻه اھم آخري آرامگاھون موجود آھن، جيڪي ھاڻي تاريخ جون خاموش ۽ دردناڪ گواھ بڻجي چڪيون آھن:

(الف) ڪڇي ميمڻ قبرستان جو يھودي گوشو (لياري/رنڇوڙ لائين)

ھي جڳھ ڪراچي جي تاريخ جي شايد سڀ کان حيرت انگيز ۽ خوبصورت ترين بلدياتي ۽ مذهبي رواداري جو مثال آھي. لياريءَ جي علائقي ۾ موجوده چيل چوڪ جي ويجهو واقع ڪڇي ميمڻ قبرستان بنيادي طور تي مسلمانن جو قبرستان آھي، پر ان جي ھڪ ڪنڊ ۾ يھودي برادري جون قبرون موجود آھن.

تاريخي شاھدين مطابق، جيئن تہ يھودي آبادي رنڇوڙ لائين ۽ لياريءَ جي آس پاس وڏي تعداد ۾ رھندي ھئي ۽ سندن مسلم ڪڇي ميمڻ برادري سان ايترا گهرا دوستانه ۽ ڪاروباري لاڳاپا ھئا جو انھن پنھنجي فوت ٿيندڙن جي تدفين لاءِ ھن مسلم قبرستان جو ھڪ حصو باهمي رضامندي سان حاصل ڪيو. محققن مطابق، ھتي تقريبا 25 کان 50 جي لڳ ڀڳ يھودي قبرون موجود آھن، جن مان سڀ کان پراڻي قبر 1851ع جي ٻڌائي وڃي ٿي. انھن قبرن جي سارسنڀال اڄ به مقامي مسلم گورڪن ۽ انتظاميه ڪن ٿا، جيڪو ھن شھر جي وڇڙيل حسن جو ھڪ نمونو آھي.

(ب) ميوھ شاھ قبرستان (بني اسرائيل ڪمپائونڊ)

لياري ندي جي ڪناري واقع ميوھ شاھ قبرستان ڪراچي جو سڀ کان وڏو ۽ قديم ترين قبرستان آھي. انھيءَ قبرستان اندر ھڪ الڳ، چئني ديوارن سان گھيريل اڍائي ايڪڙن جو احاطو آھي جنھن کي باقاعده طور تي “بني اسرائيل قبرستان” چيو وڃي ٿو.

ان جي ڪل ايراضي اٽڪل اڍائي (2.5) ايڪڙ آھي، جيڪا 8 کان 10 فٽ بلند چئن ديوارن ۾ بند آھي. ھتي لڳ ڀڳ 250 کان 400 تاريخي قبرون آھن، جيڪي اڇي سنگِ مرمر سان ٺھيل آھن، جن تي سنڌ جا روايتي ’چوڪنڊي طرزِ تعمير‘ ۽ گنبد نما سائبان ٺھيل آھن. انھن ڪتبن تي عبراني (Hebrew) ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ دعائون ۽ خاڪو لکيل آھي. ھتي آخري تدفين 1980ع واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري (1983ع يا 1987ع) ۾ ٿي ھئي.

ھن قبرستان جي ڪتبن تي جيڪڏھن غور ڪيو وڃي ته نالن جي بناوٽ انتھائي دلچسپ آھي. ھتي ’ايليزر جيڪب ڀوراپڪر‘ (Eliezer  Jacob Bhorapker) ۽ ’جيڪب سليمان ڪامرلڪر‘ (Jacob Solomon Kamarlekar) جھڙا نالا لکيل آھن. نالن جي آخر ۾ لڳل  (kar) واضح طور تي اھو ثابت ڪري ٿو ته ھي ماڻھو مهاراشٽر جي ڪونڪڻ ۽ مالابار ساحل جي يھودين جي نسل مان ھئا، جن سنڌ جي ڌرتي کي پنھنجو مسڪن بڻايو ھو. ھن قبرستان جي چوڪيداري گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ھڪ مقامي بلوچ خاندان ڪري رھيو آھي، جيڪو ان جي حفاظت کي پنھنجي اخلاقي ذميواري سمجهي ٿو.

برادريءَ جو زوال، لڏپلاڻ ۽ موجوده صورتحال

1947ع ۾ برصغير جي ورهاڱي ۽ خاص طور تي 1948ع ۾ وچ اوڀر ۾ رياستِ اسرائيل جي قيام ڪراچي جي ھن پرامن ۽ ھنرمند برادري جي زندگيءَ جو رخ ھميشه لاءِ تبديل ڪري ڇڏيو. بين الاقوامي سطح تي بدلجندڙ سياسي حالتن، مسلم ملڪن ۾ وڌندڙ جذبات ۽ پاڪستان جي اندروني معاشي ۽ سياسي تبديلين جي ڪري ڪراچيءَ جي يھودين اندر عدم تحفظ جو احساس پيدا ٿيڻ لڳو.

انھن حالتن کي نظر ۾ رکندي، 1950ع ۽ 1960ع وارن ڏهاڪن ۾ ڪراچي جي يھودين جو ھڪ تمام وڏو تعداد خاموشيءَ سان ڀارت (خاص طور تي ممبئي)، برطانيه، ڪينيڊا ۽ اسرائيل ڏانهن لڏي ويو.

برادري جي سڃاڻپ کي سڀ کان وڏو ۽ آخري معاشي ۽ ثقافتي ڌڪ 1988ع ۾ لڳو. رنڇوڙ لائين ۾ واقع سندن تاريخي ۽ خوبصورت عبادتگاھ “مگين شالوم سينيگاگ” کي بلڊوزر سان ڊاھيو ويو ۽ ان ھنڌ تي ھڪ گھڻ-ماڙ شاپنگ مال (مديحه اسڪوائر) تعمير ڪيو ويو. ان سينيگاگ جو خاتمو دراصل ڪراچي جي گھڻ ثقافتي ۽ روادار تاريخ جي ھڪ شاندار باب جو باقاعده خاتمو ھو.

سڃاڻپ جو بحران ۽ موجوده پوشيده حقيقتون

ايسوسي ايٽڊ پريس (AP) جي ھڪ دستاويزي فلم ۽ مقامي محققن جي تحقيقات مطابق، اڄ به ڪراچيءَ ۾ ڪجهه يھودي خاندان يا سندن فرد موجود آھن، پر اھي سخت سماجي دٻاءُ، خوف ۽ امن و امان جي نازڪ صورتحال جي ڪري پنھنجي اصل سڃاڻپ کي مڪمل طور تي لڪائي چڪا آھن.

ميوھ شاھ قبرستان جي گورڪن ۽ دستاويزي شاھدين مطابق، ھي ماڻھو ھاڻي پنھنجي اصل نالن جي بجاءِ مسلم خانداني نالا جھڙوڪ قريشي يا ٻيا مسلم نالا استعمال ڪن ٿا ته جيئن اھي مقامي آبادي ۾ رِلي مِلي وڃن ۽ ڪنھن به قسم جي انتقام يا سماجي بائڪاٽ کان محفوظ رھي سگهن. اھي پنھنجن وڏن جي قبرن تي فاتحہ خواني يا گُل وجھڻ لاءِ به سال ۾ ھڪ ٻه ڀيرا انتھائي خاموشيءَ سان اچن ٿا ۽ پاڻ کي پارسي يا ڪڇي ميمڻ ظاهر ڪن ٿا ته جيئن سندن اصل سڃاڻپ لڪل رھي.

تاريخ جو قرض ۽ اسان جو فرض

ھڪ مورخ جڏھن اڄ جي ڪراچي جي اسڪاءِ لائن کي ڏسي ٿو، ته کيس ميري ويدر ٽاور تي ٺھيل دائودي تارو، فليگ اسٽاف ھائوس جا پيلا پٿر ۽ ميوھ شاھ جون خاموش قبرون پڪاري پڪاري ان شھر جي ان رنگ جي ياد ڏيارين ٿيون جيڪو ھاڻي اڏامي چڪو آھي. ڪراچيءَ جي بني اسرائيل برادري محض ھڪ اقليت جو نالو نه ھئي، ھي ان ڳالهه جو ثبوت ھو ته ڪراچي اھڙو وسيع، محفوظ ۽ دلڪش شھر ھو جتي ھنرمند کي سندس عقيدي کان مٿانھون ٿي عزت ۽ ترقي جا موقعا ملندا ھئا.

موسي سوميڪ جا تراشيل پٿر، ابراھيم روبن جا قائم ڪيل اسڪول ۽ رنڇوڙ لائين جون سڙڪون اڄ به ان معمار برادري جون قرضي آھن. ڪراچي جيتري پنھنجي مسلم معمارن، پارسي سخي مردن ۽ ھندو تاجرن جي احسان مند آھي، اوتري ئي اھا انھن يھودي انجنيئرن ۽ آرڪيٽيڪٽس جي به قرضي آھي جن ھن شھر جي بنيادن ۾ پنھنجو رت ۽ پگهر شامل ڪيو. جيستائين اسان پنھنجي ماضيءَ جي انھن سڀني رنگن کي تسليم نه ڪنداسين، اسان ڪراچي جي اصل روح ۽ ان جي تاريخ سان انصاف نه ڪري سگهنداسين. ميوھ شاھ جون عبراني قبرون اڄ به ڪراچي جي خوبصورت ۽ روادار ماضي جو ھڪ اھڙو نوحو آھن جنھن کي ٻڌڻ لاءِ ھڪ حساس ۽ تاريخي شعور جي ضرورت آھي.

 _________________

Ibrahim Saleh Muhammad-TheAsiaN

ابراھيم صالح محمد ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا  صدر رھي چُڪو آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button