اھڙي منھنجي سنڌ آ: انڊس ھاءِ وي تي ريڙھو ھڻي روزِي ڪمائيندڙ سردار گووندا سنگھ
نصيرآباد شھر جو رھواسي سردار گووندا سنگھ روزانو ڳوٺ ٿرڙي ھاشم جي آبادگارن کان ھنداڻا ۽ گدرا خريد ڪري بس اسٽاپ تي ريڙھو ھڻي وڪرو ڪندو آھي

فرحان تُنيو
ڪراچي واپسي لاءِ سفر جو سامان (هڙ) ٻڌي جيئن ئي مين انڊس هاءِ وي تي واقع پنهنجي ڳوٺ ٿرڙي هاشم جي اسٽاپ تي پهتس، ته ڏٺم ته ڪوچ جي اچڻ ۾ اڃا ٿورو وقت باقي آهي۔ هيڏانهن هوڏانه نظر ڊوڙائي رهيو هئس ته هڪ اوپرو آواز ڪنن تي پيم: “سائين، اچو هتي ويهو”۔ مون مڙي ڏٺو ته هڪ تمام صاف سٿرو نوجوان ريڙهي لڳائي سڪون ۽ اطمينان سان ويٺو هو۔ مان وٽس ويس، هن ڀرسان پيل پلاسٽڪ جي ڪرسي تي ويهاريو.
منهنجي پڇڻ تي ٻڌايائين: “مان سِک آهيان ۽ منهنجو نالو گووندا سنگھ آهي، نصيرآباد شهر جو رهواسي آهيان، توهان جي ڳوٺ ٿرڙي هاشم جي زمين ڏاڍي زرخيز آهي، هنداڻا، گدرا، ونگيون وغيره هتان جي هارين کان وٺي هتي ئي ريڙھي تي رکي وڪرو ڪندو آهيان۔”
مون کيس مخاطب ٿيندي چيو ته: ” اها ته تمام بهترين ڳالهه آهي، پنهنجي محنت سان پنهنجو ڪاروبار هلائي رهيا آهيو، پر توهان سِک هئڻ باوجود روايتي پڳ ڇو نه ٻڌي آهي؟”
وراڻيائين: “اها پڳ اسان جا وڏا بزرگ ٻڌن ٿا، مان ان کان آزاد آهيان،هتي سڪون سان ويهي پنھنجي روزي ڪمائي رهيو آهيان، هزار پندرهن سئو تائين ڏهاڙي ڪمائي ٿي وڃي ٿي. ” بس پوء ته سنڌ ڌرتي جا ٻه اصلوڪا رهواسي هڪٻئي سان ڳالھين ۾ جنبي وياسين ۽ روزگار جي موقعن کان ويندي ماڻھن جي روين تائين ڳالھيون ڪيوسين.
سنڌي سِک گووندا سنگھ سان ڳالهيون ڪندي منهنجو ذهن اسان جي پٺيان صدين کان قائم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٿرڙي هاشم (اڳوڻو ضلعو لاڙڪاڻو، 2004 کان قمبر) ڏانهن هليو ويو، جتي هندستان جي ورهاڱي کان اڳ اڌ آبادي مقامي سنڌي هندن تي مشتمل هئي، جيڪي ڳوٺ جو ڪاروبار بهترين نموني سنڀاليندا هئا، سندن ئي ڪوششن سال اٽڪل ڏيڌ صدي اڳ يعني 1893 ڌاري سرڪاري پرائمري اسڪول قائم ٿيو، جنھن سان هن ڳوٺ ۾ شعور جي شروعات ٿي ۽ اڄ سوڌو اها لاٽ ٻرندي نظر اچي ٿي. بهرحال پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هن ڳوٺ جا سمورا هندو هميشه لاء هندستان لڏي ويا، جنهن بعد نه رهيو اهو ڪاروبار نه وڻج واپار، 80 ورهيه وهامي وڃڻ بعد هاڻي گووندا جهڙن نوجوانن کان شايد فطرت اهو خال ڀرائي رهي آهي. هاڻي اسان جي ڳوٺ ۾ ڪوبه هندو ڪٽنب موجود نه آهي، سئو سيڪڙو مسلمان رهن ٿا ۽ ديوبند جماعت جي پوئلڳن جي اڪثريت آهي، پر تنهن هوندي به هڪ سِک ڌرم جو پيروڪار مڪمل اعتماد ۽ بنا ڪنهن ڍپ جي پنهنجو ڪاروبار ڪري رهيو آهي،ڇو؟
ڇو ته هو ڄاڻي ٿو، کيس سئو سيڪڙو يقين آهي ته هيء سنڌ ڌرتي آهي، جنهن جي هزارين ورهين جي تاريخ انسانيت جي احترام، عزت ۽ امن تي ٻڌل آهي.جتي سچل سرمست، روحل فقير، شيخ اياز جون سيڪيولر صدائون اڄ به فضائن ۾ گونجنديون رهن ٿيون۔ جتي اڄ به هندو، مسلمان، سِک جي سڃاڻپ کان مٿانهون ٿي سڀ کان پهرين انسان ۽ انسانيت کي ترجيح ڏني وڃي ٿي.
گووندا سنگھ سان ڳالهيون جاري هيون ته نيٺ ڪراچي واري گاڏي به اچي پهتي ۽ پوء پاڻ به “صبح سفر اور شام سفر، اس دنيا کا ہے نام سفر” جي فلسفي تحت پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿياسين۔۔۔!!
____________
فرحان تنيو ڪراچيءَ ۾ صحافي آھي



