Editor's pickMain Slideڪالم

آمريڪي سماج نسل پرستي ۽ انسانيت بابت غلط نظرين تي ٻڌل هو

وليم فاڪنر جي مشهور ناول ايبيسلوم، ايبيسلوم (Absalom, Absalom!)جو اڀياس جنھن ۾ ھُو ڏيکاري ٿو ته ڏکڻ (آمريڪا جي سورھن رياستن تي مشتمل علائقو) رڳو گهرو ويڙهه (Civil War) جي ڪري تباهه نه ٿيو، پر ان ڪري ٿيو جو ان جو پورو سماج نسل پرستي ۽ انسانيت بابت انهن غلط نظرين تي ٻڌل هو، جن جو مقابلو ڪرڻ کان هنن انڪار ڪيو هو.

انگريزي ادب

ليکڪا: ديپيڪا ورما

ايبيسلوم، ايبيسلوم! رڳو هڪ خاندان جي زوال يا آمريڪي ڏکڻ (American South) جي شڪست جي ڪهاڻي ناهي. هي انهن لڪل ڪوڙن ۽ خاموشين بابت آهي جيڪي انسان کي اندر ئي اندر ختم ڪري ڇڏيندا آهن. وليم فاڪنر ڏيکاري ٿو ته ڏکڻ (آمريڪا جي سورھن رياستن تي مشتمل علائقو) رڳو گهرو ويڙهه (Civil War) جي ڪري تباهه نه ٿيو، پر ان ڪري ٿيو جو ان جو پورو سماج نسل پرستي ۽ انسانيت بابت انهن غلط نظرين تي ٻڌل هو، جن جو مقابلو ڪرڻ کان هنن انڪار ڪيو هو.

هن ناول جي ڪهاڻي ٿامس ستپن جي چوڌاري گھمي ٿي، جيڪو هڪ غريب ماڻهو هو، جيڪو مسيسپي اچي ٿو، هڪ وڏي زمين آباد ڪري ٿو ۽ هڪ طاقتور نسل (خاندان) قائم ڪرڻ جا خواب ڏسي ٿو. پر، جيڪي ڪجهه هو اڏي ٿو، اهو نسلن گذرڻ سان گڏ آهستي آهستي ٽٽي پوي ٿو. اصل الميو دولت يا زمين جو وڃائڻ ناهي، پر خاندانن جي اندر خاموشي، انڪار ۽ اڻ چيل سچن جي ميراث آهي.

ستپن جي سڀ کان وڏي ناڪامي پنهنجي گڏيل نسل (Mixed-race) واري پٽ، چارلس بان، کي قبول ڪرڻ کان انڪار هو. بان کي تسليم ڪرڻ جو مطلب اهو ٿئي ها ته کيس مڃڻو پوي ها ته سندس عظيم خواب جو بنياد شروع کان ئي غلط هو. ستپن لاءِ، پنهنجي سماجي رٿا جي حفاظت ڪرڻ پنهنجي پٽ کي قبول ڪرڻ کان وڌيڪ اهم هئي. هيءَ ڳالهه ڏکڻ جي ان گهري خوفناڪ حقيقت کي ظاهر ڪري ٿي ته: هنن انساني لاڳاپن کان وڌيڪ پنهنجي ڪوڙي سماجي نظام کي اهميت ڏني.

فاڪنر اها ڪهاڻي ڪيترن ئي ڪردارن جي ذريعي ٻڌائي ٿو، جهڙوڪ روزا ڪولڊ فيلڊ ۽ ڪئينٽن ڪامپسن، جن مان هر هڪ واقعن جا اڌورا ۽ ناقابلِ اعتبار رخ بيان ڪري ٿو. ان ڪري، سچ هميشه غير يقيني ۽ ٽڪرن ۾ ورهايل محسوس ٿئي ٿو. ناول جي هي بناوت پاڻ ظاهر ڪري ٿي ته تاريخ ڪيئن ياداشت، تعصب ۽ قصي گوئيءَ جي ذريعي ٺهي ٿي.

ڏکڻ سان فاڪنر جو پنهنجو تعلق هن ناول کي وڌيڪ بااثر بڻائي ٿو. هو ڏاکڻي ڪلچر تي تنقيد ڪندڙ ڪو ٻاهريون ماڻهو نه هو؛ هو خود ان جو حصو هو ۽ کيس ان جون ڏند ڪٿائون، فخر ۽ تضاد ورثي ۾ مليا هئا. هن ناول کي لکڻ جو مطلب هو ته هو پنهنجي ئي ورثي جي عظمت ۽ اخلاقي زوال، ٻنهي جو مقابلو ڪري.

بنيادي طور تي، هي ناول دليل ڏئي ٿو ته ماضي ڪڏهن به مڪمل طور تي ختم ناهي ٿيندو. ماڻهو ۽ سماج انهن ڪهاڻين سان گڏ جڙيل هوندا آهن جيڪي اهي پاڻ کي ٻڌائيندا آهن، خاص ڪري اهي ڪوڙ جن جو هو مقابلو ڪرڻ کان ڪيٻائيندا آهن. ستپن هڪ اهڙي ميراث ڇڏڻ چاهي ٿي جيڪا هميشه قائم رهي، پر اها انڪار جي بنياد تي هجڻ ڪري ختم ٿي وئي. فاڪنر جو ڪم ان ڪري زنده رهيو جو هن ان ميراث جي پويان لڪل تڪليف ڏيندڙ سچ کي ايمانداريءَ سان ظاهر ڪيو.

____________

انگريزيءَ مان ترجمو: جيمناءِ

ايڊيٽنگ: نصير اعجاز

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button