Editor's pickMain Slideدنياڪالم

ڪينيا جي قُربن ۾ سنڌ جو پڙاڏو، رولاڪ روح جون ڳالهيون، منظر، ماڻهو ۽ محبتون

سٺو ليکڪ اهو هوندو آهي جيڪو پرڏيهي منظرن ۾ به پنهنجي ڌرتيءَ جي خوشبو محسوس ڪري. بلوچ صحبت علي جتي جتي آفريقا جا منظر بيان ڪري ٿو، اتي اتي سنڌ به ساڻس گڏ هلي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو پڙهندڙ کي هن سفرنامي ۾ اوپرائپ بدران پنهنجائپ محسوس ٿئي ٿي. بلوچ صحبت عليءَ جي اوڀر آفريقي ملڪن وارن سفرنامن جي سلسلي جي ٽئين ڪتاب “ڪينيا جا قرب“ جو اڀياس

سُئيڊن مان عبداللہ عثمان مورائي لکي ٿو

سائين بلوچ صحبت علي جي اوڀر آفريقا جي ملڪن جي سفرنامن جي سلسلي جو ٽيون ڪتاب “ڪينيا جا قرب“ هن وقت منهنجي سامهون آهي. سندس سفر جي ساٿين ۾ سائين مختيار سمون صاحب، جنيد ڏهر، پرتاب شيواڻي ۽ محمود پتوجو ساڻ اٿس. لڳاتار مصروف زندگيءَ ۾ هفتيوار موڪلن دوران جيڪڏهن ڪو ڪتاب، خاص ڪري سفرنامو، مون جهڙي سياحت ۽ رولاڪين واري روح رکندڙ ماڻهوءَ کي ملي وڃي ته اها وڏي خوشي ۽ عياشي ٿيو پوي. ڪتاب کي وڏي جوش، دلچسپي ۽ جذبي سان پڙهان پيو ۽ هاڻي ڏسون ته هاڻي ان مان ڪهڙو لاڀ حاصل ٿئي ٿو.

اصل ۾ سفرنامو رڳو هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ وڃڻ جو احوال نه هوندو آهي، پر اهو انساني احساسن، مشاهدن، تهذيبن، سوچن ۽ وقت جي وهڪري کي قلمبند ڪرڻ جو فن هوندو آهي. هڪ سٺو سفرنامو پڙهندڙ کي ڪرسيءَ تي ويٺي ويٺي دنيا جا سير ڪرائي ٿو، کيس نون ماڻهن، نون مزاجن، نون منظرن ۽ نون فڪرن سان آشنا ڪري ٿو. “ڪينيا جا قرب” به اهڙي ئي خوشبو رکندڙ ڪتاب محسوس ٿئي ٿو، جيڪو پڙهندڙ کي رڳو آفريقا جي سرزمين تائين نه پر انساني تجربن جي گهراين تائين وٺي وڃي ٿو.

سڀ کان پهرين ڳالهه ته ڪتاب جي ارپنا پنهنجي نوعيت جي انوکي آهي. عام طور تي گهڻي قدر اهو ڏٺو ويو آهي ته ڪنهن به ڪتاب جا ليکڪ پنهنجا ڪتاب پنهنجي ماءُ يا پيءُ جي نالي ارپيندا آهن، پر هن ڪتاب ۾ بلوچ صحبت علي سندس هيءُ سفرنامو سندس پٽ ٻيجل کي مان ڏيندي ارپي ٿو، جيڪا بهترين ۽ هاڪاري ڳالهه محسوس ٿئي ٿي. سندن فون تي هڪ ٻئي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ، شڪوه ۽ شڪايتون ڪرڻ ۽ وري ٺهي وڃڻ، ان صورت ۾ ٻنهي پيءُ پٽ، جيڪي پاڻ ۾ دوست به لڳن ٿا، کي پڪ سان هڪ ٻئي تي فخر محسوس ٿيندو هوندو.

اهڙا رشتا ئي اصل ۾ زندگيءَ جي خوبصورتي هوندا آهن، جتي محبت رڳو روايت نه پر دوستيءَ جي صورت ۾ به موجود هجي. ڪنهن پيءُ پاران پنهنجي اولاد کي اهڙي فڪري ۽ ادبي ورثي سان نوازڻ پاڻ ۾ هڪ خوبصورت عمل آهي، ڇاڪاڻ ته ڪتاب رڳو لفظن جا مجموعا ناهن هوندا، اهي نسلن تائين سوچ ۽ احساس منتقل ڪندا آهن.

مون جڏهن هي سفرنامو پڙهيو پي ۽ ان جو مهاڳ لکڻ جي ڪوشش پي ڪيم ته چانهه جو ڪوپ به ڀرسان پيل هو. ڪتاب ۾ پڙهيم ته ڪينيا دنيا ۾ چانهه ۽ ڪافي پيدا ڪندڙ وڏن ملڪن ۾ اچي ٿو. ٽي وي تي به هڪ ايڊورٽائيزمينٽ هلندي هئي جنهن ۾ ڪينيا جي انهن باغن مان آيل ان چانهه جو ذڪر هوندو هو. مون چانهه جو هڪ ڍڪ هنيو، مرڪيس ۽ ٿورا مڃيم ان گمنام هاريءَ جا جنهن اها چانهه پوکي هوندي، ان جو سڄو وقت خيال ڪيو هوندو، ايستائين جو اها مون وانگر ٻين به الائي ڪيترن ماڻهن جي صبح جي شروعات جو هڪ اهم جز ۽ حصو رهي هوندي.

ڪڏهن ڪڏهن دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ اڻڄاتل انسانن جي محنت به اسان جي روزاني زندگيءَ ۾ خاموشي سان شامل هوندي آهي. اسان جو هڪ ڪوپ چانهه، ڪنهن مزدور جي محنت، ڪنهن هاريءَ جي پگهر ۽ ڪنهن ڊگهي سفر جو نتيجو هوندو آهي. سفرناما اهڙين ئي ڳنڍين کي محسوس ڪرڻ سيکارين ٿا.

هن سفرنامي ۾ سفر جو هڪ تمام ضروري ۽ بهترين اصول پڙهڻ لاءِ ملي ٿو ته مسافر کي جيڪڏهن ڪٿان ڪا بس پڪڙڻي آهي ته يا ته اهو ان جاء کي هڪ ڏينهن پهريان ڏسي پڪ ڪري اچي يا وچ ۾ ايترو وقت ضرور رکي جو جيڪڏهن ڀلي ٽيڪسي واري جي غلطيءَ جي ڪري ئي ڇو نه غلط جاءِ تي پهچي ته وري واپس وقت تي صحيح جاءِ تي پهچي سگهي. بلڪل ائين جيئن دوستن سان يوگنڊا جي گاديءَ واري هنڌ ڪمپالا مان ڪينيا جي شهر نيروبي لاءِ بس پڪڙڻ لاءِ ٿيو.

سفر اصل ۾ رڳو منزل تائين پهچڻ جو نالو ناهي، پر صبر، برداشت، انتظام، ذهني تياري ۽ حالتن سان ٺهڪي هلڻ جو به نالو آهي. هڪ تجربيڪار مسافر هميشه وقت، فاصلي ۽ اڻڄاتل حالتن جو اندازو ذهن ۾ رکي هلندو آهي.

دنيا کي ڊگهين ڊوڙن ۽ ميراٿن ۾ پهرئين درجي جا کلاڙي ڏيندڙ ڪينيا جي هن سفرنامي ۾ اتان جي جيوپوليٽيڪل اهميت، فطري سونهن، تاريخي پسمنظر، اتان جي چانهه ۽ ڪافي جي بهترين قسمن جي پيداوار ۽ برآمد، مقامي کاڌن، صاف سٿرن سامونڊي ڪنارن، سامونڊي شهرن ۽ ٻيٽن، روايتي ٻيڙين، سمنڊ ۽ ان رستي واپار ڪرڻ جي اهميت، مختلف شهرن، قبيلن ۽ انهن جي روايتي لباس ۽ ثقافت، نسلن، سياست، سياحت، بسن ذريعي اچ وڃ ۽ انهن جي ڀاڙن، کاڌي جي ريسٽورنٽن، هوٽلن ۽ انهن ۾ کاڌي پيتي جي سهولتن، ٻولين، سواهلي تهذيب، ڪرنسي ۽ ان جي سوچي سمجهي مٽاسٽا جنهن جي نوٽن تي قانون مطابق ڪنهن به انسان جي تصوير ناهي، مهانگائي ۽ اقتصادي حالتن، زراعت، ساواڻ، سرسبز فصلن، ٻوٽن ۽ انهن جي استعمال، نباتاتي باغن، جهنگن، ٻيلن، شهري ٻيلن، روايتي موسيقي ۽ ان جي ساز و سامان، آبشارن، قدرتي غارن، سائيڪلن هلائڻ جي رستن، معيشت، وائلڊ لائيف، نيشنل پارڪن، اهورو پارڪ يعني آزادي پارڪ، آزاديءَ جي يادگار طور ٺاهيل مجسمن، کلي عام رشوت، گيم ريزروز، پاڙيسري ملڪن، قومي اڳواڻن، يونيورسٽين، گرجا گهرن، انسانيت جي جنم ڀومي ۽ هن ملڪ مان گذرندڙ “دي گريٽ رفٽ ويلي”، اتي موجود سهڻين ڍنڍن ۽ اتي موجود فليمنگو پکين، جهنگلي جيوت، حيات، جانورن، تاريخ ۽ تاريخي جاين، قلعن، يونيسڪو هيريٽيج سائيٽس، عجائب گهرن، رسمن، روايتن، جبل ۽ انهن تي چڙهڻ ۽ اتي رولاڪين ڪرڻ بابت تمام سٺي ڄاڻ ملي ٿي.

اهو ئي هڪ بهترين سفرنامي جو ڪمال هوندو آهي ته پڙهندڙ محسوس ڪري ته هو رڳو لفظ نه پڙهي رهيو آهي، پر هڪ مڪمل دنيا مان گذري رهيو آهي. بلوچ صحبت علي هن سفرنامي ۾ مشاهدي جي طاقت سان منظرن کي اهڙي نموني پيش ڪيو آهي، جو پڙهندڙ پاڻ کي به انهن رستن، بازارن، سامونڊي هوائن ۽ جهنگلي علائقن جي وچ ۾ محسوس ڪري ٿو.

سفرنامي ۾ پڙهي مون جڏهن پنهنجي خيالي تصور ۾ ڪليمينجارو جبل جي ويجهو هاٿين کي ۽ جانورن جي سالياني دلچسپ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ لڏپلاڻ کي ڏٺو ته اهو نظارو منهنجن خيالن ۾ ئي انتهائي سهڻو ۽ دل کي قدرتي طور من موهيندڙ لڳو، ته حقيقت ۾ جڏهن ماڻهو اتي موجود هوندو ته اهو نظارو شايد ماڻهوءَ کي پنڊ پهڻ ڪري ڇڏيندو هوندو.

قدرت جا ڪي منظر اهڙا هوندا آهن، جيڪي انسان کي ڪجهه گهڙين لاءِ خاموش ڪري ڇڏيندا آهن. اتي نه ٻولي ڪم ايندي آهي، نه لفظ ، رڳو احساس بچي ويندو آهي. آفريقا جي ڌرتي پنهنجي جهنگلي جيوت ۽ فطري حسن سبب شايد دنيا جي انهن ٿورن علائقن مان آهي، جتي انسان اڄ به فطرت کي سندس اصل روپ ۾ ڏسي سگهي ٿو.

هر سفر ۾ ڪٿي نه ڪٿي اهڙي ڳالهه ضرور ملندي آهي جيڪا مسافر کي پنهنجي وطن جو خيال ڏياري ڇڏيندي آهي ۽ اهو ليکڪ جو ڪمال هوندو آهي ته شين کي انهن سان ملائي لکي ته پڙهڻ واري کي وڌيڪ مزو اچي. هن سفرنامي ۾ لال شهباز قلندر ۽ سيوهڻ شريف جي ڀر پاسي ماڻهن جي وهنوار يا جوهي ۽ واهي پانڌي جي بسن جو ذڪر جنهن ۾ مان پاڻ به چڙهيو آهيان، يا سهراب ڳوٺ ۽ بسن جي ڪمپنين جا نالا يا گهورڙين جون بس کان ٻاهر هوڪا ڏئي شيون کپائڻ يا بسن ۾ مسافرن جي سخت چڪاس ته متان ڪير غير قانوني طور سفر ڪندو هجي. بارڊرن تي سخت چڪاس ڏسي بلوچ صحبت علي جو سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ بابت ۽ ٻين معاملن تي به ڪجهه جذباتي پيراگراف لکيل آهن جن جو تت آهي ته ”پنهنجن لاءِ شينهن آهيون ۽ ڌارين جي اڳيان ڪڪڙ…” يا ”ڌرتي ماءُ آهي، ان ڪري ڀلا ڪنهن ماءُ به کپائي آهي ڇا؟“، يا وري صدين کان غلامي ڀوڳڻ جا مثال. ان سان گڏوگڏ موالي جي طريقي سان سندن ڳچيءَ ۾ پوڻ ۽ پيسا ڏئي سبق حاصل ڪري اڳتي وڌڻ وغيره، اهي سڀ شيون هن ڪتاب کي سفر ۾ گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ سيکاري ان کي تمام دلچسپ بڻائين ٿيون.

اصل ۾ سٺو ليکڪ اهو هوندو آهي جيڪو پرڏيهي منظرن ۾ به پنهنجي ڌرتيءَ جي خوشبو محسوس ڪري. بلوچ صحبت علي جتي جتي آفريقا جا منظر بيان ڪري ٿو، اتي اتي سنڌ به ساڻس گڏ هلي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو پڙهندڙ کي هن سفرنامي ۾ اوپرائپ بدران پنهنجائپ محسوس ٿئي ٿي.

سفرنامي ۾ سنڌي پهاڪا، ڀٽائي سرڪار ۽ شيخ اياز جي شاعري به ملي ٿي، ته دادوءَ جي چانهه جي سار به، انبن ۽ چانورن جو ذڪر به جيڪي رڳو پاڻ سنڌي گڏائي کائيندا آهيون، يا وري اتي ٻين مارڪيٽن کي ڏسي ڪراچيءَ جي بولٽن مارڪيٽ کي سارڻ يا وري سفر جي ساٿين ۾ پاڻ ۾ ويهي جيڪا ڪچهري ٿئي ٿي، معنيٰ آفريقا جي ملڪ ڪينيا ۾ سنڌ گڏ گڏ هلي ٿي. سندن سفر جي ساٿي پرتاب شيواڻي جي ڪري هن سفرنامي ۾ سناتن ڌرم جي روزن جو ذڪر پڻ ملي ٿو جيڪي هو اتي رکي ٿو. بلوچ صحبت علي جي اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي ته ٻاهرين ملڪن ۾ نيون گهٽيون، نوان ماڻهو، مختلف ٻوليون ۽ ثقافتون انسان جي ذهن کي کولي ڇڏين ٿيون جنهن جي ڪري ماڻهوءَ کي دنيا جي وسعت جو احساس ٿيندو آهي.

سفر انسان کي وڌيڪ برداشت وارو، وڌيڪ وسيع النظر ۽ وڌيڪ انسان دوست بڻائي ٿو. جڏهن ماڻهو مختلف رنگن، نسلن، ٻولين ۽ مذهبن وارن ماڻهن سان ملي ٿو ته کيس احساس ٿئي ٿو ته دنيا جي خوبصورتي ئي ان جي تنوع ۾ لڪل آهي.

ڪينيا کي سمجهڻ لاءِ اتان جي قومي عجائب گهر جو چڪر هڻڻ ڪافي ضروري لڳي ٿو. هن عجائب گهر ۾ انساني کوپڙين، قديمي تلوارن، پراڻي دور ۾ اتان جي انسانن جي رهڻي ڪهڻي، زنجيرن، ٺڪر، جست، ٽامي جي ٿانون، پکين ۽ جانورن خاص ڪري ڊائنوسار، واڳن، ڪمين، وڏين ڪرڙين، ڪانن ۽ ڪکاون گهرن، پراڻن اوزارن، ڪهاڙين، پٿر جي چاقوئن، خنجرن ۽ ڀالن جو ذڪر پڙهي به دل چوي ٿي ته انسان هڪ ڏينهن ڪينيا جو سفر ضرور ڪري.

عجائب گهر اصل ۾ قومن جي يادگيرين جا گهر هوندا آهن، جتي وقت پنهنجي پراڻن نشانين سان محفوظ بيٺو هوندو آهي. اهڙيون جايون انسان کي اهو احساس ڏيارين ٿيون ته تهذيبون ڪيئن ٺهنديون ۽ ڪيئن سفر ڪنديون رهيون آهن.

عجائب گهر ۾ نانگن واري حصي ۾ بلوچ صحبت علي گهمندي ۽ بي ڏوهي نانگن کي قيد ڏسي تمام بهترين نموني سندس وڪيل هجڻ جي نظر سان انهن کي ڏسي ٿو ته اهي به ڄڻ سنڌ جا ڪي بي ڏوهي قيدي هجن جن کي هروڀرو ڪوڙن ڪيسن ۽ ونگار ۾ ڦاسائي اندر ڪيو ويو هجي. بهرحال انهن نانگن جي قسمن، زهر جي طاقت بابت تمام دلچسپ معلومات پڙهندڙ کي ملي ٿي. شهري ٻيلي ۽ ماحولياتي بچاءَ لاءِ ”وانگاري ماٿائي“ جي ڪيل ڪوششن، ڏينهن جي ڪهڙي وقت اوسي پاسي جي ٻيلن ۾ وڃجي جي باري ۾ مفيد صلاحون پڻ ڏنل آهن.

اهو به هن سفرنامي جي وڏي خوبي آهي ته ليکڪ رڳو منظر نٿو ڏسي، پر هر شيءِ کي پنهنجي سماجي ۽ انساني شعور سان جوڙي ٿو. هڪ وڪيل جي نظر، هڪ سماجي ماڻهوءَ جي حساسيت ۽ هڪ مسافر جو تجسس گڏجي هن ڪتاب کي وڌيڪ جاندار بڻائين ٿا.

بلوچ صحبت علي، شاهه سائين جي هڪ شعر جي ڪمال سان وضاحت ڪئي آهي جنهن ۾ انهن نانگن جي ننڍن ٻچن جو ذڪر ملي ٿو ته انهن کي به گهٽ نه سمجهو ڇاڪاڻ ته اهي جيڪڏهن هاٿي کي به ڏنگين ته اها پنهنجي جاءِ تان چري نه سگهي. انهن شين جي وري انسان جي زندگيءَ تي اثر کي تمام واضح نموني پيش ڪيو ويو آهي ته زندگيءَ ۾ به ڪي ڳالهيون يا مسئلا ننڍا لڳندا آهن، مثال طور ڪو دشمن، بيماري يا ڪا مشڪل يا ڏکيائي، ته انهن کي به ننڍو نه سمجهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ وقت اچڻ تي اهي به وڏو نقصان پهچائي سگهن ٿيون.

ادب جي اصل خوبصورتي به اها ئي آهي ته اهو عام منظرن مان غيرمعمولي سبق پيدا ڪري. شاهه لطيف جي شاعريءَ جي فڪري گهرائي ۽ ان جي جديد زندگيءَ سان لاڳاپي کي هن انداز ۾ سمجهائڻ پڙهندڙ لاءِ وڏي لاڀ واري ڳالهه آهي. واهه سائين واهه، تمام دلچسپ وضاحت ۽ سبق.

سفر جو مزو هڪ ته پنڌ گهمڻ ۾ آهي جيڪو دوست هن سفر ۾ ڪن ٿا ۽ ان پنڌ دوران ماڻهو مختلف شين کي پرکي ۽ مختلف ماڻهن سان ملي ڪافي ڳالهيون سکي ۽ سيکاري سگهي ٿو، مثال طور هن سفرنامي ۾ هلندي گهمندي ڦرندي اتفاق سان اسٽيج ڊرامو ڏسڻ يا اتان جي ڊائريڪٽر سان ملڻ ۽ ان جو اهو ٻڌائڻ ته ”جي نه، اسان اديبن، فنڪارن ۽ اداڪارن جي مالي سهائتا ڪري، انهن کي ذهني ۽ اخلاقي طور ڪمزور نه ڪندا آهيون.“ هي جملو تمام وڏي معنيٰ رکي ٿو، پر جيڪي سمجهن. نيروبي يونيورسٽيءَ ۾ گانڌي جي مجسمي ۽ اتان جي پهريدارن سان ملاقات ۽ اتي آڇي ويندڙ تعليم، استادن جي احتجاج ڪرڻ جي طريقي کي پڻ سهڻي نموني پيش ڪيو ويو آهي.

اهڙيون ڳالهيون ئي سفرنامي کي رڳو سير سفر کان مٿي کڻي سماجي دستاويز بڻائين ٿيون. هڪ سماج پنهنجي فنڪارن، استادن ۽ اديبن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪري ٿو، اهو ئي ان سماج جي ذهني اوسر جو معيار هوندو آهي.

هن سفرنامي ۾ پڙهندڙ ان ڳالهه کي محسوس ڪري ٿو ۽ سمجهي ٿو ته سفر ۾، اهو به آفريقا ۾، مسافرن کي پنهنجي ڪمفرٽ زون يعني آرامده دائري کي ڇڏڻ لاءِ ذهني طور تيار رهڻ گهرجي. منهنجي خيال ۾ نه رڳو آفريقا پر ماڻهو جڏهن ڪنهن به سير سفر تي، توڙي ڀلي اهو ملڪ اندر هجي يا ملڪ کان ٻاهر، هر صورت ۾ روزاني واري آرامده دائري کي خدا حافظ چوڻو پوي ٿو ۽ انهيءَ ۾ ئي سفر ڪرڻ جو مزو آهي جو انسان ٻين شين ۽ ماڻهن جي زندگين کي ويجهڙائيءَ سان ڏسي سگهي ٿو. ان سان ائين به ٿئي ٿو ته ماڻهو جن سهولتن سان پنهنجي وطن ۽ گهر ۾ لطف اندوز ٿئي ٿو، ان لاءِ هو مالڪ سائين جو شڪر به ادا ڪري ٿو.

سفر انسان کي عاجزي سيکاري ٿو. اهو ٻڌائي ٿو ته دنيا تمام وڏي آهي ۽ اسان جا تجربا تمام محدود. جڏهن ماڻهو پنهنجي آرامده دائري کان ٻاهر نڪري ٿو، تڏهن ئي هو پاڻ کي به بهتر نموني سمجهي سگهي ٿو.

سفرنامي ۾ اهو به پڙهڻ لاءِ ملي ٿو ته، اتي هڪ هندستاني جي دڪان تي جيڪو اتي گذريل پنجاهه سالن کان سندس خاندان سميت رهي ٿو، جي چواڻي ته اتي جا مرد رڳو ٺرڪپائي ۽ سستي ڪن، جڏهن ته اتي جي عورت محنتي آهي. منهنجي خيال ۾ عورتون پوري دنيا جون گهڻي قدر محنتي آهن. ان هندستاني جو ذڪر ٻڌي مون کي 2006ع ۾ شندور پولو جي راند جو مقابلو ڏسڻ جو موقعو مليو هو، اهو ياد اچي ويو. اتي هڪ ديسي نوجوان سان ملاقات ٿي هئي، جيڪو ڏسڻ ۾ ته پاڻ جهڙو ئي هو، پر اصل ۾ هو نيوزيلينڊ ۾ ڄائو نپنو هو، سندس نالو سهراب ميمڻ هو. سندس چواڻي ته سندس ابا ڏاڏا سنڌ ۾ شايد نصرپور يا ان جي اوسي پاسي جا هئا جيڪي ڪاروبار جي سلسلي ۾ سنڌ کان پهريان ممباسا ڪينيا لڏي ويا هئا ۽ وري اتان کان پوءِ شايد سندس ڏاڏي نيوزيلينڊ لڏيو. هو پاڪستان، خاص ڪري سنڌ، سندس ابن ڏاڏن جي ڌرتي ڏسڻ کان پوءِ پاڪستان جي اترين علائقن ڏانهن سير ۽ سياحت جي حوالي سان نڪتل هو. انسان ڀلي ڪٿي به هجي پر ڦري سري هو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پنهنجي وطن سان سلهاڙيل رهي ٿو، جيڪا تمام سٺي ڳالهه آهي.

وطن اصل ۾ رڳو زمين جو ٽڪرو ناهي هوندو، پر اها يادگيرين، ٻولي، خوشبوئن، ماڻهن ۽ احساسن جي گڏيل سڃاڻپ هوندي آهي. انسان دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ هجي، پر سندس اندر ۾ پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽيءَ جي خوشبو هميشه زنده رهندي آهي.

سو آخر ۾ ائين چئجي ته هي سفرنامو پڙهي ڪافي ڪجهه سکڻ ۽ سوچڻ لاءِ ملي ٿو، جيڪو واقعي هڪ لاڀ ئي آهي. سائين بلوچ صحبت علي جس لهڻي جنهن پنهنجي سفر کي قلمبند ڪري ٻين دوستن تائين پهچايو آهي جيڪي پڻ ان ڪتاب مان لاڀ حاصل ڪندا.

“ڪينيا جا قرب” رڳو آفريقا جي هڪ ملڪ جو احوال ناهي، پر اهو انساني تجسس، مشاهدي، ثقافتي شعور، ڌرتيءَ سان محبت ۽ دنيا کي سمجهڻ جي خواهش جو حسين داستان آهي. هي ڪتاب پڙهندڙ کي نه رڳو سفر ڪرڻ لاءِ اتساهيندو، پر کيس اهو به سيکاريندو ته دنيا کي کليل دل ۽ کليل ذهن سان ڪيئن ڏسجي. مون کي پڪ آهي ته هي سفرنامو سنڌي ادب ۾ سفرنامن جي روايت ۾ هڪ خوبصورت واڌارو ثابت ٿيندو ۽ پڙهندڙن وٽ محبت ۽ دلچسپي سان پڙهيو ويندو.

________________

Abdullah-Usman-Morai-TheAsiaN-3

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.    soomro.sweden@gmail.com

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button