Editor's pickMain Slideاولھ ايشياڪالم

دائمي جنگ جو نظريو… وهم ۽ گمان جون بنيادي ڏندڪٿائون

جنگين جو جواز پيش ڪندڙ نظرياتي پروپئگنڊا اڪثر اهڙن قصن تي ٻڌل هوندي آهي جيڪي تشدد کي قانوني حيثيت ڏين ٿا. اهي داستان، جن تي اهڙيون طاقتون ۽ دنيا ۾ موجود سندن پوئلڳ ڀاڙين ٿا، تڪرار کي هڪ نظرياتي فريم ورڪ ۾ بند ڪري ڇڏين ٿا.

غزہ جو تباھ ٿيل علائقو

ڪامل زيب، ڪالم نگار

مناما: جيڪو به ماڻهو ان نظرياتي پروپئگنڊا جو جائزو وٺندو، جيڪا جنگين، جارحيت، منظم قتل عام، ۽ ٻين جي ڌرتيءَ تي زبردستي قبضي جو جواز پيش ڪري ٿي، تہ مٿس اهو ظاهر ٿيندو ته ان جو وڏو حصو اهڙين ڏندڪٿائن ۽ قصن تي ٻڌل آهي جيڪي تشدد ۽ ٻين جي ڌرتيءَ تي دخل اندازيءَ کي نه صرف قائم ڪن ٿا پر انهن کي جائز پڻ قرار ڏين ٿا.

جيتوڻيڪ انهن داستانن جا تاريخي بنياد مختلف ٿي سگهن ٿا، پر اهي پنهنجي نظرئي، اثرن ۽ نتيجن ۾ هڪ هنڌ اچي ملن ٿا. تاريخ اسان کي بي رحم جنگين، مهمن، مڪمل طور ختم ڪرڻ، ويڙه ۽ جهادن بابت ٻڌائي ٿي، جيڪي سڀ اهڙن ئي قصن ۽ بيانن تي ٻڌل آهن. اهي اڪثر ڪري انهن ڏند ڪٿائن يا افسانن تي ٻڌل هوندا آهن جيڪي وهم پيدا ڪن ٿا ۽ عقل توڙي تاريخي حقيقتن جي نفي ڪن ٿا. انهن جاري جهيڙن جا ڪجهه اهم بنياد هي آهن:

پهريون: “مقدس جنگين” جو نعرو، جيڪو عوام کي متحرڪ ڪرڻ ۽ وڙهندڙن جي مرڻ گهڙيءَ تائين وفاداري حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. هي نعرو انصاف ۽ سهپ تي ٻڌل پائيدار امن جي هر موقعي کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي. ان لاءِ هڪ اهڙو “مطلق دشمن” پيدا ڪرڻ ضروري هوندو آهي، جنهن جي وجود کان سواءِ پنهنجي وجود کي بي معنيٰ سمجهيو وڃي.

جيڪڏهن ڪو ٻاهريون دشمن موجود نه هجي، ته پوءِ پنهنجي ئي گروهه جي اندر مان هڪ “اندروني دشمن” تخليق ڪيو ويندو آهي. اهڙي طرح، دائمي جنگ جو نظريو هڪ وجودي مقصد بڻجي وڃي ٿو، جتي ٻيءَ ڌُر کي “شيطان” يا خالص شر طور ڏٺو ويندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن به سياسي حل کي مقدس مقصد سان غداري قرار ڏنو ويندو آهي.

ٻيون: هڪ مرڪزي افساني يا وهم جي اڏاوت. جنگيون انهن خيالي خوفن ۽ گهڙيل قصن تي پلجن ٿيون جيڪي اجتماعي شعور ۾ گهر ڪري ويا هجن. اهي جنگ کي هڪ اهڙو اٽل مقدر بڻائي پيش ڪن ٿيون جنهن کان فرار ممڪن ناهي، ۽ امن جي هر ڳالهه کي بيوقوفي قرار ڏنو وڃي ٿو.

ٽيون: ماضيءَ جي جهيڙن جو حوالو ڏيڻ ۽ انهن کي حال تي مڙهڻ، جنهن سان ايئن لڳندو آهي ڄڻ حال ماضيءَ جو ئي هڪ ورجاءُ آهي. هي عمل امن، گڏجي رهڻ ۽ خوشحاليءَ لاءِ ضروري استحڪام جي هر رستي ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿو.

چوٿون: “دنيا جي پڄاڻي” (قيامت) واري تصور تي ڀاڙڻ، جتي ويڙهه کي رڳو دنياوي مقصدن جي حاصلات جو ذريعو نه، پر هڪ مقدس فرض سمجهيو ويندو آهي. اهو يقين ڏياريو ويندو آهي ته هي جنگ آخري دور جي انهن “نجات جي جنگين” لاءِ رستو هموار ڪري رهي آهي جيڪي اڳڪٿين جي پورائيءَ کان اڳ ٿيڻيون آهن. هي تصور جنگ جي اڻٽر هجڻ واري خيال کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو، جتي “دائمي جنگ” کي “فوجي بقا کان اڳ روحاني بقا” جي حڪمت عملي طور استعمال ڪيو وڃي ٿو.

اهي داستان، جن تي اهڙيون طاقتون ۽ دنيا ۾ موجود سندن پوئلڳ ڀاڙين ٿا، تڪرار کي هڪ نظرياتي فريم ورڪ ۾ بند ڪري ڇڏين ٿا. اهي سياسي تڪرار کي مذهبي تڪرار ۾ تبديل ڪري ڇڏين ٿا، جتي مذهبي متن يا قصن جو سهارو وٺي جنگين کي خدا جو حڪم ۽ خير توڙي شر جي وچ ۾ هڪ عالمي معرڪي طور پيش ڪيو ويندو آهي.

اهڙي سوچ ۽ نقطئہ نظر جي موجودگيءَ ۾، امن ۽ گڏجي رهڻ ناممڪن بڻجي ويندو آهي.

___________

ڏکڻ ڪوريا جي خابرو اداري The asiaN جي انگريزي سروس جي ٿورن سان . ترجمو: جيمناءِ

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button