ويلنٽائين ڊَي: ڇا داستان عشق جو عالمِ سياست سان ڪو تعلق ناھي؟
پنھنجي ديس سان پيار، پنھنجي ڌرتيءَ سان پيار، پنھنجي ٻوليءَ سان پيار، انسانذات سان پيار، مخلوق ڪائنات سان پيار ڇا داستان عشق جا قصا ناھن؟ بس ھڪ انسان جو ٻئي انسان سان پيار جو قصو ئي داستان عشق آھي؟
جگديش آھوجا
“ڀلا، عشق ۽ سياست جو پاڻ ۾ ڪھڙو ناتو؟” چون ٿا تہ سياست جي سيني ۾ دل نہ ھوندي آھي
۽ عشق تہ آھي ئي دلين جو ناتو!
پوءِ ھي ڇاھي جو چون ٿا تہ جي ايم سيد جي سڀ کان وڏي شناخت ئي آھي، ‘سنڌ جو عاشق’!

ھي پنھنجي ديس سان پيار، پنھنجي ڌرتيءَ سان پيار، پنھنجي ٻوليءَ سان پيار، انسانذات سان پيار، مخلوق ڪائنات سان پيار ڇا داستان عشق جا قصا ناھن؟ بس ھڪ انسان جو ٻئي انسان سان پيار جو قصو ئي داستان عشق آھي؟
۽ ڇا داستان عشق جو عالمِ سياست سان ڪو تعلق ناھي؟
۽ جي آھي تہ عاشقن جي عالم سياست کان ايڏي دوري ڇو؟
جڏھن تہ ھر عشق جي ابتدا، ھر عشق جي سفر ۽ ھر عشق جي انجام جو ھر قدم تي سياست ۽ سماج سان گھرو ڳانڍاپو ۽ ٽڪراء بہ سدائين رھي ٿو.
اچو تہ اڄ پيار جي ڏينھن تي، ويلنٽائن ڊي تي ان تي سوچيون!
جنھن سياست جي سيني ۾ دل ناھي ھوندي، اھا چاھي ٿي تہ اوھان پنھنجي ذاتي عشق جي طلسم ۽ عشق جي ڏيکاءَ ۾ ايئن گم ٿي وڃو جو باقي دنيا تي اوھان سوچڻ جي سگھ کان ئي محروم ٿي وڃو.
پر جنھن سياست جي سيني ۾ دل ھوندي آھي اھا سياست، اھا دل عشق سان سرشار ھوندي آھي، اھا دل ذات سان گڏوگڏ انسانذات سان بہ پيار ڪندي آھي.
نہ تہ ڀلا ھڪ پادري سينٽ ويلنٽائن ڪنھن جي پيار ۾ موت کي گلي لڳايو؟ نہ تہ ڀلا اسان اڄ ويلنٽائن جي پيار جي ڀيٽا کي ان کان بنھ اڻواقف ھوندي بہ ايڏو مان ۽ پيار ڇو ڏئي رھيا آھيون؟
مون چئٽ جي پي ٽي کان پڇيو:
ويلنٽائن جو اصل تاريخي داستان ٻڌايو، ۽ اھو بہ ٻڌايو تہ ويلنٽائن ڊي ملھائڻ جي روايت ڪيئن ۽ ڪڏھن کان پئي؟
جواب مليو:
‘ويلنٽائن ڊي جو تعلق قديم رومي دور سان ڳنڍيل آهي. هن ڏينهن جو نالو هڪ عيسائي بزرگ Saint Valentine (سِينٽ ويلنٽائن) جي نالي سان منسوب آهي، جيڪو ٽئين صدي عيسويءَ ۾ Claudius II جي دور ۾ رهندو هو.
روايت موجب روم جو حڪمران ڪلاڊيس ٻيو سمجهندو هو ته اڪيلا مرد سٺا سپاهي بڻجن ٿا، تنهنڪري هن نوجوانن جي شاديءَ تي پابندي ھڻي ڇڏي. پر سِينٽ ويلنٽائن ڳجهي نموني نوجوان جوڙن جا نڪاح ڪرائيندو رهيو. جڏهن اها ڳالهه ظاهر ٿي تہ کيس قيد ڪري 14 فيبروري تي موت جي سزا ڏني وئي (تقريباً 269ع ۾).
هڪ ٻي روايت موجب، ويلنٽائن قيد دوران جيلر جي ڌيءَ کي هڪ خط لکيو، جنهن جي آخر ۾ لفظ لکيا:
“From your Valentine”
جيڪي پوءِ محبت جي علامت بڻجي ويا!
ويلنٽائن ڊي کان اڳ رومن سلطنت ۾ فيبروري جي وچ ڌاري هڪ ميلو ملهايو ويندو هو جنهن کي Lupercalia چيو ويندو هو.
هي ميلو زرخيزِي ۽ بهار جي آمد سان لاڳاپيل هو. بعد ۾ عيسائي چرچ هن ميلي کي ختم ڪري، ان جي جاءِ تي 14 فيبروري کي سِينٽ ويلنٽائن جي يادگار ڏينهن طور مقرر ڪيو.
چوڏهين صديءَ ۾ انگريز شاعر Geoffrey Chaucerپنهنجي شاعريءَ ۾ 14 فيبروري کي عاشقن جو ڏينهن قرار ڏنو. هن کان پوءِ يورپ ۾ هن ڏينهن تي محبت جا خط ۽ پيغام موڪلڻ جي روايت پئي.
18هين ۽ 19هين صديءَ ۾ برطانيا ۽ آمريڪا ۾ هٿ سان ٺاهيل ڪارڊ موڪلڻ شروع ٿيا.
اڄ ويلنٽائن ڊي خاص طور تي آمريڪا ۽ يورپ ۾ وڏي پيماني تي ملهايو وڃي ٿو، جتي گلن (خاص ڪري ڳاڙها گلاب)، ڪارڊ، چاڪليٽ ۽ تحفا ڏيڻ عام رواج آهي.
پاڪستان ۽ ڀارت سميت برصغير ۾ ويلنٽائن ڊي 1990ع کانپوءِ ميڊيا ۽ گلوبلائيزيشن ذريعي مشهور ٿيو. هتي هن ڏينهن تي مختلف سماجي ۽ مذهبي بحث بہ ٿيندا رهن ٿا.’
ھا، ھتي ڪي مذھبي حلقا ۽ مشرقي قدرن جا علمبردار ويلنٽائن ڊي کي غير اسلامي ۽ مغربي ڪلچر جي بي حيائي سان تعبير ڪن ٿا ۽ انھن کي رياستي سياست جي پٺڀرائي بہ حاصل ھوندي آھي.
پر پيار ڪندڙ دليون ان سڀ کان بي پرواهہ پنهنجي ڪرت ۾ مشغول ھونديون آھن.
اچو ڪجھ گھڙيون ان بي پرواھي کان پاسيرو ٿي پنهنجي پيار جي انجام تي، سينٽ ويلنٽائن جي انجام تي سوچيون!
ڀلا سينٽ ويلنٽائن ڇا غلط ڪيو ھو؟ ڪنھن جو ڪھڙو ڏوھ ڪيو ھو، جو ان کي موت جي سزا ڏني وئي؟
ھن ان سياست کي چئلينج ڪيو ھو جنھن جي سيني ۾ دل ناھي ھوندي. سينٽ ويلنٽائن جي سيني ۾ دل ھئي، پيار ڪرڻ واري دل، پيار ڪرڻ وارن جوڙن جي احساسن کي سمجھڻ واري دل ۽ سڀ کان وڏي ڳالھ تہ ھن پيار ۽ شادي جي اخلاقيات کي رياستي احڪامن کان بلند حيثيت ڏني. ھن پنھنجي ڪنھن ذاتي عشق خاطر بغاوت نہ ڪئي ھئي، ھن آزاد ۽ باوقار عشق ۽ شادي جي روايت خاطر رياستي حڪم کي مڃڻ کان انڪار ڪندي پيار ڪندڙ دلين جي جائز خواھشن جو احترام ڪندي پنهنجي سر جو سانگو ڪرڻ ڇڏي ڏنو. ھن ذات ۽ انسانذات جي عشق ۽ اخلاق جو سنگم ڪيو ھو.
ھڪ طرف اھا سياست ھئي جنھن جي سيني ۾ دل نہ ھئي، جنھن جو ڪو اخلاق نہ ھو بس مفاد ئي مفاد ھيو، سو بہ انسان دشمن رياستي مفاد، ‘نوجوان شادي ڪندو تہ سٺو سپاهي ٿي نہ سگھندو’. ھڪ طرف اھا سياست ھئي ۽ ٻئي طرف ان سياست خلاف بغاوت ڪندڙ دليون ھيون ۽ چرچ جو ھڪ باغي پادري ھيو، ھڪ طرف اھا سياست ھئي جنھن جي سيني ۾ دل نہ ھئي ۽ ٻئي طرف اھا سياست ھئي جنھن جي دل عشق سان ٽمٽار ھئي. سياست کان خالي ڪٿي آھي ڪا دنيا!
شتر مرغ جيان واريءَ ۾ منھن لڪائي چوڻ تہ، ‘اسان جو سياست سان ڇا؟’ پاڻ کي دوکو ڏيڻ بلڪ ان سياست جا ھٿ مضبوط ڪرڻ ناھي جنھن جي سيني ۾ دل ناھي؟
پوءِ ڇا پيار ڪرڻ وارين دلين کي ائين جڳائي ٿو؟
بس مان، مان، مان ۽ منهنجو محبوب، باقي دنيا سان منهنجو ڇا؟
ھڪ ويلنٽائن آھي جيڪو اوھان جي آزادي سان جيئڻ جي حق لاءِ رياستي حڪم آڏو ڪنڌ نٿو جھڪائي، ھڪ شاعر جيوفري چاسر آھي جيڪو ويلنٽائن جي انڪار جي عظمت کي پيار ڪندڙ دلين ۾ ھميشه زندہ رکي ٿو ۽ پوء رياست ۽ چرچ بہ ان جي عظمت آڏو سر تسليم خم ڪري ٿي.
ھڪ اسان جو شاعر شاہ لطيف آھي جيڪو مجازي عشق جي اخلاقيات سان گڏ اسان کي آفاقي عشق جو درس ڏئي ٿو:
سائينم سدائين ڪرين مٿي سِنڌ سُڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
ھڪ اسان جو رھبر سياستدان آھي سائين جي ايم سيد، جيڪو اسان کي ذاتي عشق کان مٿانھون ٿي، ان راھ گذر تان اڳيان وڌي امن عالم، ترقي بني آدم ۽ اتحاد انساني جو درس ڏئي ٿو ۽ عشق جو اڻانگو پنڌ ڪندي زندگي کي سجايو ڪرڻ جي راھ تي رھبري ڪري ٿو.
“ڇا اسان ۾ ايتري همت ۽ ڏاھپ آھي جو ذات جو طلسم ٽوڙي پنهنجي ذات ۽ انسانذات جو سنگم ڪيون، جيئن ويلنٽائن ڪيو، جيئن جيوفري چاسر ڪيو، جيئن شاھ لطيف ڪيو، جيئن جي ايم سيد ڪيو؟”
ڳاڙھن گلابن سان گڏ
اوھان جو ويلنٽائن .
With Red Roses
Your Valentine
___________________

جڳديش آهوجا ڪراڇي، سنڌ ۾ رھي ٿو. لاڙڪاڻو سندس جنم ڀومي آھي. ھُو سياست، تاريخ، بين الاقوامي تعلقات ۽ فلسفي جو شاگرد ھجڻ سان گڏ ڪالم نگار ۽ ڪجھ ڪتابن جو ليکڪ، سنڌو واس فائونڊيشن جو باني صدر ۽ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري آھي. ھُن برٽش ڪمپني Pinch Media پاران سنڌ ۽ سنڌي ڪميونٽي تي ٺاھيل دستاويزي فلم ‘اڃان بہ قائم’ Still Standing ۾ مک ڪردار ادا ڪيو.



