ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ عبدالواحد آريسر: سنڌ جي آدرشوادي سياست جا ڪردار
۲۰ صدي ڪميونسٽ انقلابن ۽ قومي آزادي جي تحريڪن جي صدي ھئي جنھن لکين ڪروڙين آدرشوادي انسانن کي جنم ڏنو جن پنھنجا ذاتي سک ء عيش عشرتون قربان ڪري انسانذات جي اجتماعي ڏک ۽ پنهنجي قوم ۽ ديس جي درد کي پنهنجي دلين ۾ سمويو ۽ سموري حياتي ان درد جو دارون بڻيا. بلاشڪ اسان لاءِ ۲۰ صدي ‘انسان سڀ برابر آهن’ جھڙن عظيم آدرشن ۽ قومي آزادي جي عظيم الشان تحريڪن جي صدي رھي آھي جنھن ۾ اسان پنهنجو نور نچويو آھي.

۲۱ صدي جي نئين آدرشوادي سياست جو ميدان اڃان ھاڻ تيار ٿي رھيو آھي. ۲۱ صدي جي انقلابين ۽ آدرشوادي سياست جي علمبردارن کي ۲۰ صدي جي انقلابي ۽ آدرشوادي انسانن ۽ تحريڪن جي گڻن اوگڻن، ڪاميابين ناڪامين مان سکي اڳتي وڌڻو آهي ۽ پنهنجي واٽ پاڻ جوڙڻي آھي.
جڳديش آهوجا
۳ مئي ۱۹۲۰ع ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جو جنم ڏينهن ۽ ۳ مئي ۲۰۱۵ع عبدالواحد آريسر جي لاڏاڻي جو ڏينھن ھو.
ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻيءَ ۹۴ سالن جي ڄمار ماڻي ۸ ڊسمبر ۲۰۱۴ع تي پنهنجي زندگيءَ جو سفر پورو ڪيو. جڏھن تہ عبدالواحد آريسر 65 سالن جي حياتي ماڻي. سندس جنم ڏينهن ۱۱ آڪٽوبر ۱۹۴۹ع آھي.
۲۰ صدي ڪميونسٽ انقلابن ۽ قومي آزادي جي تحريڪن جي صدي ھئي جنھن لکين ڪروڙين آدرشوادي انسانن کي جنم ڏنو جن پنھنجا ذاتي سک ء عيش عشرتون قربان ڪري انسانذات جي اجتماعي ڏک ۽ پنهنجي قوم ۽ ديس جي درد کي پنهنجي دلين ۾ سمويو ۽ سموري حياتي ان درد جو دارون بڻيا. بلاشڪ اسان لاءِ ۲۰ صدي ‘انسان سڀ برابر آهن’ جھڙن عظيم آدرشن ۽ قومي آزادي جي عظيم الشان تحريڪن جي صدي رھي آھي جنھن ۾ اسان پنهنجو نور نچويو آھي.
۱۸۴۳ع ۾ مياڻي جي ميدان تي مات کائي سنڌ برطانوي سلطنت جي غلامي ھيٺ اچي پنهنجي آزاد رياستي حيثيت وڃائي ويٺي ۽ ۲۰ صدي جي ٻئي ڏھاڪي تائين سنڌ انساني تاريخ جو وساريل ورق ٿي وئي جيڪا پنهنجي سياسي شناخت بہ وڃائي برٽش انڊيا جي بمبئي پريزيڊنسي جو حصو ٿي وئي هئي جڏھن تہ ھند جي ھاڪ ھرھنڌ ھئي.
۱۹۲۲ع ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جي بنگالي آفيسر رکل داس بئنرجي جيڪو آر ڊي بئنرجي جي نالي سان مشهور ٿيو تنھن موھن جي دڙي جا آثار ڳولي لڌا جن جي وڌيڪ کوٽائي ايم ايس وئتس، ڪي اين ڊڪشٽ ۽ ارنيسٽ ميڪي ڪئي. ۱۹۲۴ع ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جي ڊائريڪٽر جنرل سر جان مارشل جڏھن موھن جي دڙي ۾ دفن ٿيل ھڪ عاليشان شھر جا منظر دنيا آڏو آندا تہ سڄي دنيا دنگ رھجي وئي ۽ ھند بہ سنڌ تي ناز ڪرڻ لڳي.

موھن جي دڙي جي ڀرسان ٻنڊي ڳوٺ ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جنم ورتو ۽ جڏھن ۱۹۳۹ع ۾ سونار بنگال جي ڌرتيءَ تي رابندر ناٿ ٽيگور جي جوڙيل آدرشوادي يونيورسٽي وشوا ڀارتي يونيورسٽي جيڪا سڄي دنيا ۾ شانتي نڪيتن جي نالي سان مشهور ٿي، اتي داخلا وٺي ٽئگور سان مليو تہ ٽئگور کيس نئين شناخت ڏني: Man from Mohen jo Daro موھن جي دڙي جو ماڻھو.
ٽئگور سندس سادگي، سچائي ۽ علم حاصل ڪرڻ جي تانگھ کان ايترو متاثر ٿيو جو ھن کيس پنهنجي ذاتي لئبرري تائين بہ رسائي ڏني. گرديو ٽئگور ۽ شانتي نڪيتن ذريعي ڪامريڊ سوڀي کي سنڌ جي عظمت جي نشان واري شناخت سان گڏ انسان دوستي، برابري ۽ سماجي انصاف جي شعور جي آگاھي بہ ملي. شانتي نڪيتن کان ٻنڊي جو شاگرد جڏھن سنڌ موٽيو تہ ھو ساميوادي انقلابي بڻجي سنڌ جي انقلابي سياست جو روشن ستارو ٿي اڀريو. ھن سنڌ ۾ اين جي وي اسڪول، ڊي جي ڪاليج ۽ ايس سي شاھاڻي لا ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪئي. حشو ڪيولراماڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ گوبند مالهي سان گڏجي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا بنياد رکيا ۽ 1946ع ۾ نيوي جي بغاوت ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. ۱۹۴۷ع جي ورھاڱي وارن فسادن ۾ سائين جي ايم سيد سندس حياتيءَ لاءِ ايترو فڪر مند ٿيو جو کيس مجبوري جي حالت ۾ ھند ڏانھن لڏڻ جو مشورو ڏنو پر ڪامريڊ سنڌ ڇڏڻ لاءِ تيار نہ ٿيو.
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ ۽ سنڌ جي نئين ڦندي ۾ ڦاسڻ کانپوءِ سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ائين پاڻ ملھايو جو اڄ اسين کين ائين ئي ويھين صديءَ جي سنڌ جي آدرشوادي سياست جي ٽمورتي سمجھون ٿا جيئن لطيف، سچل ۽ ساميءَ کي سنڌي شاعري جي ٽمورتي طور سڃاڻون ٿا.
سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي رھنمائي ۾ سنڌ ۾ قومي ۽ طبقاتي شعور ۽ جدوجھد جي جيڪا لاٽ روشن ٿئي ٿي تنھن ۾ سکيا ۽ پالنا ٿئي ٿي اسان جي نسل جي آدرشوادي سياست جي، جنھن منجھان پچي راس ٿئي ٿو مولوي عبدالواحد آريسر.

ٿر جي صحرائي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ عبدالواحد آريسر عمرڪوٽ جي ڳوٺ واھوڙي ۾ جنم وٺي پرائمري اسڪول صاڀو، ڀينڊو شريف, مدرسہ ھاشميہ سجاول، مدرسہ مفتاح حيدرآباد، شاھ ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد ۽ اورينٽل ڪاليج حيدرآباد مان فارغ ال تحصيل ٿي مدرسي جو مولوي ٿئي ٿو پر جڏھن سائين جي سيم سيد جي ڪتابن جو مطالعو ڪري ٿو تہ اھا واٽ ڇڏي سنڌ جي عشق جي پنڌ جو پانڌيئڙو ٿئي ٿو. ھو جڏھن اسٽيج تي اچي ٿو تہ سندس لفظن جي جادو سان سڄو مانڊاڻ منڊجي وڃي ٿو. جڏھن سندس ٻہ ڪتاب ‘پرھ جو پيغام’ ۽ ‘صدين جون صدائون’ منظر تي اچن ٿا تہ ھر نئين پڙھندڙ کي آدرشوادي سياست سان روشناس ڪرائڻ ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ سان عملي طور سلھاڙڻ لاءِ سياسي نصاب جا ڪتاب بڻجي وڃن ٿا. ھو جڏھن فرانز فينن جي ڪتاب Wrenched of Earth جو سنڌي ترجمو ڪري ‘مٽي ھاڻا ماڻھو’ منظر تي آڻي ٿو تہ چوٿين دنيا جي مفڪر طور سڃاتو وڃي ٿو. ھو سنڌ سان گڏ سڄي دنيا جي غلام قومن کي چوٿين دنيا قرار ڏئي سندن آزاديءَ جي جدوجھد کي انسانذات جي آزاديءَ لاءِ اڻٽر قرار ڏئي ٿو.
۽ پوء دور بدلجي ٿو.
۱۹۸۰ع جي ڏھاڪي ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ ان جو ھر اول دستو جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ جيئي سنڌ محاذ ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿين ٿا ۽ عبدالواحد آريسر مايوسي ۽ اميد جي ٻہ واٽي تي بيھي فرسٽريشن جو شڪار ٿئي ٿو. ساڳي ڪار عوامي تحريڪ، سنڌ وطن دوست انقلابي پارٽي، سنڌ دوست انقلابي پارٽي ۽ کاٻي ڌر جي پارٽين سان بہ ٿئي ٿي.
۱۹۹۱ع ۾ سويت يونين جي ٽٽڻ ۽ بين الاقوامي ڪميونسٽ بلاڪ ۽ تحريڪ جي زوال سان آدرشوادي سياست جي دور جي سڄي دنيا ۾ پڄاڻي ٿئي ٿي ۽ ان دور جي عڪاسي ڪري ٿو آڪاش انصاري: اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا.
سڄي دنيا جا انقلابي ۽ آدرشوادي ھڪ ڀيانڪ زلزلي جو شڪار ٿيا، سندن پيرن ھيٺان زمين نڪري وئي ۽ اڪثريت جو ويساھ ئي کڄي ويو آدرشوادي سياست تان. جنھن ٿورائي وٽ آدرش رھيا تن کان انھن آدرشن کي ماڻڻ جي واٽ گم ٿي وئي ۽ بس ايمان ۽ ويساھ جي رسي کي مضبوطي سان پڪڙي پاڻ سنڀاليندا رھيا. بس ڪي سنڀليا ڪي غرق ٿيا.
۽ اڄ نئين دنيا جي نئين سفر جا سانباھا آھن.
۲۱ صدي جي نئين آدرشوادي سياست جو ميدان اڃان ھاڻ تيار ٿي رھيو آھي. ۲۱ صدي جي انقلابين ۽ آدرشوادي سياست جي علمبردارن کي ۲۰ صدي جي انقلابي ۽ آدرشوادي انسانن ۽ تحريڪن جي گڻن اوگڻن، ڪاميابين ناڪامين مان سکي اڳتي وڌڻو آهي ۽ پنهنجي واٽ پاڻ جوڙڻي آھي.
ماضيءَ ۾ جيئڻ موت آھي ۽ ماضيءَ کان سکي حال ۽ مسقبل جون نيون راھون روشن ڪرڻ نئين زندگيءَ جي علامت.
______________________

جڳديش آهوجا ڪراچي، سنڌ ۾ رھي ٿو. لاڙڪاڻو سندس جنم ڀومي آھي. ھُو سياست، تاريخ، بين الاقوامي تعلقات ۽ فلسفي جو شاگرد ھجڻ سان گڏ ڪالم نگار ۽ ڪجھ ڪتابن جو ليکڪ، سنڌو واس فائونڊيشن جو باني صدر ۽ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جو اڳواڻ آھي. ھُن برٽش ڪمپني Pinch Media پاران سنڌ ۽ سنڌي ڪميونٽي تي ٺاھيل دستاويزي فلم ‘اڃان بہ قائم’ Still Standing ۾ مک ڪردار ادا ڪيو.



