ترقي پسند سوچ جو سفر: ذهني آزاديءَ کان سماجي برابري ۽ عوامي طاقت تائين
انجمن ترقي پسند مصنفين جو بنيادي مقصد ادب کي رڳو رومانيت تائين محدود رکڻ نه، پر ان کي عوام جي حقيقي مسئلن سان ڳنڍڻ، دنيا ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ غربت، سماج ۾ ٿيندڙ مختلف قسم جي ناانصافين، استحصال ۽ ظلمن خلاف لکڻين ذريعي ڀرپور آواز اٿارڻ، دنيا جي سامراجي ڪردارن ۽ سمورن طبقاتي نظامن جي مخالفت ڪرڻ، انساني برابريء لاء آواز اٿارڻ، انساني ۽ سماجي آزاديء ۽ انصاف جي حمايت ڪرڻ به هئو.

حميد منگي
انسان جي ڏاڪي به ڏاڪي ترقيء جي ڳالهه هجي يا انسان جي ترقي پسنديء واري سوچ جو سفر، اهو هڪڙي ڏينهن، ڪنهن رات وچ جو کيل يا هڪ ماڻهوء جي جدوجهد جو ڦل ناهي۔ آڳاٽين صدين کان اڄوڪي تاريخ تائين جا ورق اٿلائينداسين ته خبر پوندي، جڏهن کان انسان جو شعور سان واسطو پيو آهي، تڏهن کان انسان جو ذهن به نيون سوچون، خيال، فڪر ۽ فلسفا پئدا ڪندو، جاکوڙيندو، وڙهندو، جدوجهدون ڪندو اچي اڄوڪي ترقيء تائين پهتو آهي۔ جنهن جي موٽ ۾ ڪيترن ئي ڏاهن پنهنجون جانيون قربان ڪيون، ڪن سختيون سٺيون، قيد بند ۽ مشڪلاتن جا منهن ڏٺا، پر پوء به همٿ نه هاري ۽ ذهني توڙي جسماني پورهيا ڪيا۔ ڏينهن جون ڌرتتيون هجن يا رات جي سانت ۽ اونداهيون، هر دئور جي سياڻن سيبتن ماڻهن پورهيا ڪري، پنهنجن پنهنجن دئورن جي حڪمرانن سان مهاڏا اٽڪائيندا، پنهنجي اهميت مڃائيندا، لاڳاپيل سماجن ۾ تبديليون آڻيندا، انهن ۾ وري وري ترميمون ڪندا، هر دئور جي پراڻ پسنديء مان جان آجي ڪرائيندا، نواڻ جا نوان گس ڪڍندا، هاڻي تائين ايتريون ته تبديليون ڪري چڪا آهن، جو انسان پاڻ ئي پنهنجن ڪمن تي اچرج کائيندي نظر اچي ٿو۔
انسان، ترقيء جي واٽ تي هلندي، شروع کان وٺي ٻن قسمن جا پورهيا ڪيا آهن، جنهن مان هڪ ذهني پورهيو (جنهن ۾ سوچڻ ۽ منزلن جا رستا ڪڍڻ) ۽ ٻيو پنهنجن ئي سوچن تي، اڻٿڪ محنتون ڪندي جسماني ۽ ذهني تشدد برداشت ڪرڻ شامل آهن۔ پاڻ جڏهن انهن ٻنهي انساني پورهين جو موازنو ڪنداسين ته، اڳواڻي ذهني پورهئي کي ضرور ملندي پر، ان مان اهو مقصد هرگز نه ڪڍڻ گهرجي ته، جسماني پورهئي جي ڪا اهميت ناهي۔ اصل ۾ جسماني پورهئي جي به ايتري ئي اهميت هجي ٿي، جيتري ذهني پورهئي جي آهي۔ پر جيئن ته ڪنهن به ڪم يا عمل جي شروعات ذهن کان ٿئي ٿي، ان ڪري اڳواڻيء جو حق به ذهن کي ڏيڻ گهرجي۔ هتي پاڻ اڳ ۾ ذهني پورهيتن يعني دنيا جي مختلف علائقن جي مفڪرن جو ذڪر ڪنداسين، جن جي ذهني پورهين سان ئي انساني سوچن ۾ تبديليون آيون ۽ انسان وقت سان گڏ اڳتي وڌندو هاڻي تائين پهچي اڻ ٿيڻن ڪمن کي ٿيڻ لائق بڻائڻ جو موجد بڻجي ڏيکاريو آهي۔
انهيء سلسلي ۾ جيئن ته، دنيا جي مختلف علائقن جي لاتعداد ڏاهن، پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، هتي انهن سڀني جو ذڪر ڪرڻ انهيء ڪري به مشڪل هوندو، جو ڪيئي تاريخون اڪثر موقعن تي خاموش به رهيون آهن۔ اصل ۾ انساني تاريخ ۾ فن، فڪر ۽ شعور جي سرجڻ جو سفر، هزارين سالن تائين پکڙيل رهيو آهي. انسان جو هيء سفر صرف علم حاصل ڪري پاڻ کي ڏاهو سڏائڻ يا ثابت ڪرڻ لاء نه، پر انسان کي الڳ سڃاڻپ ڏيارڻ سان گڏ ٻين لاء انصاف، امن ۽ سماجي نظامن جي بهتريء جو سفر پڻ رهيو آهي. پاڻ ان کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ چاهيون ٿا، جنهن ۾ هڪ قبل مسيح وارو دئور آهي، جيڪو انساني فڪري بنيادن جي تشڪيل وارو زمانو ليکيو وڃي ٿو. جڏهن ته ٻيو دئور جنهن ۾ مذهبن جو عمل دخل به رهيو، نسلي، قومي ۽ ذاتي لالچ جي بنيادن تي بادشاهتون قائم ٿيون پر، اڪثر قومن آزاديون به ماڻيون۔
قبل مسيح واريء دئور ۾ سقراط، يونان جو هڪ وڏو فلسفي، جنهن ماڻهن کي سوالن ۽ جوابن ذريعي سچ ڳولڻ جو طريقو ٻڌايو ۽ پڻ علم ۽ اخلاقيات تي به زور ڏنو۔ هن انسان کي سيکاريو ته، سچ تائين پهچڻ لاءِ سوال ڪرڻ ضروري هجن ٿا. سقراط جو اهو طريقو (Socratic Method) نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، جيڪو اڄ به اڪثر هنڌن تي تعليم توڙي تحقيقن ۾ استعمال ٿئي ٿو. سقراط روبرو ڪچهرين ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ فرد جي اخلاقي ذميواريء کي به اهميت ڏني. ان کانپوء جي تاريخ ٻڌائي ٿي، افلاطون، سقراط جو ويجهي ۾ ويجهو شاگرد ۽ ساٿي هئو، جنهن سقراط جيان سوالن ۽ جوابن واري سلسلي کي ته جاري رکيو پر سقراط کي زهر واري پيالي پيئڻ واري مليل سزا کي نظر ۾ رکندي، هڪ ڪتاب Republic به لکيو۔ جنهن ۾ هن سقراط جي فلسفي کان هٽي مثالي رياست، انصاف ۽ حڪمرانيء بابت ڪجهه واڌو نظريا به پيش ڪيا، هن جي خيال ۾ انصاف، علم ۽ حڪمراني ڪرڻ وارو فلسفي هجڻ گهرجي، نڪي ويڙهاڪ يا جنگ جو ماهر.
ساڳي ئي سلسلي هيٺ ارسطو وري افلاطون جو شاگرد هئو، جنهن افلاطون جي علم کي وڌيڪ واضح عملي شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن ۾ هن منطق ۽ سياست کي منظم ڪيو ۽ پڻ ارسطو ئي هئو، جنهن انسان اندر لاتعداد حيواني جبلتون موجود هجڻ باوجود “انسان هڪ سماجي جانور آهي” وارو تصور ڏنو۔ جنهن جي بنياد تي انسان کي اڳتي هلي، اشرف المخلوقات جو لقب مليو۔ ڪنفيوشس جيڪو چين جو اخلاقي مفڪر طور مشهور هئو، ان سماجي نظم نسق، انسان جي اخلاقي قدرن ۽ احترامن کي بنيادي حيثيت ڏني. هن معاشرن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اخلاق کي مرڪز بڻايو۔ ان کان پوء اڳتي هلي چانڪيه نالي مفڪر به پيدا ٿيو، جيڪو سياست ۽ حڪمرانيء جو ماهر لکاري هئو۔ هن پڻ هڪ ڪتاب Arthashastra نالي سان لکيو۔ جنهن جو لب لباب اهو هو ته، سياست ۽ حڪمراني اهڙن ماڻهن کي ڪرڻ گهرجي، جن جي دلين ۾ انساني همدرديء جو جذبو هجي۔
ريني ڊيڪارٽ، جيڪو اڳتي هلي هڪ نئين ۽ جديد فلسفي سبب مشهور ٿيو، ان جو هڪ مشهور قول آهي ته “I think, therefore I am” مطلب، هن شڪ کي علم جي شروعات قرار ڏيندي چيو ته “مان سوچيان ٿو، تنهن ڪري مان آهيان“۔ اٽڪل 17ع صديء ۾ جان لاڪ به جديد جمهوريت جو نظريو ڏنو، هن انساني حقن تي زور ڏيڻ سان گڏ انساني آزادي، برابري ۽ حقن جو به تصور ڏنو۔ جڏهن ته ان کانپوء فرانس جي آخري بادشاهه جي دئور ۾ جوژان جيڪ روسو، سماجي معاهدي واري نظريي سان گڏ، عوامي حاڪميت جو تصور به پيش ڪيو۔ ڇو جو ساڳئي دئور ۾ فرانس جو عوام ان وقت جي بادشاهه وليم خلاف سندرا ٻڌي گهرن کان ٻاهر نڪري آيو هو۔ هتي واضح ڪجي ته ”روسو“ جي اهڙي نظريي، ايندڙ نظرين ۽ انقلابن تي وڏو اثر وڌو۔ جنهن جو هڪ مثال ڪارل مارڪس جو سوشلزم يا ڪميونزم وارو نظريو آهي، جنهن ۾ نه رڳو سرمائيداري نظام تي سخت تنقيد ڪئي وئي پر، معاشي برابريء جي اهميت کي اجاگر ڪندي، دنيا ۾ طبقاتي جدوجهد جو نئون تصور پيش ڪيو۔
هتي اهو واضح ڪندو هلجي ته، قبل مسيح وارن مفڪرن، وقت جي حڪمرانن جي عوام دشمن پاليسين خلاف آواز اٿارڻ سميت عوامي اخلاقيات جي اپٽار ڪندي، فردن جي سڌارن تي به زور ڏنو۔ جڏهن ته قبل مسيح کانپوء وارن ڏاهن، مفڪرن سياسي، سائنسي ۽ معاشي نظامن جي اڏاوت، سماجي انصاف ۽ انقلابن تي زور ڏنو۔ مطلب، سقراط ماڻهن کي سوال ڪرڻ، سوچڻ، سچ کي ڳولهڻ سيکاريو، اتي هو روايتي عقيدن کي بنا سوچ قبول ڪرڻ جي به خلاف هو۔ هن جو طريقو تنقيدي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ هئو، عقل ۽ دليل کي ريتن، رسمن ۽ روايتن کان مٿانهون رکڻ ۽ فردن کي سوچڻ جي آزادي ڏيڻ هئو۔ اهو ئي سبب هو جو سقراط کي زهر جو پيالو پيئاري شهيد ڪيو ويو، ڇو ته هو پراڻين سماجي سوچن کي چيلينج ڪري رهيو هئو، جن جي ڏڍ تي وقت جا حڪمران حڪمراني ڪري رهيا هئا۔ جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ فرانس جو روسو وري سماجي برابري سميت عوامي حاڪميت جو به حامي هئو۔ انهيء ڪري ئي سندس خيال، فرانس جي عوامي انقلاب جا بنياد بڻيا۔
هتي ترقي پسنديء جو هڪ پهلو اهو به نظر اچي ٿو ته، هر مفڪر انسان کي فطري طور آزاد سمجهي ٿو ۽ هر مفڪر ان ڳالهه سان به سهمت ڏٺو ويو آهي ته، سماج جي ناانصافين تي تنقيد ڪري سگهجي ٿي، جڏهن ته عوام تي حڪمراني ڪرڻ جو پهريون حق حاصل آهي ۽ ٻيو اهم خيال والٽيئر اظهار جي آزادي، غلط ريتن ۽ روين تي تنقيد ڪرڻ، ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آواز اٿارڻ جو حامي هئو۔ انهيء حوالي جان لاڪ (John Locke) ٻه قدم اڳتي وڌي انسان کي فطري حقن جو به تصور ڏنو، هن وڌيڪ چيو ته، حڪومت عوامي رضامنديء سان ئي جڙڻ گهرجي۔ جديد جمهوريت جي بنياد وجهندڙن بانين مان هڪ مانٽيسڪيو به هئو، جنهن حڪمرانن جي طاقت کي ورهائڻ جو نظريو ڏنو ۽ آمريت کي روڪڻ لاءِ اهم خيال پيش ڪيا۔ مطلب ته سقراط جي فڪر کان شروع ٿي مارڪسسي نظريي تائين واري سموري سفر کي ترقي پسنديء وارو سفر سمجهي سگهجي ٿو، جيڪو سست رفتاريء سان ئي سهي پر، اڳ کان اڳڀرو ٿيندو آخر مارڪسسي نظريي تي وڃي ڇيهه ڪيو۔
هتي اهم نڪتو اهو به آهي ته “ترقي پسندي” جو مطلب هر دور ۾ ساڳيو نه رهيو آهي پر، سراسري طور تي ان جو مقصد ڪڍبو ته اهو سقراط جي ذهني آزادي ۽ سوال ڪرڻ کان ٿيندو، روسو جي سماجي برابري ۽ عوامي طاقت کان رستو ڪڍندو، جان لاڪ واري، فردي حق جي حاصلات واري نعري ۽ والٽيئر جي اظهار جي آزادي تائين۔ اهي سڀ نظريا گڏجي هڪ اهڙي فڪري زنجير جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿيا، جو مارڪس جهڙو مفڪر ميدان تي ٻاهر نڪري بيٺو۔ جڏهن روس جي لينن، ان نظريي جي اهميت کي سمجهي، پنهنجي ملڪ ۾ هلچل شروع ڪئي ته، عام ماڻهن سان گڏ اتان جي اديبن به ان جي وڏي حد تائين مدد ڪئي ۽ ڪيترن ئي اديبن پنهنجي لکڻين ذريعي روسي انقلاب ۾ پنهنجو حصو ڳنڍيو ۽ نيٺ 1917ع ۾ دنيا اندر پهريون ڪميونسٽ انقلاب ظاهر ٿيو، جنهن جو هن وقت تائين متبادل ڪوبه نظريو ناهي، باقي اها ڳالهه مڃبي ته انساني سوچ ڪڏهن به هڪ هنڌ ناهي بيٺي ۽ ايندڙ دئور ۾ ٻيا به عالمي نظريا عوام آڏو اچي سگهن ٿا۔
روس جي انقلاب جي اٽڪل 19 سالن کانپوء انجمن ترقي پسند مصنفين (Progressive Writers’ Association) برصغير جي ادبي، سماجي ۽ سياسي تاريخ ۾ اهم لکارين جي تنظيم طور ظاهر ٿي، جنهن ادب کي تفريح، ذهني آسودگيء توڙي رومانيت مان ڪڍي، سياسي ۽ سماجي تبديليء جو ذريعو بڻايو. جنهن جو اڳتي هلي فڪري بنياد يورپ ۾ پڙهندڙ برصغير جي شاگردن رکيو، جن ۾ خاص طور تي سجاد ظهير، احمد علي، رشيد جهان ۽ محمود الظفر شامل هئا۔ جن 1935ع ڌاري لنڊن اندر هن تحريڪ جو شروعاتي خاڪو تيار ڪيو ۽ پوءِ 1936ع يعني اڄ کان 90 سال اڳ لکنؤ ۾، پهريون باقاعده اجلاس ڪوٺايو ويو. ٻڌايو وڃي ٿو ته، ان پهرين اجلاس جي صدارت مشهور ناول نگار منشي پريم چند ڪئي، جنهن اجلاس دوران پنهنجي تقرير ۾ ادب کي سماج جي سچائيء جو آئينو قرار ڏنو هئو، جنهن جي ٻين به تائيد ڪئي هئي، اهڙيء طرح ان کانپوء ان تنظيم جا باقائده اجلاس ٿيڻ شروع ٿيا۔
انجمن ترقي پسند مصنفين جو بنيادي مقصد ادب کي رڳو رومانيت تائين محدود رکڻ نه، پر ان کي عوام جي حقيقي مسئلن سان ڳنڍڻ، دنيا ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ غربت، سماج ۾ ٿيندڙ مختلف قسم جي ناانصافين، استحصال ۽ ظلمن خلاف لکڻين ذريعي ڀرپور آواز اٿارڻ، دنيا جي سامراجي ڪردارن ۽ سمورن طبقاتي نظامن جي مخالفت ڪرڻ، انساني برابريء لاء آواز اٿارڻ، انساني ۽ سماجي آزاديء ۽ انصاف جي حمايت ڪرڻ به هئو۔ ڪجهه لکارين جو خيال آهي ته، هن تحريڪ تي ڪارل مارڪس جي نظرئي جو اثر به هئو۔ بهرحال هن تنظيم سان آهستي آهستي ٻيا وڏا اديب به ملندا ويا يا اهي تڏهن وڏا سمجهيا ويا، جڏهن هو انجمن جو حصو بڻيا، بهرحال اهو هڪ الڳ بحث آهي، انهن ۾ فيض احمد فيض، ڪرشن چندر، ساحر لڌيانوي، راجندر سنگھ بيدي، عصمت چغتائي ۽ سعادت حسن منٽو جهڙا نالا شامل آهن۔ اهي اديب ۽ شاعر نه رڳو تنظيم سان لاڳاپيل رهيا پر، انهن پنهنجي لکڻين ۾ سماجي ناانصافين، عورتن، ٻارن، هارين ۽ مزدورن جي ابتر حالتن، غربت ۽ انساني ڏکن کي بيباڪيء سان بيان به ڪيو.
اڳتي هلي هن تنظيم جا اثر سنڌي ليکڪن، شاعرن، صحافين ۽ سياسي ڪارڪنن تي به پيا۔ جن جي هڪ ڊگهي لسٽ آهي، سڀني جا نالا ته ياد ناهن، باقي جيڪي ياد پون ٿا تن ۾ محمد امين کوسو، قادر بخش نظاماڻي، حيدر بخش جتوئي، گوبند مالھي، برڪت آزاد، ڪيرت ٻاٻاڻي، شيخ اياز، امر جليل، آغا سليم، نور الدين سرڪي، ابراهيم جويو، غلام محمد گرامي، عثمان ڏيپلائي، ڪشن چند بيوس، گوبند پنجاپي، جمال ابڙو، حشو ڪيول راماڻي، عبدالڪريم گدائي، انور پيرزادو، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي، ڊاڪٽر نجم عباسي، عبدالواحد سنڌي، فقير محمد لاشاري ء ٻيا کوڙ سارا اديب ۽ صحافي شامل ھيا۔ انهيء سلسلي ۾ رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، سوڀو گيانچنداڻي، شهيد نذير عباسي ۽ ڪجهه ٻيا ترقي پسند ادب توڙي سياست ۾ پاڻ ملهائي ويا۔ بهرحال ان جو ڪريڊٽ انجمن ترقي پسند مصنفين جي کاتي ۾ وجهجي ته ڪا به اربع خطا نه ٿيندي۔
انجمن ترقي پسند مصنفين جي قائم ٿيڻ کانپوء، اردوء سميت بنگالي، هندي، پنجابي، سنڌي ۽ ٻين ٻولين جي ادب تي گهرا اثر ٿيا۔ اڳ جيڪي ناول، ڪهاڻيون، افسانا، شاعريون رڳو عشق ۽ محبت وارن قصن ۾ ڦاٿل هيون، ادڀ جون اهي سڀئي صنفون، وڌيڪ حقيقت پسند بڻيون، شاعرين ۾ واضح تبديليون ڏسڻ ۾ آيون، ڪهاڻين ۽ مضمونن ۾ مزاحمت صاف ظاهر ٿيڻ لڳي ۽ پڻ ناولن ۾ به عوامي مسئلن جو اپٽار وڌيو۔ اهڙيء طرح سڄي برصغير جو ادب، جيڪو اڳ ۾ رومانيت ۽ الف ليلائي قصن ۽ ڪهاڻين سان ڀريل هئو، اهو ان مان نڪري زندگي لاءِ ادب جي اصولن تي هلڻ شروع ڪيو۔ بهرحال ھن تحريڪ ادب براء ادب جي جاء تي ادب براء زندگي جو نعرو ڏنو. نتيجي ۾ برصغير جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اديب به سياستدانن جيان يا انهن سان گڏ جيلن جون هوائون کائڻ لڳا۔
هتي موقعي مناسبت سان انجمن ترقي پسند مصنفين جو هڪ ٻيو ڪارنامو به بيان ڪجي ٿو، جڏهن سياستدانن سان گڏ اديب به جيلن ۾ گڏ رهيا ته ان عمل جي موٽ ۾ سياستدانن ۽ اديبن ۾ سياسي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هم آهنگي پيدا ٿي، ان سان گڏ کين هڪ ٻئي کي سمجهڻ جو به موقعو مليو۔ سياستدان اڳ جيڪي اديبن کي ڪجهه به نه سمجهندا هئا، اهي اديبن کي عزت جي نظر سان ڏسڻ لڳا ۽ پڻ اديبن جي عوامي لکڻين ۽ سياستدانن سان لاڳاپن ڪري سياست کي به نوان رنگ ۽ ڍنگ مليا ۽ پراڻ پسنديء واري سياسي هڪ هٽي ٽٽي، جديد ترقي پسند سياست کي هٿي به ملي۔
جيتوڻيڪ مختلف وقتن ۽ موقعن تي انجمن ترقي پسند مصنفين تي ڪجهه تنقيدون به ٿيون، ڪجهه اديبن جو خيال هئو ته، ادب کي سياست سان وڌيڪ يا گهڻو ڳنڍڻ سان لکڻ واري فن جي آزادي متاثر ٿئي ٿي۔ اهڙيء طرح جيڪي اديب سڳورا سياست ۽ ادب کي الڳ الڳ خانن ۾ رکڻ جا حامي هئا، اهي تنظيم کان ٿورا وٿيرڪا ٿيڻ لڳا۔ نتيجي طور تنظيم اندر “نظرياتي” ۽ “آزاد خيال” وارا ٻه ڌڙا ٺهي پيا۔ ڪجهه وڏن اديبن جهڙوڪ سعادت حسن منٽو، عصمت چغتائيء ۽ ٻين جو خيال هئو ته، ادب کي ڪنهن سياسي نظريي جو غلام نه ٿيڻ گهرجي۔ اهو ان تنظيم جو پهريون اختلاف هئو، جنهن کانپوء تنظيم اندر ٿورڙي وقت لاء فڪري تضاد ته اڀريو، پر تنظيم تي ڪو خاص اثر نه پيو۔
ها البته، اڳتي هلي تنظيم مٿان ڪجهه ڏکيا وقت ضرور آيا، انهن مان هڪ برصغير جي ورهاڱي (1947ع) کان پوءِ، هندستان ۽ پاڪستان ٻه الڳ الڳ ملڪ ٿي پيا، اهڙيء طرح تنظيم به ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، جڏهن ته برصغير جي ورهاڱي کان ترت ئي پوء وري بنگلاديش جي الڳ ٿيڻ ۽ وري مٿان روس جي افغانستان کان شڪست ۽ ضيائي دور جي سياسي دٻاءُ، ان جون حڪومتي پاليسيون ۽ سينسرشپ جي سخت قانونن سبب، ان تنظيم کي ڪي قدر ڪمزور ضرور ڪيو۔ بهرحال پوء به هيء تنظيم نه رڳو پنهنجو وجود برقرار رکندي آئي آهي پر، واڌ ويجهه واري عمل مان گذرندي، اڄ تائين پنهنجو وجود قائم رکندي پئي اچي ۽ پڻ ان جا مثبت اثر اڄ تائين ادب ۾ موجود پڻ آهن. انجمن ترقي پسند مصنفين ادب کي سماجي شعور، مزاحمت ۽ انسانيت جي خدمت جو ذريعو بڻايو. اها تحريڪ هڪ ادبي انقلاب جي حيثيت رکي ٿي، جنهن جو اثر رڳو اڄ نه پر وڌيڪ سالن ۽ صدين تائين محسوس ڪيو ويندو.
_____________________

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچيءَ جو سرگرم رڪن آهي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو




عبدالحميد منگي صاحب جن مضمون ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جو فڪري جائزو بھتر نمعوني سان ورتو آهي ، ان لاء کينس جس ھجي.