Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

تاريخي بحث: حُر ھلچل، سنڌيت ۽ جديد سنڌي قومپرستيءَ جا تصور

سنڌ اندر “جدت کان اڳ واري دور” ۾، نيشن، نيشن اسٽيٽ يا نيشنلزم جا تصور ته بروبر ڪونه هئا پر “حب الوطني” يا “وطن جي حب” جا تصور موجود هئا

فرعون صفت انگريز سامراجيت کي، رڳو ٻن آڱرين جو بجو ڏيڻ به، ڪنهن سورهيائي کان گهٽ ڳالهه ڪونه هئي

جاويد اقبال لاڙڪ

1. حرن سنڌ جي اصلوڪن رهواسين سنڌي هندن کان ڦرون ڇو پئي ڪيون؟

2. حر رڳو جماعت جي نياڻين تي غيرت ۾ اچي پلاند ڪندا هئا يا ٻين غير جماعتي نياڻين جي عصمت دري تي پڻ، اهڙو رد عمل ڪڏهن ڏيکاريو هين؟

3. ڇا حر مزاحمت پٺيان محرڪ سنڌ وطن ۽ سنڌين سان عشق هو؟ يا فقط حر جماعت ۽ پير سائين پاڳارو سندن محور ۽ مرڪز هو؟

ھٿرادو ڏاھپ ريعي ٺاھيل تصوير

هڪ محترم ڀاء، چوٽياري واري ٿاڻي مٿان، بچو بادشاهه وارن جي، 1896ع واري مشهور حملي بابت، مختصر مضمون واري پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي مٿيان سوال رکيا.

ان تي مختصر، کين هيٺيان جواب عرض رکيم. انهن لاء ونڊجن ٿا، جيڪي هن بحث ۾ دلچسپي رکن ٿا:

سوال 1: هندو دڪاندار ڇو ڦريا ويا؟

 انگريزن جي رپورٽن ۾، هندو دڪاندارن کان ڦرڻ بابت ڪا به وضاحت ناهي، سواءِ ان تاثر جي ته جيئن عام ڦورو يا ڌاڙيل ڪندا آهن، تيئن واردات ڪئي وئي.

 البت، ان دور جي حالتن کي آڏو رکي، جائزو وٺبو ته بيٺڪي سرڪار خلاف بغاوت ڪندڙن کي، هٿيار به کپيا ٿي ته پيسو به. هو ڪنهن جي پراڪسي ته هئا ڪونه، جو کين ڪا ٻاهرين امداد ملي. تنهنڪري، هنن ان جو بندوبست، ڪجهه جاين تي ڌاڙا هڻي به پاڻ ڪيو.

اها ڳالهه ڪندي، وري به عرض ڪندو هلان ته ان جاء تي، ڏاڍو ڏکيو ٿي ٿو پوي ته هنن جي انهن سرگرمين جي جواز ۾ ڪجهه لکجي. خوامخواهه جو دفاع ڪرڻ معني ڌر ٿيڻ. جيڪو ٿيڻ نه ٿو گهران. مٿين ونڊ ۾، هڪ اهم ڳالهه ڏانهن اشارو ڪرڻو هيم ته هنن جي “وارداتن” جي محرڪن ۾، هڪ محرڪ اهو به هو. يعني انگريز بيٺڪي عملدارن جو عوام مٿان ظلم.

 باقي هٽ واڻين کي ڦرڻ جا واقعا به ٿيا. ان ۾، جيڪي ان لقاء جو طبقاتي تناظر ۾ تجزيو ڪن ٿا (مثلا هڪ حد تائين ڏيپلائي صاحب) سي ان ڳالهه کي مذهبي معني ۾ گهٽ، وٺن ٿا. هنن لاء دڪاندار يا سيٺيو، يا هٽ واڻيو، مذهبي معني ۾ اهم نه، طبقاتي معني ۾ اهم آهي. سيٺيو يا هٽ واڻيو، اٻوجهه ۽ اڻ پڙهيل گراهڪن جو، جيڪو رت چوسيندو هو، اهو به بعض جاين تي، هنن خلاف ڪروڌ جو ڪارڻ بڻيو. ۽ حر باغين وٽ هنن خلاف فريادون به پهتيون. مطلب ته ڪجهه جاين تي ائين به ٿيو.

گڏوگڏ هي به نه وسارڻ گهرجي ته رڳو هندو دڪاندار ئي نه، پر انيڪ جاين تي، مسلم زميندار به ڦريو ويو. انهن جي گهرن تي ڌاڙا هنيا ويا. اهڙن زميندارن مٿان، حرن کي “چغلي هڻڻ” جو شڪ هو. يا ٻين لفظن ۾، هو پنهنجي طبقاتي بيهڪ سبب، اقتدار سان گڏجي بيٺا ۽ هنن کي چٿڻ ۾، ٻانهن ٻيلي پئي رهيا.

گڏوگڏ اهو پڻ عرض ڪندو هلجي ته راقم جي اها پڻ دعوي ناهي ته ڪو سمورين ڦرن ۽ سمورن ڌاڙن کي، طبقاتي تجزئي ۾، لڪائي، جواز تراشي سگهجي ٿو. ڇو جو هر واردات جو، مڪمل تفصيل معلوم نه اٿم. جن به وارداتن جا تفصيل پڙهيم، تن ۾، ذڪر ڪيل محرڪ “به” نظر آيا. البت ڪي وارداتون، فقط ڦر جي نيت سان به ٿيون هونديون. پر وري به انگريز عملدارن جو پنهنجو بيان ان ضمن ۾ وڌيڪ اهم آهي. ڪمشنر جيمس چٽائي سان ٿو چوي ته هي عام ڦورو يا ڌاڙيل ناهن. مذهبي جنوني آهن.

خير، باقي هن چوٽياري واري خاص واقعي ۾، جنهن بابت اوهان سوال ڪيو، ذڪر ڪيل دڪاندارن لاء به اهڙي ڪا شڪايت هئي يا نه، تنهن جي ڪا به خبر ناهي.

سوال 2: چوٽياري وارو واقعو ڪندڙ حر، يا اوهان جي چواڻي “ننگن مٿان نثار ٿيندڙ حر”، رڳو حرن جي نياڻين تي غيرت جو مظاهرو ڪندا هئا يا ٻين غير جماعتي نياڻين سان ٿيندڙ ظلمن تي پڻ، ساڳيو رد عمل ڏيکاريو هين؟

  هي به سوال ڏاڍو اهم ڪيو اٿو. سادو جواب ته هي آهي ته انهن جي حياتي بابت ايڏو تفصيلي احوال مون وٽ ناهي. تنهنڪري عرض ته مون کي خبر ناهي.

باقي هڪ ڳالهه ذهن ۾ ويهارڻ ضروري آهي. 1890ع جي ڏهاڪي ۾، بچو جو هي مختصر ٽولو، گهڻي ڀاڱي انهن علائقن ۾ ئي ڦرندو رهندو هو، جتي حر اڪثريت ۾ هئا. بلڪ کيس بچايو ئي حر جماعت هو. جنهن جي مڪمل سهائتا ساڻن شامل هئي. حر جماعت کان ٻاهر نڪري، هن ٽولي وارداتون ڪيون هجن، ان بابت ورلي ئي ڪي واقعا ملن ٿا. هڪ واقعو تڏهوڪي خيرپور رياست اندر، ڀرڳڙين جي هڪ ڳوٺ مٿان ڪاهه وارو ملي ٿو. ۽ ٻيو ٺل پاسي، جنهن ۾ پڪ ناهي ته هي ٽولو هيو به يا نه. انگريز عملدارن کي شڪ هو.

سوال 3: حرن سنڌ سان عشق واري جذبي هيٺ چوٽياري ٿاڻي مٿان حملي واري ڪارروائي ڪئي يا پير سائين پاڳاري جي عشق ۾؟

 1890ع واري ڏهاڪي ۾، “سنڌ ” يا “سنڌيت” جا تصور، ان ۾ به خاص طور تي “جديد سنڌي قومپرستي” جا تصور ايڏا چٽا ۽ پڪا پختا ناهن، جهڙا اڄ آهن. نيشنلزم، اسان جي سرزمين جي پيداوار ناهي. هي جديد نظريو آهي، جنهن جي پيداوار Modernity سان گڏ ٿي. يعني الهندي تهذيب جي اندر. جتي نيشن جي آڌار تي، نيشن اسٽيٽ جا تصور آيا. اسان وٽ جدت، بيٺڪي دور ۾، “بيٺڪي جدت” (Colonial Modernity) جي صورت ۾، پهتي. جديد تعليم وسيلي، جديد سياسي ويچار عام ٿيا. نيشن، نيشن اسٽيٽ ۽ نيشنلزم جا تصور، ڏکڻ ايشيا ۾، اول جديد انگريزي تعليم وسيلي، ۽ ان کانپوء جديد تعليم يافته ڪيڊر وارين سياسي پارٽين، خاص طور تي، انڊين نيشنل ڪانگريس وسيلي ڦهليا. 19 صدي جي پڇاڙڪي ڏهاڪي ۾، سنڌ م جديد تعليمي ادارا، هونئن اٽي ۾ لوڻ برابر هئا. مٿان وري انهن جي بيهڪ اهڙي هئي جو وڏن وڏن زميندارن ۽ سيٺين جا ٻار ئي پڙهي سگهيا پئي. غريب غربي جي جاء نه هئي. مکي جي آسپاس وارا حر اڪثريتي علائقا ته هونئن ئي سماجي، معاشي ۽ تعليمي طور پسمانده هئا. هنن کان سنڌي نيشنلزم جي توقع نه ٿي ڪري سگهجي. هي “جدت کان اڳ واري دور” (pre-modern period) ۾ هلي رهيا هئا.

 البت تنهن باوجود به، هن “جدت کان اڳ واري دور” ۾، نيشن، نيشن اسٽيٽ يا نيشنلزم جا تصور ته بروبر ڪونه هئا. پر “حب الوطني” يا “وطن جي حب” جا تصور هئا. جنهن هيٺ لطيف به چيو ته “سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيء وسري”. هن لاء الهندي علم سياسيات ۾، Proto-national يا Proto-nationalism جو اصطلاح ڪتب آندو ويو آهي. يعني جديد نيشنلزم جي تصور کان اڳ واري دور ۾، اجتماعي سڃاڻپ وارو نيشنلزم نما تصور. ان جا عڪس البت ان دور جي سنڌ ۾ ملن ٿا. ان جماعت ۾، خليفو نبي بخش لغاري به ٿي گذريو هو. جنهن شاهه شجاع جي سنڌ مٿان حملي دوران، پورو سر ڪيڏارو منظوم ڪيو هو.  sampling جي تدبير اختيار ڪندي، ان مان قياس ڪري سگهجي ٿو ته 1890ع واري ڏهاڪي ۾، اٿندڙ هنن ٻارنهن ٻهروٽين ۾، حب الوطني جو جذبو به هوندو. پر ساڳئي وقت تي پير سان محبت، وفاداري ۽ جانداري جو جذبو به وٽن بدرجه اتم هو. ان جو تعين ڪرڻ ڏکيو آهي ڪيترا پرسينٽ ڪهڙو جذبو حاوي هو. ٻيو ته ايڏا تفصيل نه ٿا ملن جن مان طئي ڪري سگهجي. گهٽ ۾ گهٽ، مون ڪم علم وٽ جي علم ۾ ناهن.

آخري عرض هي ته اڄوڪي 21 صدي جي، سياسي ۽ فڪري ماحول کي آڏو رکندي، اڄوڪن قدرن تي، اڄ کان ڏيڍ صدي اڳ واري سنڌ کي تڪي توري، يا ماپي نه ٿو سگهجي. ڏسڻ هيئن گهرجي (يا گهٽ ۾ گهٽ مان هيئن ڏسان ٿو) ته هو ڀلي ڪنهن جا به مريد هئا. ڀلي مرشد سان عقيدت سبب به اٿيا، پر جيڪڏهن ڌارئي قبضه گير کي، رڳو ٻن آڱرين جو بجو به گهروڙي ڏنائون ته به اها منهنجي لاء، بحيثيت سنڌي ۽ بحيثيت تاريخ جي طالب علم جي، اهم ترين ڳالهه آهي. ڇو جو هي دور اهو هو جو انگريز سامراجيت دنيا جي گلوب تي ايڏو ته ڦهلجي چڪي هئي، جو سندن سلطنت مٿان سج لهندو ئي ڪونه هو. 1857ع جي جنگ آزادي کي چٿڻ کانپوء هي بنهه فرعون صفت ٿي چڪا هئا. اهڙي ماحول ۾، جيڪو جرئت سان، هنن کي ٻن آڱرين جو بجو به ڏئي ته به ڪنهن سورهيائي ۽ سورمائي کان گهٽ ڳالهه ڪونهي. هنن ته وري به اڍائي سال انگريزن کي ڇتو ڪري رکيو هو.

(مٿيون ليک 8 فبروري 2026 تي فيس بُڪ تي رکيو ويو. انھيءَ کان ھڪ ڏينھن اڳ 7 فبروريءَ تي ھيٺيون ليک فيس بُڪ تي رکيو ويو)

نَنگَ ۽ ناموسَ تان نثارُ ٿيندڙ بَچُو ۽ سندس سَٿَ: 1890ع واري حر بغاوت دوران، چوٽياري وارو اهم واقعو (1896ع)

سنڌ مٿان انگريز حاڪميتَ واري ”عدل، انصاف ۽ قانونَ جي بالادستيءَ“ واري ”سونهري دورَ“ ۾، ڪيترا واقعا اهڙا به ٿيندا هئا، جن ۾، بيٺڪي سرڪار جو اوباش مقامي پوليس عملو، ماڻهن جي عزتن، ننگن ۽ نياڻين ۾، هَٿَ وجهندو هو ۽ انگريز سرڪار جي ”انصاف ۽ قانون پسند“ گورن عملدارن کي خبر به هوندي هئي. پوءِ به پرده پوشي ڪيو ويٺا هوندا هئا. اهڙي ئي قسم جو واقعو، 1895ع يا 1896ع ڌاري، سانگهڙ لڳ، چوٽياريءَ جي آسپاس ٿيو. جنهن جي ردِ عمل ۾، بچو بادشاهه وارن چوٽياري ٿاڻي تي حملو ڪيو. هي 1890ع واري ڏهاڪي جي حُر مزاحمت جي ايامن جو، مشهور واقعو آهي. هِنَ هڪ واقعي کي، Micro-Historical تناظر ۾، جيڪڏهن اڀياس ڪجي ته، يعني هِنَ کي Sample طور وٺجي ته، اُنَ ”سونهري“ دورَ جي، بيٺڪي حڪومتَ جي، عام عوامَ ڏانهن روئي جي به پروڙَ پئجي ويندي ۽ گڏوگڏ ”ڏوهاري صفت“ حُرَن جي مزاجَ، ۽ ”واردات جي اندازَ“ جو به پتو پئجي ويندو.

روايتَ، حُرن واتان نه، پر خود انگريزن واتان ٿا ٻڌون ته چوٽياريءَ وارو واقعو ڪيئن ٿيو.

تڏهوڪي ٿر ۽ پارڪر ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر، جناب ليوڪس (يعني حُرَن مٿان ظلمَ ۽ زيادتيون ڪرڻ ۾، بدنام زمانه)، 7 جنوري 1896ع تي. تڏهوڪي سنڌ جي ڪمشنر کي، 3 ڏينهنَ پهرين، چوٽياريءَ جي پوليس ٿاڻي مٿان ٿيل، حُر باغين جي حملي بابت، رپورٽ ڪندي ٻڌائي ٿو:

”چوٽياريءَ وارو واقعو، ٻن سببن جي ڪري ٿيو؛ هڪ ته باغين کي هٿيارَ کپيا پئي، اِنَ ڪري، ٿاڻي مٿان حملو ڪري، هٿيارَ کنيائون ۽ ٻيو ته کين ٻن سوارن (پوليس وارن) کان، سندن چوٽياريءَ ۾، اُنَ جي پسگردائيءَ ۾، حُرَن خلاف، ”ٻِي چال چلت“ (certain other conduct of theirs..) جو، پلاندُ به وٺڻو هو.“

اِها چال چلت ڪهڙي هئي؟ اِنَ جو تفصيلُ، اڳئين پئراگرافَ ۾ ٻڌائيندي لکي ٿو ته ٿيو هيئن ته (چوٽياري جي آسپاس) مهر قبيلي جا ماڻهو رهندا هئا. جيڪي پير سائين پاڳاري جا مريدَ هئا. بلڪ اُنَ ۾ به، سندن تعلق، حُر جماعت سان هو. هنن مهرن مان هڪ Salu (سَلو، سليمان؟) نالي مرد هو. (انگريزن جي ”عدل ۽ انصافَ“ ڀري سرڪار، جي) چوٽياري ٿاڻي جو نائيڪ، عبدالله، اُنَ سَلوءَ جي زالَ کي، کنڀي آيو ۽ اچي چوٽياريءَ ۾ ويهاريائين. هي عبدالله، عام طور تي، چوٽياريءَ جي آسپاس راڄپر ۽ مُلَن سان، جيڪي حر جماعتي هئا، ”سختي“ ڪندو هو. تَنهنڪري مهرن کي، هِن سان وير هو. ٻيو قتل ٿيل سوارُ (سپاهي)، رانجهي خان نالي هو. هِنَ سان حُرَن کي ويرُ اِهو هو ته هِنَ سانگهڙ  جي چيف ڪانسٽيبل کي، حُرَن خلاف رپورٽون ڪيون هيون.

لڳي ائين ٿو ته باغين کي، هِنن ٻنهي سان ڪا ذاتي دشمني ڪونه هئي. پر تَرَ جي حر جماعت جي، سپاهين خلاف، هنن وٽ دانهين ٿيڻ تي، هنن ڪارروائي ڪري، سپاهين کي قتل ڪيو.

 جناب ليوڪس، اِنَ تفصيلي رپورٽَ (جنهن جو رڳو هڪ پئراگرافُ مٿي ونڊيو ويو)، سان گڏوگڏ، تڏهوڪي ٿر ۽ پارڪر ضلعي جي، پوليس جي اي ايس پي، جناب هيوم صاحبَ جِي رپورٽَ پڻ گڏائي موڪلي. جنهن ۾، وري چوٽياري ٿاڻي مٿان حملي جو اکين ڏٺو احوالُ، هڪ جيئري بچي ويل سپاهي، عمر قمبراڻيءَ واتان ٻڌائي وئي. عمر قمبراڻي اکين ڏٺو احوالُ، ڪجهه هيئن ٻڌائي ٿو:

3 جنوري 1896ع جي سرد شامَ جا، اٽڪل 7 وڳا هئا. رانجهو مَري، عبدالله بنگلاڻي، ۽ مان (عمر قمبراڻي)، باههِ جو مَچُ ٻاريو، اُنَ جي چوڌاري، ويٺا هئاسين. ماني کائيندي، رانجهي خانَ، مون کي (يعني عمر قمبراڻيءَ کي) چيو ته ٿاڻي ۾، اندر وڃ ۽ پيئڻ جو ڪو ٿانءُ کڻي اچ. مان اندر ويس ته پٺيان 3 فائرَ ٿيا. ٻاهر نڪري ڏٺم ته ڪجهه هٿياربند ماڻهو نظر آيا. جن مان ٽي، سڌو رانجهي خانَ جي مٿان بيٺا، جيڪو اُنَ وقت زمينَ تي (ڌَڪي ٿيو)، اَڌ مُئي حالتَ ۾، ڪِريو پيو هو. اُنهن ٽن مان هڪَ، رانجهي جي، تلوارَ سان سِ س ي، ڌَ ڙَ کان ڌ ا رَ ڪري، کيس (يعني م ن ڍ ي کي) زورَ سان لَتَ هَنئي، جيڪا اٽڪل پنج وکون کَن اڳيان وڃي ڪِري. اُنَ کانپوءِ، ٻئي ماڻهو، رانجهي جي تلوارَ کنئي، ۽ سندس باقي بچيل ڌَ ڙَ جي، ڳ*** ۾، (تلوارَ) هَٿئي تائين، سڄي لَ ن گ ه ا ئ ي ڏني. اُها تلوارَ، اِنَ حالتَ ۾، ا ن د ر پيل رهي. ساڳي وقت، اٽڪل ڇهه يا ست ٻين همراهن، عبدالله بنگلاڻيءَ جي پٺيان پيا، جيڪو ٿاڻي ڏانهن اندر ڀڳو هو. کيس پڪڙي، گهليندا ٻاهر ڪڍي آيا. هڪ همراههَ پٺئين پاسي کان، تلوارَ جو زورَ سان وار ڪيس ته مُ ن ڍ ي ڌَ ڙَ کان ڌ ا ر ٿي، پري وڃي ڪريس. ٽن مان ٻن کي، مون سڃاتو. هڪڙو بچو هو، ۽ ٻيو پيرو. رانجهي خانَ کي قتلُ ڪندي، هڪڙي کيس چيو:

”لڳي ٿو ته توکان وسري ويو ته بچو ۽ پيرو اڃان جيئرا ويٺا آهن؛ تون اڃان به اسان بابت معلومات وٺندو پيو وتين! ۽ ماڻهن سان سخت رويو پيو رکين! ۽ تو اسان جي دوستَ اڇوتي ملي (Achuto Mulo) کي ٻڌرائڻ ۾ مدد پئي ڪئي!“

هي ٻه قتلَ ڪرڻ کانپوءِ، ڪجهه باغي، ٿاڻي ۾ اندر داخل ٿيا. مون کي (يعني عمرَ کي) پڪڙيائون ۽ چيائون ته اسان سان گڏجي هل. سپاهين جون 3 رائيفلون ۽ گوليون به کنيائون. تلوارون پاسي ۾ اڇلي، ٿاڻو ڇڏي، بازارَ ۾ آيا. ڪيمي هندو ۽ گنگي واڻئي جا دڪانَ ڦُريائون. 12 فائر ڪيائون. (خالي پيل گولين جا خول آخر ۾ گڏ ڪيا ويا.) پيروءَ، مون کي (يعني عمرَ کي) قتلُ ڪرڻ پئي گهريو. پر بچوءَ چيو ته هِنَ کي جيئرو ڇڏيسِ!

بازار لُٽي، ٽي ڄڻا ٿاڻي ويا ۽ اُتان ٽنهي سپاهين جا 3 گهوڙا ڪاهي آيا. مون کي(يعني عمرَ کي) پَٽَ تي ويهاريو ويو. سڀئي منهنجي چوڌاري گڏ ٿي ويا. بَچو چيو ته توکي جيئرو اِنَ ڪري ڇڏيو اَٿم ته جيئن تون وڃين پنهنجي آفيسرن کي، اڄوڪي راتِ جي سموري روئداد ٻڌاءِ! گڏوگڏ اِهو پڻ ٻڌائينِ ته 10 ڏينهن تائين، اسان مَکيءَ ۾ هونداسين! هجي ڪو مائي جو لال ته اچي اسان سان مهاڏو اٽڪائي.

سڀني جا نالا ته ياد ناهن. پر اُنهن مان جن جا نالا ياد آهن، سي هئا؛ بَچُو، پِيرُو، خميسو، تڳيو، بالو ڳاهو، گُلُو موچي، مصري ڳاهو…

هي سمورو واقعو، هيٺيون ڳالهيون ٻڌائي ٿو:

(1) 1890ع واري حر بغاوتَ جا 12 مشهور ڪردارَ، عام ڏوهاري نه هئا. جيئن انگريز سرڪار ۽ اُنَ جي ڏيهي دلالن، اُنهن خلاف پروپئگنڊا ڪري، کين عام ڏوهاري طور پيش پئي ڪيو. ڪيترين ئي جايُنِ تي، سندن ”وارداتن“ پٺيان محرڪَ، انگريز سرڪار جا، عام عوام مٿان، ڪيل ظلمَ ۽ زيادتيون، قهرَ ۽ ڪلورَ هئا. عام ستايل مظلوم ۽ مجبور عوام، هنن وٽ اچي دانهين ٿيندو هو. جنهن تي، هي عوام پاران به، بيٺڪي عملدارن کان پلاند وٺڻ لاء به، هن قسم جون وارداتون ڪندا هئا.

(2) انگريز سرڪار جو مقامي پوليس عملو، اخلاقاََ صفا ڪِريل حرڪتون ڪندو هو. پَراوَن نَنگن ۽ نياڻين ۾، هَٿَ وجهڻ، هن بيشرم، بيضمير ۽ بيغيرتن لاءِ عار يا عيب نه هو.

(3) انگريزَ جي ”عدل، انصافَ ۽ قانونَ جي بالادستيءَ تي يقين رکندڙ“ سرڪار، جي گورن عملدارن کي، پنهنجي ڏيهي عملي جي پِرڪارَن جي خبر به هوندي هئي. پوءِ به مٿن ڪَکَ رکيو ويٺا هوندا هئا.

(4) هي جيڪو 12 ٻهروٽين لاءِ، عام عوامَ ۾ (خاص طور تي حُر جماعت ۾)، بيحد احترامُ هو. سندن شانَ ۾، شاعري ٿي. ڳوٺ ڳوٺ، نگر نگرَ، اُها شاعري، اُهي ڳيچَ، ڳايا ويندا هئا، جن کي انگريزن زوريءَ روڪرايو. سي، هروڀرو نه هئا. بلڪ اِنَ پٺيان، انگريزن جا، عام عوام سان ٿيندڙ، ظلمَ ۽ زيادتيون، قهرَ ۽ ڪلورَ هئا. ماڻهو ويچارا، مجبور ۽ لاچار بڻيا ويٺا هئا. ماڻهن جون عزتون، ننگَ ۽ ناموسَ، محفوظ نه رهيا هئا. اهڙي سخت قهري ماحولَ ۾، جڏهن ڪي سرفروشَ، همٿَ، جوانمردي، ۽ بهادريءَ سان، هِنن غليظ، ناپاڪ، نجس ۽ پليت بيٺڪي سرڪارَ ۽ سندن ڏيهي دلالن سان، پنهنجي سِرَ جو سانگو لاهي، جهيڙو جوٽي بيٺا.  ته ڄڻ عوامَ جي جُهرندڙ زخمن تي، مرهم بڻجي پيا. عوامَ جي سيني اندر، انگريزن خلاف، جنهن نفرت جي باههِ جا مَچ پئي ٻريا، ڄڻ اُنهن تي ڇنڊو ٿي پيو! اهو ئي ڪارڻ آهي جو هي ٻارنهن ٻهروٽيا، اڄ به اِنَ تَرَ جي عوام، (خاص طور تي حُر جماعت جي) دلين ۾، زنده آهن. سندن نالا وٺڻ سان، سندن قربانين ۽ جرئتن جي داستانن کي، ياد ڪندي، گردنون جهڪي وڃن ٿيون!

______________

جاويد اقبال لاڙڪ آمريڪا ۾ رھي ٿو. سندس ھيءُ ليک سوشل ميڊيا مانيٽرنگ سلسلي ھيٺ شائع ڪيو ويو آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button