سنڌ ۾ 250 سال اڳ اردو شاعريءَ جي شروعات ٿي
سنڌ جا انھيءَ دور جا ڪلھوڙا ۽ ٽالپر حڪمران پاڻ به اردوءَ ۾ شعر چوندا هئا

تحرير: الطاف صديقي
سنڌ ۾ ڪلهوڙا دور کان ئي شاعريءَ جي صنف ۾ اردو زبان جو استعمال نظر اچي ٿو. حيدرآباد شهر جي باني ۽ سنڌ جي حڪمران غلام شاهه ڪلهوڙو جي وفات کانپوءِ 1772ع ۾ سندس جوان سال پٽ ميان سرفراز خان ڪلهوڙو کي سنڌ جو حاڪم بڻايو ويو. هي نوجوان حاڪم علم ۽ ادب جو بيحد شوقين هو ۽ پاڻ به فارسي، سنڌي ۽ اردو ۾ شعر چوندو هو. سندس هڪ اردو شعر ڪجهه هن ريت آهي:
ارے بلبل کسے پر ، باندھتی ھو آشیان اپنا ،
نہ گل اپنا نہ باغ اپنا ، نہ لطف باغ اپنا۔
ميان سرفراز ڪلهوڙو جي فارسي ڪلام جو مجموعو “ڪلياتِ سرفراز” جي نالي سان موجود آهي.

ڪلهوڙن کانپوءِ جڏهن مير صاحبن جو دورِ حڪومت آيو ته سنڌ جي حاڪم مير مراد علي خان جو دور (1823ع کان 1833ع تائين) علمي حوالي سان گهڻو نمايان رهيو. مير صاحب به علم ۽ ادب جا قدردان هئا ۽ سندن درٻار ۾ شاعرن جي اچ وڃ لڳي رهندي هئي. مير مراد علي خان جي هڪ اردو غزل جا چند شعر هي آهن:
مجھ پر جو ہے احسانِ گراں بار صنم کا،
میں کیا کہوں ہوں میں تو خریدار صنم کا۔
نکلا جو کبھی مہرِ مبیں ابرِ سیاہ سے،
یاد آیا مجھے چہرہِ گلنار صنم کا۔
کیا سرو کو نسبت قدِ موزوں سے کوئی دے،
وہ خود ہی ہے گرویدہِ رفتار صنم کا۔
ہے عرض “علی” تیرے سرکار میں مولا،
اب دکھاؤ جلدی مجھے دیدارِ صنم مولا۔
(حوالو: سنڌ جي تاريخ مير ۽ ٽالپر دور، مصنفہ: قمر جہاں مرزا، صفحو 102)

مير مراد علي خان ٽالپر جي فرزند ۽ سنڌ جي آخري تاجدار حڪمران مير نصير محمد خان (تخلص: جعفري) پڻ فارسي سان گڏ اردو ۾ شاعري ڪئي آهي. سندن شاعريءَ جو ديوان “ديوانِ جعفري” جي نالي سان مشهور آهي، جنهن کي مرزا عباس علي بيگ ترتيب ڏنو آهي. سندن هڪ غزل جا ڪجهه شعر هي آهن:
زلفوں کو ہٹا کر رخِ انوار کو دکھایا،
میں سمجھا کہ مہتاب گہن سے نکل آیا۔
ساڳئي غزل جو هڪ ٻيو شعر:
بے اذن جو بوسہ لیا لعلِ لبِ جاناں کا،
برہم ہوا اور یار نے منہ مجھ سے پھرایا۔
(حوالو: ديوانِ جعفري، صفحو 19)
سندن ٻيا ٻه ديوان فارسيءَ ۾ پڻ آهن: “قصائدِ جعفري” (1815ع) ۽ “ديوانِ جعفري” (1818ع). قيد دوران مير صاحب جي اردو جي مشهور مرثيه گو شاعر مير انيس، سندن ڀاءُ مير مونس ۽ سندن والد مير مستحسن سان صحبت رهي.
انهن کان علاوه مير عبدالحسين سانگي، جيڪي مير نصير خان جا پٽ هئا، انهن به سنڌي ۽ فارسيءَ سان گڏ اردو ۾ شاعري ڪئي. سندن هڪ شعر هي آهي:
کب مجھے ضرورت مسجد کی رہے گی کہ خدا،
آبروئے یار محرابِ دعا کردے گا۔
کیا ضرورت ہے چراغوں کی اگر یار آیا،
رخِ پرنور سے اس گھر میں ضیا کردے گا۔
(حوالو: سخنورانِ حيدرآباد، حصو اول، عشرت علي خان، صفحو 13)
سنڌ جي پهرين مير حاڪم مير فتح علي خان جي شهزادي مير صوبدار خان به فارسيءَ سان گڏ اردو ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس غزل جا چند شعر:
اے دل ہیں سنی تونے اخبارِ محبت،
کیوں تجھ کو یاد آگیا ہے آزارِ محبت۔
کیوں آیا نہ اب تک وہ کوئی اس سے پوچھے،
ہے اب تو کوئی دم کا یہ بیمارِ محبت۔
شیریں سخنی ختم ہوئی تیرے لبوں پر،
بے مثل ہیں یہ لعلِ شکر بارِ محبت۔
شاهي خاندان مان هز هائينس مير محمد حسين علي خان (ابن مير نور محمد خان) به اردو ۾ شعر چيا آهن:
برقع کھلا جو اس رخِ زیبائے یار کا،
مطلع تو صاف ہوگیا صبحِ بہار کا۔

سندن ڪلام “ديوانِ حسين” ۽ “سنجِ فغان” جي نالي سان شايع ٿيل آهي. ان کان علاوه مرزا بڍل بيگ، نواب ولي محمد لغاريءَ جي پوٽي فقير ولي محمد خان، ۽ شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ پڻ اردو ۾ شاعري ڪئي آهي. قليچ بيگ جو هڪ شعر:
تیرے عشق کو میں سدا چاہتا ہوں،
محبت میں تیری جا بجا چاہتا ہوں۔
سيد غلام محمد شاهه “گدا” (وفات: 11 جنوري 1905ع) پڻ اردو جا شاعر هئا:
تیرے بیمارِ محبت میں رہی ہے نہ رمق،
آئیے آئیے یہ وقتِ مسیحائی ہے۔
ان کان علاوه شيخ ابراهيم خليل جو شمار به نامور شاعرن ۾ ٿئي ٿو. ورهاڱي کانپوءِ حيدرآباد ۾ اردو جا ڪيترائي وڏا نالا سامهون آيا، جن جي مادري زبان توڙي مارواڙي، راجسٿاني، گجراتي، هريانوي يا دڪني هئي، پر هنن اردوءَ کي سيني سان لڳايو. انهن ۾:
قابل اجميري (1931-1962): “بہت کام لینے دردِ جگر سے، کہیں زندگی کو قرار نہ آجائے۔”
حمایت علي شاعر 1926-2019
محسن بھوپالي 1932-2007
عشرت علي خان (پيدائش: 24 جولائي 1951ع): “کوئی تو ہے جو ایسا کمال کرتا ہے، دلوں کے بھید دلوں میں سنبھال رکھتا ہے۔”
ٻين اهم نالن ۾ درد اسعدي، بابو رفيق ريواڙي، ڊاڪٽر الياس عشقي، اختر انصاري اڪبرآبادي، فهميده رياض، بينش سليمي، واجد سعيد پوري، ارتضيٰ عزمي، جبريل صديقي، قاصد عزيز، قمر القادري، رعنا ناهيد رعنا، وحيد پيامي، قمر آرزو، حنا جعفري، معراج صديقي، ناديه نقوي ۽ عمران اويسي وغيره شامل آهن.
______________
الطاف صديقي رٽائرڊ بينڪر آھي.



