ضميرن جي صحيفن تي جڏهن چانڊاڻ جاڳي ٿي، اکين ۾ انقلابن جي تڏهن ڳاڙهاڻ جاڳي ٿي
مريم مجيديءَ جي شاعري ۾ جتي سونھن ۽ فطرت جي انوکن اسرارن کي پسي سگهجي ٿو. اُتي سندس شاعري ۾ عام ماڻهو جي پيڙا ۽ درد جو اولڙو بہ پسي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ ڪنھن سياسي ڌر سان واسطو نہ رهيس، پر سندس شاعري ۾ طبقاتي ۽ قومي مسئلن ۽ جدوجھدن جي نشاندھي جو عنصر نمايان رهيو آھي۽ شايد اِھوئي ڪارڻ آھي جو جڏهن بہ ڌرتي ڌڻين تي ڏکيا ڏينھن آيا آھن، تہ ھوءِ عملي طور اُنهن سان گڏ بيٺل نظر آئي آھي.

مريم مجيدي حياتي جون 80 بهارون ڏسي 18 مئي 2026ع تي ڪجھ عرصو علالت بعد حيدرآباد شهر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.
مُشتاق ٽانوري
مَرکان شيخڻ جي نالي سان شروع ٿيندڙ عورت شاعرائن جي فهرست ۾ وقت بوقت نوان نالا داخل ٿيندا رهيا آهن جن پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ پاڻ مڃرائي جاءِ ٺاهي آهي. انهن شاعرائن ۾ ٺٽي ننگر جي زنگيجو جتوئي خاندان ۾ بزرگ شاعر محمد خان مجيدي جي نياڻي مريم مجيدي به شامل آهي، جنهن پنهنجي ڄمار جي 80 ورهين جي سفر ۾ سنڌ جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي دُنيا ۾ پنهنجو نالو ۽ نشان ٺاهيو. 80 واري ڏهاڪي کان اڄ تائين جي سنڌي شاعرائن جي مهندار شاعره چئجي ته اها ننگر ٺٽي جي شاعره مريم مجيدي ئي آهي، مريم مجيدي پنهنجي والد سائين محمد خان مجيدي کان جيڪو علم، ادب، ڏات ۽ سلو پرايو اهو سندس شاعري ۽ شخصيت ۾ نمايان نظر اچي ٿو. شهرت ۽ مڃتا جي موهيندڙ دُنيا کان ڪوهين ڏور لڳاتار لکندڙ مريم مجيدي 18 مئي 2026ع تي پنهنجي هن شاعري جيان موڪلائي وئي.
هيڏيون ويران دل جون دنيائون!
ڄڻ تہ دردن جي رُت لٿي آهي.
مريم ڪڏهن به مڃتا جي بُکي نه رهي. هُوءَ صرف لکندي رهي ۽ اهڙو لکندي رهي جو سڀني جي خواهش هوندي هئي ته ڪاش اهي اهڙو لکي سگهن.
مريم مجيدي، 15 جون 1946ع (اسڪول رڪارڊ ۾ 1943ع) تي شاھ عنايت شهيد جي ماڳ جھوڪ شريف ويجھو ڳوٺ قيصر خان جتوئي تعلقو ميرپوربٺورو ضلعي سجاول ۾ پيدا ٿي. هُن پرائمري تعليم ۾ پھريان ٽي درجا دڙو بوائز پرائمري اسڪول ۽ سيڪنڊري جا اٺ درجا چانڊيا ھاءِ اسڪول سجاول مان پاس ڪيا. مئٽرڪ پرائيويٽ اُميدوار طور 1970ع ۾ بوائز ڪاليج ٺٽي مان پاس ڪيائين. مريم مجيدي بي ايڊ 1973ع ۾ اولڊ ڪيمپس سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان 1975ع ۾ ڪئي. ايم ايڊ 1984ع ۾ اولڊڪيمپس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪئي. مريم مجيدي نوڪريءَ جي شروعات سيپٽمبر 1960ع ۾ بطور پرائمري اُستاد گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول ٺٽو کان ڪئي. 1980ع ۾ کيس ايڇ ايس ٽي اسڪيل مليو ۽ گرلس مڊل اسڪول سجاول ۾ پوسٽنگ مليس ۽ ساڳئي ئي اسڪول ۾ ھيڊمسٽريس پڻ رهي. 1991ع کان سب ڊويزنل آفيسر ايجوڪيشن سجاول ۽ پوءِ مختلف عرصن لاءِ ڊپٽي ڊي او سيڪنڊري ٺٽو، اي ڊي او سجاول، ميرپورساڪرو ۽ ڊي اي او (پرائمري) ٺٽو پڻ رهي. 12.06.2002 تي رٽائرمينٽ وقت ھوءَ سجاول ۾ اي ڊي او پرائمري جي عھدي تي فائز ھئي.

مريم مجيدي لکڻ جي شروعات 1975ع کان ڪئي. سندس پھريون شعر اُن وقت ۾ ڪراچي مان شايع ٿيندڙ رسالي برسات ۾ ڇپيو. ھن ڪجهہ مقالا، ڪالم ۽ ڪھاڻيون بہ لکيون جيڪي روزانہ سوڀ ۽ روزانہ جاڳو اخبار ۾ ڇپيون. پر سندس لکڻ جو اصل محور شاعري ئي رهي، جنھن ۾ ھن پنھنجي جدا سڃاڻپ پيدا ڪئي. مريم مجيدي جو پھريون شاعري جو مجموعو سروم دکم دکم 1986ع ۾ ڇپيو، جنھن کي بھترين شاعري جي مد ۾ سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ، صد سالا جشن مرزا قليچ بيگ جي تقريب ۾ مرزا قليچ بيگ ايوارڊ ۽ سنڌالاجي پاران شاعري جي بھترين ڪتاب طور مليا . سندس شاعريءَ جو ٻيو مجموعو نيرانا ئي نيڻ 2012 ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. مريم مجيدي کي ڀلوڙ شاعرہ ۽ بھترين اُستاد ھئڻ جي ناطي رسالي نئين زندگي ڪراچي جي ملهايل سلور جوبلي تقريب ۾ بھترين شاعرہ جو ايوارڊ، اُردو جي نامياري شاعر احمد فراز ھٿان ڏياريو ويو. کيس ايس پي او شاعرہ ۽ ايڪٽوسٽ طور ايوارڊ، شاھ لطيف جي 268 عرس مبارڪ تي شيلڊ، سنڌ ريڊيئنٽ آرگنائيزيشن طرفان سرويچ سجاولي ايوارڊ، سول سوسائٽي سجاول پاران بھترين شاعرہ ۽ اُستاد جو ايوارڊ، سرور نواز ٻگهيو فائونڊيشن ڪوٽڙي پاران ادبي خدمتن تي ايوارڊ، سنڌي ادبي سنگت پاران ھري دلگير يادگار لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ۽ قادر بخش ڀٽو ٽرسٽ پاران نوري ڄام تماچي تي پڙهيل مقالي تي ايوارڊپڻ مليا.

مريم مجيديءَ جي اڻ ڇپيل ادبي پورهئي ۾ مضمون، مختلف ڪتابن تي لکيل مھاڳ، تبصرا ۽ انٽرويو شامل آھن. مريم مجيديءَ جي شاعري ۾ جتي سونھن ۽ فطرت جي انوکن اسرارن کي پسي سگهجي ٿو. اُتي سندس شاعري ۾ عام ماڻهو جي پيڙا ۽ درد جو اولڙو بہ پسي سگهجي ٿو، ساڳئي وقت انسان جي ابدي خوشين ۽ آجپي جو چٽو تصور ۽ واضح پيغام بہ سندس شاعري ۾ موجود آھي. مريم مجيدي جو جيتوڻيڪ ڪنھن سياسي ڌر سان واسطو نہ رهيو آھي، پر سندس شاعري ۾ طبقاتي ۽ قومي مسئلن ۽ جدوجھدن جي نشاندھي جو عنصر نمايان رهيو آھي۽ شايد اِھوئي ڪارڻ آھي جو جڏهن بہ ڌرتي ڌڻين تي ڏکيا ڏينھن آيا آھن، تہ ھوءِ عملي طور اُنهن سان گڏ بيٺل نظر آئي آھي. سندس ان ئي عمل جي ڪري حڪومت طرفان مڙهيل مڪاني سرشتي جي ٻٽي نظام جي سخت مخالفت ڪرڻ ۽ ريلي ڪڍي ڌرڻو ھڻڻ جي الزام ۾، مٿس دھشتگردي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو ھو. سنڌ جي مريم مجيدي ڪافي وقت سجاول ۾ گذارڻ کانپوءِ ويجهڙائي ۾ حيدرآباد شفٽ ٿي پر ھن جو سجاول سان مستقل تعلق جڙيو رهيو.
مريم جي شاعري خوبصورت تشبيهن ۽ لفظن سان سينگاريل آهي.
رات جون پاڙون کتل پاتال ۾
ڏينهن ناهي ڏيهه جو سر تال ۾
چور ڪهڙو سوجهرا چورائي ويو
راڄ کي آ شڪ رڳو رک پال ۾
سور پوکي ٿا اچون ڪيئي چيٽ ۾
پور پنهنجا ٿا پچن ڪيئن پال ۾
ڪنجهه ڪولهي جي ائين چئونرن منجهان
جيئن سهاين جو چڙو ڪنهن چال ۾
ڏاگهه تي چاڙهي وفا جون موملون
عشق کي واري اچو هر حال ۾
سندس شاعريءَ ۾ ديس ۽ ان جي سرويچ ۽ ارڏن پٽن جو ذڪر آهي، سرائي قربان کهاوڙ، روپلي چولياڻي ۽ ٻين جي ڪملهي شهادت تي ڏک ونڊيندي چوي ٿي:
ضميرن جي صحيفن تي جڏهن چانڊاڻ جاڳي ٿي
اکين ۾ انقلابن جي تڏهن ڳاڙهاڻ جاڳي ٿي
بهارن جي بخيلي ڏس، هوائون بي هڳاءُ بڻيون
گلابن جي چمين سان پر، سڳنڌ سرهاڻ جاڳي ٿي
مسافر ڏينهن جا ماريا وڃن پيا واٽ اونداهه ۾
انهن جي رت شهادت مان ڪٺل لالاڻ جاڳي ٿي.

مريم مجيدي زندگي جي خوبصورتي، رنگينن جي شاعره هئي، ڪنهن جي چپن تي لڳل لپ اسٽڪ تي به لکيو ته ڪنهن جي ڏک ۾ مرثيو به لکيو. مريم مجيدي حياتي جون 80 بهارون ڏسي 18 مئي 2026ع تي ڪجھ عرصو علالت بعد حيدرآباد شهر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. سندس مڙھ سجاول جي مجيدي محله آڻڻ بعد انجهيءَ جي نماز بعد بخاري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
سوجهرن کي سڏيو تہ روئي وٺون،
اک ۾ پاڻي جي لپ بچي آهي.
__________________

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو
mushtaqtanwari@gmail.com



