Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

غربت فطري نه پر انساني، سماجي ۽ معاشي نظامن جي پيداوار آهي

غربت رڳو ناڻي جي کوٽ جو نالو ناهي، پر اهو وسيلن، تعليم، صحت، انصاف ۽ انساني اڻبرابريءَ سان ڳنڍيل آهي۔ غربت جي تاريخ اصل ۾ معاشي نظامن، جنگين، سلطنتن ۽ سماجي ڍانچن جي تاريخ آهي۔

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

حميد منگي

غربت انساني تاريخ جي سڀ کان پراڻن ۽ سماجي مسئلن مان حل نه ٿيندڙ هڪ مسئلو آهي۔ غربت رڳو ناڻي جي کوٽ جو نالو ناهي، پر اهو وسيلن، تعليم، صحت، انصاف ۽ انساني اڻبرابريءَ سان ڳنڍيل آهي۔ غربت جي تاريخ اصل ۾ معاشي نظامن، جنگين، سلطنتن ۽ سماجي ڍانچن جي تاريخ آهي۔ غربت جي شروعاتي تاريخ ٻڌائي ٿي، جڏهن انسان شڪار ۽ ڦر چُر واري زندگي گذاريندو هئو، تڏهن “امير” ۽ “غريب” جو فرق واضح نه هئو، ڇو ته ماڻهو گڏجي شڪار ڪندا ۽ حاصل ڪيل خوراڪ ورهائي کائيندا هئا، پر جيئن ئي منظم زراعت شروع ٿي ۽ ڪجهه لالچي ماڻهو زمينن تي قبضا ڪرڻ لڳا، تڏهن طبقاتي فرق پيدا ٿي پيو۔ اهڙيء طرح سردار، زميندار، نسلن جا سربراهه ۽ حڪمران عوام توڙي فطرت جي وسيلن تي قابض ٿيڻ لڳا۔ جڏهن ته هاري، مزدور ۽ ٻيا پورهيت محنتون ڪرڻ باوجود به غريب رهڻ لڳا۔ اها ئي غربت جي شروع واري شڪل لڳي ٿي۔

ٿورو اڳتي اچي تاريخ جا ورق اٿلائبا ته، اها به خبر پوندي، اسين جن قديم تهذيبن کي عظيم تهذيبون چوندا آهيون، انهن ۾ به غربت ۽ سماجي اڻبرابري موجود هئي۔ ان دئور ۾ به دولتمند، زمينن تي قبضا خور، چالاڪيون ۽ حرفتون ڪندڙ، حڪمران طبقا ۽ انهن جا خاص درٻاري آسائشن ۾ رهندا ۽ عياشيون ڪندا هئا، جڏهن ته غلام، مزدور ۽ مختلف پورهيا ڪندڙ هاري ناري، غربت ۾ زندگيون گذارڻ تي مجبور هئا۔ ڪجهه علائقن ۾ ته ماڻهو گهرڀاتين جي بک مٽائڻ لاء قرض کڻندا هئا، جڏهن اهي قرض واپس نه ڪري سگهندا هئا ته، کين يا انهن جي زالن ۽ ٻارن کي غلام بڻايو ويندو هئو۔ قديم روم ۾ ته غريبن لاءِ “ماني ۽ تماشو” واري پاليسي هلندي هئي، جيئن ماڻهو بکن، بدحالين، غربتن ۽ ناانصافيڻ خلاف ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍن۔

جڏهن ته دنيا جي تقريبن سڀني مذهبن ۾، غربتن ۽ محتاجين جي خاتمي لاء حڪم ڏنل آهن۔ اسلام سماجي برابريء کي قائم رکڻ لاء هر سال زڪوات، فطراني ۽ صدقي جو تصور ڏنو۔ عيسائيت ۾ غريبن جي مدد کي نيڪي سمجهيو ۽ ٻڌايو ويو۔ ٻڌمت لالچ کي انساني ڏکن جو سبب قرار ڏنو۔ پر جڏهن پيغام ڏيندڙن برقعو مٽايو ته، ان کانپوء انهن جي جاء تي آيل اڪثر حڪمران ۽ ڪيترن سماجن جا مذهبي ادارا به عملي طور تي امير طبقن سان گڏ بيٺل نظر آيا۔ جنهن ڪري غربت ختم ٿيڻ بدران، ساڳي ئي شڪل ۾ موٽي آئي، جيڪا اڄ به انسانن جا ويچارا ڪڍي رهي آهي۔ اندازن تي ٻڌل تاريخون ٻڌائن ٿيون ته، وچئين دور ۾ يورپ، ايشيا ۽ دنيا جي ٻين زرعي خطن ۾ جاگيرداري نظام قائم ٿيا۔ هن نظام ۾ زمينن تي قبضا ڪري هٿراڌو زمينن جا مالڪ تمام گهڻا طاقتور، چالاڪ، خطرناڪ هئا۔ هاري ۽ ٻيا پورهيت سندن تابع هوندا هئا ۽ محنت ڪش طبقو قرضن ۾ ٻڏل ۽ بکن ۾ رهندو هئو۔ اهڙيء طرح سنڌ سميت برصغير ۾ وڏيرڪو ۽ جاگيرداراڻو نظام غريب طبقي سان ناانصافيء جو اهم سبب رهيو، جيڪو هن وقت به هلندڙ آهي ۽ کين حڪمرانن جي پٺڀرائي حاصل آهي۔

صنعتي انقلاب اچڻ کانپوءِ جڏهن ڪارخانا، مشينون ۽ جديد صنعتون وجود ۾ آيون تڏهن به ٿورڙا ماڻهو وڏا امير بڻيل رهيا ۽ عوام جي اڪثريت غربت هيٺ رهي۔ جڏهن صنعتي ترقي وڌڻ لڳي ۽ ٻهراڙين مان شهرن ڏانهن لڏپلاڻ وڌي، ماڻهو جڏهن شهرن ۾ آيا ته کين سواء مزدوري ڪرڻ جي ڪو چارو نه هئو، نتيجي ۾ هو جڏهن ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ ويا ته، اتي کين گهٽ اجوري تي سخت ڪم ڪرڻو پوندو هئو۔ انهيء دئور ۾ ٻارن، ٻڍن ۽ عورتن کان به پورهيو ورتو ويندو هئو۔ اهڙيء صورتحال ۾ ٿوري گهڻي سمجهه رکندڙ ماڻهن اهڙي نظام تي تنقيد به ڪئي پر، سرمائيدارن ۽ انهن جا ڪارخانا ۽ فيڪٽريون سنڀاليندڙ چمچا پنهنجين حرڪتن کان باز نه آيا ۽ ساڳيا طريقا استعمال ڪندي، غريب ماڻهن کي ٿورڙي اجوري تي سڄو سڄو ڏينهن ۽ سڄي سڄي رات ڪم وٺندا رهيا۔

يورپي حڪمرانن، جڏهن ايشيا، آفريڪا، لاطيني آمريڪا ۽ دنيا جي ٻين زرعي طور تي شاهوڪار علائقن تي قبضا ڪيا ته، انهن به چونڊي چونڊي چالاڪ سرمائيدارن کي اڳتي آڻي، مقامي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ سان گڏ اتان جي ماڻهن کي ڪئي صدين تائين غلامن جيان ورتاء ڪيو۔ رڳو ايترو هجي ها ته به ٺيڪ پر، ٻه قدم اڳتي وڌي اتان جو خام مال ڪڍي، پنهنجن ملڪن جا گدام ڀريندا رهيا۔ تاريخدان لکن ٿا ته، نوآبادياتي نظام، جديد دنيا جي غربت جي بنيادي سببن مان هڪ هئو۔ 20 ۽ 21هين عيسوي صديءَ ۾ سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ عالمي واپار وڌڻ باوجود غربت ختم نه ٿي سگهي۔ نتيجي ۾ اڄ به لکين ماڻهو بک، بدحالي ۽ غربت جو شڪار هجڻ سان گڏ بي گهر به آهن ۽ پوري دنيا جو ناڻو ڪجهه ملڪن، طبقن، خاندانن ۽ ماڻهن تائين محدود آهي۔

پاڻ جيڪڏهن غربت جا سبب ڳولهينداسين ته، ڪيترائي سبب نڪري پوندا، جن مان ڪجهه هي به آهن۔ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ ڪرپشن، معمولي تڪرارن تي جنگيون لڳڻ، معياري تعليم ۽ صحت وارين سهوليتن جي کوٽ، استحصالي نظامن جو جاري رهڻ، آباديءَ ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿيڻ، وسيلن توڙي دولت جي غيرمنصفاڻي ورڇ، سياسي عدم استحڪام ۽ معاشي استحصال وغيره وغيره شامل آهن۔ انهيء سلسلي ۾ جيتوڻيڪ اقوام متحده ۽ ان جون ذيلي يا دنيا جون ٻيون تنظيمون، غربت گهٽائڻ لاءِ مختلف پروگرام هلائين به ٿيون، پر مسئلو اڃا تائين به جيئن جو تيئن موجود آهي، بلڪي اهڙا عمل غربت جي وڌڻ جو وڌيڪ سبب بڻجي رهيا آهن، ڇو ته هڪ ته اهي عارضي حل آهن ۽ ٻيو ته ماڻهو به خيرات وٺڻ جا هيراڪ ٿي، پنهنجين زندگين کي بهتر ڪرڻ لاء ڪم ڪرڻ لاء تيار ناهن۔

جڏهن ته دنيا جا دانشور، جديد معاشي ماهر ۽ سمجهه ڀريا ماڻهو، اهڙن وقت به وقت خيراتي عملن بدران غريب ماڻهن ۽ خاندانن کي پاڻڀرو ڪرڻ لاء ڪي ٻيون تجويزون ڏيڻ جون ڪوششون ڪن ٿا پر انهن جي ڳالهه، ڄاڻي ٻجهي، هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏي ٿي وڃي۔ ڏٺو وڃي ته غربت رڳو اقتصادي مسئلو ناهي پر، اهو اڄوڪي دئور ۾ سماجي ۽ نفسياتي مسئلو به ٿي پيو آهي۔ غربت سبب، بک ۽ بيماريون وڌن ٿيون۔ ڏوهه چوٽ چڙهن ٿا، ٻارن ۽ نياڻين جي تعليم متاثر ٿئي ٿي، سماج ۾ نفرتون ۽ بيچينيون وڌن ٿيون۔ اڪثر شهري ذهني دٻاءُ ۾ زندگيون گهارڻ تي مجبور بڻيل آهن ۽ انهن ۾ مايوسي به پيدا ٿئي ٿي۔

انهيء باوجود به دنيا جا ڏاها سمجهن ٿا ته، صدين کان ايتريون وارتائون ٿيڻ باوجود به دنيا مان غربت ختم ٿي سگهي ٿي، جنهن لاء هيٺيان ڪم ڪرڻا پوندا۔ مثال طور، معياري تعليم تي زور ڏيڻو پوندو، روزگار جا شريفاڻا موقعا ڪڍڻا پوندا، انصاف تي ٻڌل معاشي ۽ سماجي نظام قائم ڪرڻا پوندا، ڪرپشن جي خاتمي لاء ايمانداراڻيون ڪوششون ڪرڻيون پونديون، عورتن کي برابريء جا حق ڏيڻ سان گڏ سياسي استحڪام لاء ڪوششون وٺڻ تمام ضروري آهن ۽ پڻ غربت جو مستقل حل تڏهن ممڪن ٿيندو، جڏهن دنيا جا وسيلا ۽ ناڻو رڳو چند ملڪن، طبقن، ڪمپنين ۽ ماڻهن بدران سموري انسان ذات جي ڀلائي لاءِ برابر استعمال ٿئي۔ انهيء سڄي بحث مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته غربت فطري نه پر، گهڻو ڪري انساني، سماجي ۽ معاشي نظامن جي پيداوار آهي۔ جڏهن سماج انصاف، برابري ۽ انسان ذات کي ترجيح ڏيندا، تڏهن غربت به گهٽجي ويندي۔

انهيء سلسلي ۾ هن وقت تائين جيڪو به ٿيندو رهيو آهي، اهو ته پنهنجي جاء تي پر، ايندڙ ٽيڪنالاجي ۽ آئيڊيالاجيء واري دور ۾ به غربت وارو سوال، دنيا جي سڀ کان اهم سوالن مان هڪ بڻجڻ پيو وڃي۔ هلندڙ ۽ ايندڙ وڌيڪ ٽيڪنالاجي انسان لاءِ وڏيون سهولتون، پيداوار ۽ علم جا نوان در کوليندي، پر ساڳئي وقت اهو به خطرو وڌي رهيو آهي جيڪڏهن ٽيڪنالاجيءَ جا فائدا ايمانداراڻي نموني نه ورهايا ويا ته، غربت جا نوان دروازا به کلي سگهن ٿا۔ ٽيڪنالاجيءَ واري دور ۾ غربت جي صورتحال ڪيئن هوندي؟ اچو ته ڪجهه اندازا لڳايون۔

هڪ ته هڪ پاسي خوشحالي ٻئي پاسي نئين غربت هوندي يعني روبوٽڪس، آٽوميشن ۽ جديد مشينون ڪيترائي ڪم انسانن بدران پاڻ ڪرڻ لڳنديون۔ ان سان پيداوار ته وڌندي ڪاروبار به تيز ٿيندا ۽ دنيا وڌيڪ “ڊجيٽل” ٿيندي۔ پر ٻئي پاسي لکين روايتي نوڪريون ختم يا گهٽ ٿي سگهن ٿيون، خاص ڪري هاري، مزدور، ڊرائيور، ڪلارڪ ۽ آفيس جو معمولي ڪم ڪندڙ ماڻهو ۽ ڪيترا پورهيا پڻ متاثر ٿي سگهن ٿا۔ يعني غربت ختم ٿيڻ بدران “روزگار واري غربت” نئين شڪل ۾ ظاهر ٿي سگهي ٿي۔ جڏهن ته امير ۽ غريب وچ ۾ فاصلو، جيڪو اڳ ئي وڌيل آهي ان جي وڌيڪ وڌڻ جو خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو۔ ڇو ته ٽيڪنالاجي اڪثر انهن ملڪن ۽ ڪمپنين وٽ آهي، جن وٽ اڳ ئي سرمايو ڍڳن جي صورت ۾ موجود آهي۔ انڪري وڏا ملڪ ۽ ڪمپنيون وڌيڪ طاقتور ٿينديون، ننڍا ڪاروبار پوئتي رهجي سگهن ٿا ۽ دولت اڳ ئي ٿورن ماڻهن وٽ گڏ آهي، اها اڃا وڌيڪ ٿورن ماڻهن وٽ جمع ٿيندي۔ يعني اهي ملڪ، طبقا، سماج، ڪمپنيون ۽ ماڻهو به متاثر ٿيندا جن وٽ ناڻو موجود آهي۔

ٻيو ته دنيا جا جديد معاشي ماهر چون ٿا، مستقبل ۾ “ڊيٽا” ۽ “ٽيڪنالاجي” دنيا لاء نئون تيل ثابت ٿيندا ۽ جيڪو انهن تي قابض هوندو، اهو ئي معيشت تي اثرانداز ٿيندو۔ ايندڙ دور ۾ عام جسماني محنت کان وڌيڪ، تخليقي سوچ، سائنسي ڄاڻ، ڪمپيوٽر سميت مختلف فنن جي مهارت ۽ تحقيق اهم ٿيندي۔ جيڪي ملڪ ۽ ماڻهو تعليم ۾ پوئتي رهندا، اهي معاشي طور به پوئتي رهجي ويندا يعني مستقبل جي غربت شايد “علم جي غربت” به هوندي۔ دنيا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اڃا تائين انٽرنيٽ، ڪمپيوٽر ۽ جديد تعليم تائين رسائي محدود آهي۔ اهو فرق “ڊجيٽل ڊيوائيڊ” سڏجي ٿو۔ جيڪڏهن غريب ماڻهن کي ٽيڪنالاجيء تائين برابر جي رسائي نه ملي ته، مستقبل ۾ اميري ۽ غريبيء وچ ۾ فرق وڌيڪ وڌي سگهي ٿو۔

انسان دوست معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته جديد ٽيڪنالاجي غربت گهٽائي به سگهي ٿي ۽ ٽيڪنالاجي انسانيت لاءِ وڏي اميد به آهي۔ مثال طور، آن لائن تعليم غريب ماڻهن تائين علم پهچائي سگهي ٿي۔ جديد زراعت به بک گهٽائي سگهي ٿي، سستي سولر واري توانائي، بجليءَ کان محروم ماڻهن کي فائدو ڏئي سگهي ٿي۔ ڊجيٽل بئنڪنگ غريبن کي مالي نظام سان ڳنڍي سگهي ٿي۔ جيڪڏهن ٽيڪنالاجي انسانيت جي ڀلائي لاءِ استعمال ٿي ته، اها غربت گهٽائڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪندي۔

پر هتي مستقبل جو اصل سوال ٽيڪنالاجي نه، پر انساني سوچ جو آهي۔ جيڪڏهن دولت اڳ جيان مخصوص ماڻهن وٽ رهي، وسيلن تي ساڳين ماڻهن جي مالڪي به قائم رهي ۽ منافعي کي انسانيت تي ترجيح ڏني وئي، ته ٽيڪنالاجي غربت ختم ڪرڻ بدران اڻبرابريء کي وڌائي سگهي ٿي۔ پر جيڪڏهن قومن ۽ نسلن وچ ۾ عالمي تعاون وڌيو، منصفاڻيون معاشي پاليسيون ۽ انساني ڀلائيء کي مرڪز بڻايو ويو ته، شايد پهريون ڀيرو تاريخ ۾ وڏي پيماني تي غربت گهٽجي سگهي ٿي۔ ماضيء جي ڪجهه مفڪرن، اڳ ئي خبردار ڪيو هو، مشينون جيڪڏهن رڳو سرمائيدارن جي هٿ ۾ رهيون ته، مزدور طبقو وڌيڪ ڪمزور ٿيندو۔ جديد مفڪر ۽ انسانيت جو درد رکندڙ معاشي ماهر به ساڳئي نموني خبردار ڪري رهيا آهن انساني رويا ساڳيا رهيا ته آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ آٽوميشن سبب معاشي اڻبرابري وڌي سگهي ٿي۔

بهرحال جيڪڏهن دنيا جي مختلف سماجن اڳواٽ تياري نه ڪئي ته، نتيجي طور ايندڙ ٽيڪنالاجيءَ واري دور ۾ غربت ٻن رستن تي بيٺل نظر ايندي، هڪ رستو انسانيت، برابري، علم ۽ عالمي تعاون ڏانهن ويندو، جتي ٽيڪنالاجي غربت گهٽائي سگهندي۔ ٻيو رستو اڻبرابريء ۽ لالچ ڏانهن وڃي سگهي ٿو، جتي ٽيڪنالاجي صرف اميرن کي وڌيڪ طاقتور بڻائيندي۔ ان ڪري مستقبل جو فيصلو صرف ٽيڪنالاجي نه، پر انسان جو اخلاقي، سياسي ۽ سماجي شعور ڪندو۔ هونئن به ناڻي جي غلط ورڇ انساني تاريخ جي وڏي مسئلن مان هڪ رهي آهي۔ جڏهن دولت، زمين، ڪاروبار ۽ وسيلا چند هٿن ۾ هوندا، تڏهن غربت، ناانصافي ۽ بيچيني وڌي ٿي۔ ان مسئلي جو حل نعريبازي نه، پر مضبوط سماجي، معاشي ۽ اخلاقي نظام سان ممڪن آهي۔

ناڻي جي ايمانداراڻي ورڇ ڪيئن ممڪن ٿي سگهي؟ هڪ ته غربت ۽ دولت جي فرق کي گهٽائڻ ان جو سڀ کان اهم ذريعو آهي، ٻيو ته معياري ۽ برابري واري تعليم ذريعو آهي۔ جڏهن غريب ٻار به سٺي تعليم حاصل ڪندا، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ فني مهارتون سکندا ۽ کين اڳتي وڌڻ جا موقعا ملندا ته ناڻو صرف وراثتي خاندانن تائين محدود نه رهندو۔ مطلب معياري علم کانسواءِ معاشي آزادي مشڪل عمل آهي۔ ٻيو ته ڪرپشن ۽ رشوت جو خاتمو۔ ڇو ته ڪرپشن سبب قومي دولت چند ماڻهن تائين محدود ٿي وڃي ٿي، غريب ماڻهن جا حق ڦرجن ٿا ۽ ترقيءَ جا در بند ٿين ٿا۔ انهيء ڪري شريفاڻيون حڪومتون، آزاد ادارا ۽ مضبوط قانونسازي ۽ ناڻي جي درست ورڇ ضروري عمل آهن۔ ٽيون ته منصفاڻو ٽيڪس نظام، ڪيترن ملڪن ۾ امير طبقو گهٽ ٽيڪس ڏئي ٿو، جڏهن ته غريب طبقو مهانگائيءَ جو سڄو بار کڻي ٿو۔ سٺي نظام ۾ وڏي دولت ۽ وڏن منافعن تي مناسب ٽيڪس ۽ عوامي خدمتن تي خرچ ضروري آهي۔ مثال طور تعليم، صحت ۽ ترقيء جون رٿائون حڪومت جي ذميواري هجن۔

چوٿون قدم معاشي هڪ هٽيء تي ضابطو آڻڻو پوندو۔ جڏهن ڪجهه ملڪ، ڪمپنيون يا خاندان مارڪيٽن، زمينن يا وسيلن تي قبضو ڪن ٿا ته ننڍا ڪاروبار يا عام ماڻهو پوئتي رهجي وڃن ٿا۔ ان لاءِ مقابلي کي هٿي ملي، ننڍن ڪاروبارن جي مدد ٿيڻ گهرجي ۽ وڏين ڪمپنين لاء به جائز قانونسازي ضروري آهي۔حقيقت جي نظر سان ڏٺو وڃي ته دنيا جو وڏو ناڻو هارين، مزدورن ۽ مختلف پورهيتن جي محنت سان پيدا ٿئي ٿو، پر گهڻو فائدو  ناڻي جي سيڙپ ڪندڙن تائين محدود رهي ٿو۔ ان ڪري پورهيتن کي مناسب اجورو، محفوظ ڪم، يونين جا حق، ادارن ۾ سڌارا

معاشي انصاف لاءِ اهم آهن۔ جڏهن ته هڪ ٻيو سڀني ڪمن کان اهم ڪم اهو آهي ته پوري دنيا جون سموريون قومون، نسل، طبقا ۽ ماڻهو پنهنجن ننڍڙن مفادن کي پاسيرو رکي تڪرار ختم ڪن ۽ عالمي امن قائم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته اهو عمل ايندڙ دئور جا سمورا مسئلا جن ۾ غربت به شامل آهي، حل ڪرڻ ۾ مددگار ٿي سگهي ٿو۔

اچو ته دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ لاء هر قوم جو هر فرد پنهنجو ڪردار ادا ڪري۔ اصل ۾ اها سوچ “انٽرنيشنلزم” واري تصور سان ڳنڍيل آهي، جتي انسانيت کي قومي يا طبقاتي مفادن کان مٿانهون سمجهيو وڃي ٿو۔ هتي هڪ ٻي ڳالهه به ڪندا هلون ته ناڻي جي منصفاڻي ورڇ جو مطلب اهو ناهي ته، سڀ ماڻهو هڪجهڙا امير ٿي وڃن، پر ان جو اصل مقصد اهو آهي ته، هر انسان کي عزت سان جيئڻ جو حق ملي، بک ۽ بنيادي محروميون ختم ٿين ۽ محنت جو مناسب ڦل ملي۔ ان لاءِ رڳو معاشي سڌارا نه، پر فڪري، اخلاقي ۽ سياسي تبديلي به ضروري آهي۔ غربت جي پاڙ پٽڻ لاءِ صرف معاشي پاليسيون ڪافي ناهن۔ تاريخ ٻڌائي ٿي ته جيسيتائين انسان جي سوچ، اخلاق ۽ سياسي نظام ۾ تبديلي نه ايندي، ان ڪري فڪري، اخلاقي ۽ سياسي تبديليءَ جا ڪجهه بنيادي مول متا ٺهڻ ضروري آهن۔ هر نظام جو بنيادي اصول اهو هجي ته “انسان دولت کان وڌيڪ اهم آهي.”

هونئن به غربت رڳو ڪنهن هڪ ماڻهو جو نه،  پوري انسانيت جو مسئلو آهي۔ غربت صرف پيٽ جي بک ناهي، پر شعور جي محرومي به آهي۔ اڄ تائين جنگين انسانن جا وسيلا تباهه ڪيا آهن، انڪري جنگ واري عمل کان پاسو ڪرڻ ۾ ئي انسان جي بهتري آهي۔ هڪ ملڪ جي غربت، بک يا جنگ آخرڪار پوري دنيا تي اثر وجهي ٿي۔ ان ڪري مستقبل جو اهم اصول اهو آهي ته “پوري انسانيت هڪ گڏيل خاندان آهي.” هيءَ سوچ “انٽرنيشنلزم” واري تصور سان گهڻي ويجهڙائي رکي ٿي، جتي نسل، مذهب، قوم ۽ سرحدن کان مٿانهون ٿي انسان کي انسان طور ڏٺو وڃي۔ اڄ جڏهن دنيا انٽرنيٽ ذريعي انسان کي هڪٻئي سان ڳنڍي رهي آهي ته ان مان فائدو وٺڻ گهرجي۔ هونئن به غربت جي پاڙ صرف دولت ورهائڻ سان نه، سوچ بدلائڻ، هڪ ٻئي سان انصاف ڪرڻ ۽ انسانيت کي ترجيح ڏيڻ سان پٽبي۔ اصل تبديلي تڏهن ايندي، جڏهن دنيا “طاقت جي سياست” مان نڪري “انسان جي عزت” واري فلسفي ڏانهن وڌندي۔

_________________

Hameed Mangi-TheAsiaN

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچيءَ جو سرگرم رڪن آهي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button