لِي ڪي-وو ايشيا جرنلسٽس ايسوسيئيشن جو ستون چيئرمين چونڊجي ويو
ايشيا جرنلسٽس ائسوسيئيشن جي اجلاس ۾ نئين چيئرمين جي چونڊ سان گڏ ايسوسيئيشن جي تنظيمي جوڙجڪ، ايشيا پريس سينٽر (APC) جي تصور، ۽ ايشيائي نيٽ ورڪ کي مضبوط ڪرڻ جي قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
“آئون انهن ڪمن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪري تنظيم کي مضبوط بڻائيندس جيڪي پهريان حاصل ڪري سگهجن ٿا“، نئين چيئرمن جو اظھار
لي سانگ-ڪي وٽان

سيئول: ايشيا جرنلسٽس ايسوسيئيشن (AJA) تازو ئي پنهنجو هڪ غير معمولي بورڊ اجلاس ڪوٺايو جنهن ۾ ڏکڻ ڪوريا جي اڳوڻي تعليمي نائب وزير لي ڪي-وو کي ستون چيئرمين چونڊيو ويو. هو چيئرمين ڪو بون-هونگ جي جڳهه سنڀاليندو.
چوٿين مئي تي سيئول پريس سينٽر ۾ منعقد ٿيل هن اجلاس ۾ نئين چيئرمين جي چونڊ سان گڏ ايسوسيئيشن جي تنظيمي جوڙجڪ، ايشيا پريس سينٽر (APC) جي تصور، ۽ ايشيائي نيٽ ورڪ کي مضبوط ڪرڻ جي قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پنهنجي الوداعي خطاب ۾ اڳوڻي چيئرمين ڪو بون-هونگ چيو ته، “مون کي اميد آهي ته بورڊ آف ڊائريڪٽرز صرف هڪ گڏجاڻي بدران هڪ اهڙي جوڙجڪ بڻجي جيڪا عملي طور تي سرگرم هجي،” هن وڌيڪ چيو ته، “ايسوسيئيشن کي ايندڙ نسل تائين پهچائڻ لاءِ نئين جذبي ۽ عملي قوت جي ضرورت آهي.”
نئين چونڊيل چيئرمين لي ڪي-وو چيو ته، “چيئرمين جي عهدي بدران، آئون هڪ ‘سيلز نمائندي’ جو ڪردار ادا ڪرڻ چاهيان ٿو جيڪو يقيني بڻائي ته تنظيم صحيح نموني ڪم ڪري رهي آهي.”

هن وڌيڪ چيو ته، “آئون هڪ اهڙو بورڊ جوڙيندس جتي سڀ ميمبر ايسوسيئيشن جي مقصدن ۽ ڪمن ۾ شريڪ هجن ۽ ذميواريءَ سان حصو وٺن.” چيئرمين لي ايسوسيئيشن کي ٻيهر ‘نامزد خيراتي تنظيم’ طور بحال ڪرائڻ کي پنهنجو بنيادي هدف قرار ڏنو.
هن چيو ته، “آئون سسٽم ۽ حالتن کي بهتر ڪندس ته جيئن تنظيم کي ٻيهر خيراتي اداري طور رجسٽرڊ ڪرائي سگهجي، ته جيئن ايشيا جرنلسٽس ايسوسيئيشن عالمي تعاون ۽ وقت جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ واري هڪ عوامي مفاد واري تنظيم طور اڀري.”

هن وڌيڪ واضح ڪيو ته وڏا ۽ ڏکيا ڪم هٿ ۾ کڻڻ بدران، هو انهن ڪمن کي پهرين ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪندو جيڪي آسانيءَ سان ٿي سگهن ٿا، ته جيئن تنظيم جي قوت وڌي.
آپريشنل سسٽم ۾ تبديلين بابت هن اعلان ڪيو ته اڳوڻن چيئرمينن کي صلاحڪار ۽ موجوده ڊائريڪٽرن کي اعزازي ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويندو، جڏهن ته عملي جوڙجڪ انهن ڊائريڪٽرن جي چوڌاري هوندي جيڪي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺي سگهن.

نئون چيئرمين لي ڪي-وو هن وقت ‘انسٽيٽيوٽ آف ڪورين اسٽڊيز’ جو ڊائريڪٽر آهي. هو اڳ ۾ تعليمي نائب وزير، انچيون جينيونگ يونيورسٽي جو صدر، ڪوريا ٽيچرز مييوچل ايڊ ايسوسيئيشن جو چيئرمين، ۽ گيونگين براڊڪاسٽنگ جو سي اي او رهي چڪو آهي. کيس تعليمي انتظاميه، عوامي خدمت، ۽ ميڊيا جي شعبي جو ماهر سمجهيو ويندو آهي.
اجلاس دوران ايشيا پريس سينٽر (APC) جي ويزن تي پڻ بحث ٿيو. ميمبرن بشمول ڊائريڪٽر بي ڪي-سون، او جي-چيول، ڪم گيون-سانگ، ۽ ڪو ميونگ-جن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته APC صرف هڪ عمارت نه پر ايشيا کي ڳنڍڻ جو هڪ پليٽ فارم هجڻ گهرجي.
_______________

لي سانگ-ڪي هڪ سينئر صحافي، ايشيا جرنلسٽس ايسوسيئيشن جو اڳوڻو صدر ۽ ‘The AsiaN’ جو پبلشر آهي.
The AsiaN سيئول، ڏکڻ ڪوريا جي ٿورن سان



