Editor's pickMain Slideثقافت

لياري ڪراچيءَ کان گوادر تائين: ڪڇي اسماعيلي خوجن جو مڇيءَ جو تاريخي واپار

لياريءَ ۾ موجوده شاهه ولي الله روڊ تي، اوکائي ميمڻ سوسائٽيءَ کان وٺي موجوده ذِڪري بلوچن جي سرگ وات پاڙي تائين وڏا وڏا سٿر (وڏا گودام جنهن ۾ لوڻ وجهي مڇيءَ کي سڪايو ويندو هو) موجود هئا. اهي سٿر گهڻو ڪري ڪڇي اسماعيلي خوجن جا هئا.

ليکڪ ابراھيم صالح محمد

ڪڇي اسماعيلي خوجن جو سڀ کان وڏو ڪاروبار مڇيءَ جي خريد و فروخت، خاص ڪري مڇيءَ جا سٿر (يعني اهڙا وڏا گودام جنهن ۾ لوڻ وجهي مڇيءَ کي سڪايو ويندو هو)، لوڻ لڳل سُڪل مڇيءَ کي بعد ۾ ملڪ کان ٻاهر، خاص ڪري سريلنڪا ۽ ٻين ملڪن ڏانهن موڪلڻ جو هو. ان حوالي سان اسان جي شهر ڪراچيءَ جي لياريءَ ۾ موجوده شاهه ولي الله روڊ تي، اوکائي ميمڻ سوسائٽيءَ کان وٺي موجوده ذِڪري بلوچن جي “سرگ وات پاڙي” تائين وڏا وڏا سٿر موجود هئا. اهي سٿر گهڻو ڪري ڪڇي اسماعيلي خوجن جا هئا. ان علائقي ۾ آبادي ۽ ٽرڪ اسٽينڊ سن 1972ع کان پوءِ انهن سٿرن کي هتان ختم ڪرڻ کان پوءِ ٺهيا.

قديم زماني کان هي ڪڇي اسماعيلي موجوده بلوچستان ۾ لسٻيلي کان گوادر ۽ جيوڻي، بلڪه ايران ۽ عمان ۾ به آباد آهن، جتي سندن قديم زماني کان جماعت خانا موجود آهن. اهي گوادر ۾ ان وقت کان موجود هئا جڏهن گوادر بلوچستان جو نه پر سلطنت عمان جو حصو هو.

موجوده نسل کي هيءَ ڳالهه بلڪل عجيب لڳندي ته گوادر کي عمان کان خريد ڪري پاڪستان جو حصو ملڪ فيروز خان نون جي وزيراعظم ھجڻ واري دور ۾ 8 سيپٽمبر 1958ع تي بڻايو ويو هو. گوادر جي عمان سان وابستگيءَ جو داستان 1783ع کان شروع ٿئي ٿو، جڏهن عمان جو شهزادو بي دخل ٿي مڪران جي ساحل تي آيو ۽ خان آف قلات کيس هي علائقو جاگير طور وقف ڪري ڏنو. بعد ۾ جڏهن ان شهزادي عمان جو تخت ٻيهر حاصل ڪيو ته گوادر کي به پنهنجي سلطنت جو حصو رکيو. هي خطو برطانوي راڄ جي زماني سميت تقريبن 175 سالن تائين عمان جي ماتحت رهيو، جتي عماني ڪرنسي، گورنر، انتظاميه ۽ فوجي عملو ڪم ڪندا هئا.

چيو وڃي ٿو ته 1960ع جي ڏهاڪي ۾ مالي مشڪلاتن سبب عماني حڪومت ان کي وڪڻڻ چاهيو ۽ سڀ کان پهرين هندستان جي وزيراعظم پنڊت جواهر لال نهروءَ کي آڇ ڪئي، پر نهرو ان خطي کي اسٽريٽجڪ اهميت ڏيڻ جي حق ۾ نه هو، تنهنڪري هن اها آڇ رد ڪري ڇڏي، جنهن تي اڄ به هندستان ۾ مٿس سخت تنقيد ڪئي ويندي آهي.

آغا خان

ان جي برعڪس، پاڪستان جنهن 1954ع ۾ باقاعدي طور عمان سان پيچيده ۽ طويل سفارتي مذاڪرات جو آغاز ڪيو، جنهن ۾ پاڪستان جي ستين وزيراعظم ملڪ فيروز خان نون ذاتي دلچسپي وٺندي 8 سيپٽمبر 1958ع تي هي تاريخي معاهدو تڪميل تائين پهچايو. جيئن ته اڄڪلهه وانگر ان وقت به پاڪستاني معيشت قرضن تي هلي رهي هئي، ان دور ۾ پاڪستان جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن تي هي هڪ تمام وڏو مالي بوجھ پڻ هو، ڇاڪاڻ جو عمان ان جي قيمت 30 لک (3 ملين) برطانوي پائونڊ گهري هئي. اهڙي ڏکئي وقت ۾ سر آغا خان ٽيون، سر سلطان محمد شاهه اڳيان وڌيا ۽ پنهنجي کيسي مان هيءَ وڏي رقم ادا ڪئي.

سوچيو، ڪلهه جي سويليئن حڪمرانن جا هي فيصلا اڄ ڪيترا ڪم اچي رهيا آهن. هي اهو ئي گوادر آهي جيڪو اڄ پاڪستان جي معيشت جو مستقبل ۽ چائنا پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور (CPEC) جو اسٽريٽجڪ محور آهي ۽ هڪ عظيم اسٽريٽجڪ اثاثو آهي.

ڪراچي جا قديم ڪڇي خوجا پيرائي (اسماعيلي)

انگريز دورِ حڪومت ۾ کارادر، ڪراچي (سنڌ) مان مياڻي جي مهاڻن جي کڏي ڏانهن منتقلي کانپوءِ، کارادر ۾ ڪڇي خوجا پيرائي ۽ ڪڇي خوجا اثنا عشري برادريون پڻ وڏي تعداد ۾ آباد ٿيون. جتي ڪڇي خوجا اثنا عشري جماعت وارن پنهنجو امام بارگاهه ٺهرايو، جيڪو اڄ به “وڏو امام بارگاهه کارادر” جي نالي سان مشهور آهي.

ٻئي طرف، ڪڇي خوجا (پيرائي) اسماعيلي جماعت وارن پڻ پهريون جماعت خانو کارادر ۾ ئي جوڙيو، جنهن کانپوءِ موجوده کارادر جو وڏو جماعت خانو پرنس ڪريم آغا خان جي دور ۾ تعمير ڪيو ويو.

کارادر کانسواءِ خوجن جو هڪ وڏو تعداد گارڊن (ڪراچي) ۾ به آباد ٿيو هو، جتي هنن گانڌي گارڊن جي پٺيان ويهين صديءَ جي شروعات ۾ ئي پنهنجو جيم خانو (Gymkhana) پڻ ٺهرائي ورتو هو. گارڊن ايسٽ، جتي اڄڪلهه ڪراچي جي اسماعيلين جو سڀ کان وڏو مرڪز ۽ سڀ کان وڏو جماعت خانو پڻ موجود آهي، اهو به پرنس ڪريم آغا خان جي دور ۾ ئي ٺهيو هو.

اڄڪلهه کارادر ۾ تمام ٿورا اسماعيلي رهجي ويا آهن، سندن وڏو انگ گارڊن، ڪريم آباد ۽ ٻين پوش (امير) علائقن ۾ منتقل ٿي چڪو آهي.

هيءَ تصوير 1902ع ۾ اسماعيلي خوجن جي امام سلطان محمد شاهه آغا خان ٽئين جي آهي، جيڪا گارڊن ڪراچي جي ڪڇي اسماعيلي خوجن جي جوڙيل جيم خاني جي آهي. تصوير ۾ موجود ماڻهن جا نالا : ساڄي کان (ويٺل): وارث ابراهيم ولي (کارادر وارو)، وارث بصريا فدو (کارادر وارو)، سلطان محمد شاهه آغا خان، مکي محمد علي غلاماني (کارادر وارو)، ڪماڙيا رحمت الله لطف علي (کارادر وارو). ساڄي کان (بيٺل): ڪماڙيا طالب حاجي (لاسي)، مکي هشو ٿرو (لاسي) (موجوده هاشواڻي گروپ وارن جو ڏاڏو)، ڪماڙيا هاشم فدو (کارادر وارو)، مکي رمضان اسماعيل (کارادر وارو)، علي محمد علي ڊينا (کارادر وارو)، بانا نانجي (گارڊن وارو)، فقير محمد ولي محمد (کارادر وارو)، مکي محمد لڌا (گارڊن وارو)، ڪماڙيا جعفر نوٽا (گارڊن وارو). هن تصوير ۾ موجود سمورا ماڻهو، آغا خان پاران اسماعيلين جي پهرين ڪائونسل جا ميمبر بڻايا ويا هئا.

________________

Ibrahim Saleh Muhammad-TheAsiaN

ابراھيم صالح محمف ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا  صدر رھي چُڪو آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

  1. ڪراچي جي تاريخ جي حوالي سان ابراھيم صالح محمد بھترين آرٽيڪل لکي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button