Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

ليکڪ ۽ سياسي، سماجي اڳواڻ لعل بخش منگيءَ جي ياد ۾ خيرپور ۾ تعزيتي ميڙاڪو

”لعل بخش منگي عمر جي آخري گهڙين تائين سماج جي ڀلي لاءِ متحرڪ رھيو“، پوپٽ پبلشنگ ھائوس پاران ڪوٺايل تعزيتي ريفرينس ۾ ساڃاھہ وندن جو اظهار

خيرپور

”لعل بخش منگيءَ ادارا ٺاھيا، ڪتاب لکيا ۽ محبتون ورھايون.“ اھڙن خيالن جو اظھار مختلف ساڃاھہ وندن، تازو وڇڙي ويل نامياري ليکڪ ۽ سياسي، سماجي اڳواڻ لعل بخش منگيءَ جي ياد ۾ ڪوٺايل تعزيتي ريفرينس ۾ ڳالھائيندي ڪيو.

پوپٽ پبلشنگ ھائوس خيرپور پاران سنڌ چلڊرينس اڪيڊمي خيرپور ۾ ڪوٺايل ھن تقريب ۾ صدارتي خطاب ڪندي شاھہ عباللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر يوسف خشڪ چيو تہ، لعل بخش منگي صاحب ھڪ زماني شناس شخص ھيو. ھو لطيف يونيورسٽيءَ سان بہ مختلف فورمس تي جڙيل رھيو. سندس لکيل ڪتاب ھڪ دؤر جي تاريخ جي ياد تازي ڪن ٿا، ھو عمر جي آخري گهڙين تائين سماج جي ڀلي لاءِ متحرڪ رھيو.

خاص مھمان نامياري شاعر ايازگل چيو تہ، لعل بخش منگي سماجي حوالي سان سگهاري حيثيت ماڻڻ کان پوءِ بہ شخصي حوالي سان نياز ۽ نوڙت جو نمونو ھيو. ھن علمي، ادبي ادارن خاص طور سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي ترقيءَ لاءِ خاص ڪوششون ڪيون.

شاعر ۽ براڊڪاسٽر مختيار ملڪ چيو تہ سچل يادگار ڪاميٽيءَ کان وٺي خيرپور آرٽس ڪائونسل تائين، لعل بخش منگي صاحب سان گڏ رھياسين، ھو ھڪ معاملا فھم ۽ ڌيرج ڀريو شخص ھيو. ساڻس ساٿ ۽ شناسائي ايم آر ڊي تحريڪ جي ڏينهن کان وٺي ھئي.

ڪلاسيڪل راڳي استاد عبداللغفور سومري چيو تہ لعل بخش منگي صاحب موسيقيءَ سان پيار ڪندڙ شخص ھيو. سچل جو ميلو، خيرپور آرٽس ڪائونسل، حاميءَ جي ورسي، ھن ھر جاءِ تي فنڪارن جو قدر ڪيو ۽ سنڌ جي ثقافت کاتي پاران مستحق فنڪارن جي واھر پڻ ڪرايائين.

سفرنامہ نگار قربان منگيءَ چيو تہ پوپٽ پبليڪيشنس منگي صاحب جا ڪتاب ڇاپيا ۽ انهن جون مھورتون ڪرايون. ساڻس ڪيترن ئي فورمن ۾ گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. ھو ھڪ محبت ڪندڙ ۽ بردبار شخص ھيو.

درگاھہ خوش خير محمد فقير ھيسباڻيءَ جي سجادہ نشين فقير ذاڪر حسين چيو تہ لعل بخش منگي صاحب اسان لئہ ھڪ وڏي، بزرگ ۽ رھنما جي حيثيت رکي ٿو. ھو ٻين بزرگن سان گڏ خوش خير محمد فقير جو بہ عقيدتمند ھيو.

لعل بخش منگيءَ جي فرزند وحيد منگيءَ چيو تہ بابا سائين  گهر، ڳوٺ راڄ ۽ تر لاءِ ڇپر ڇانو ھيو، سندس وڇوڙو وڏو درد ۽ وڏو خال ڇڏي ويو آھي. دعا ڪيو تہ سندس گهڙيل گس تي ھلي سگهون.

تقريب کي ڊاڪٽرابراھيم کرل، منظور خاموش، حبدار جاگيراڻي، تاج سروھي، قاسم منگي ۽ ٻين بہ خطاب ڪيو. شريف عباسيءَ ايازگل جي وائي ”توکان ٿيندي ڌار“ نئين ڪمپوزيشن ۾ ڳائي محفل کي سوڳوار ڪري ڇڏيو. اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرض نامياري شاعر امراقبال نڀايا. تقيب ۾ رخسانہ منگي، احمد بخش گهمرو، ضمير لاشاري، فھيم يحييٰ ڀٽو، آصف ابڙو، ياسين جوڻيجو، روشن شيخ، آزاد انصاري، راحيل بڙدي، سجاد منگي، خادم منگي، ڊاڪٽر مجيب اقبال سومرو، ڪليم شيخ، ساگر صفي الله شر، زاھد منگي، خادم ميمڻ، فقير ڦليو سميت علم، ادب، فن ۽ ثقافت جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ مھمانن شرڪت ڪئي (پريس رليز)

_______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button