Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياوڻج واپار

سنڌ جا آبادگار گدلاڻ پکيڙيندڙ عالمي ڪمپنين خلاف قانوني قدم کڻندا  

سال 2022 وارين ٻوڏن کان متاثر ٿيل پاڪستاني، خاص طور سنڌ جي آبادگارن فيصلو ڪيو آھي تہ موسمياتي انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ گدلاڻ پکيڙيندڙ عالمي ڪمپنين خلاف قانوني دعوا داخل ڪندا 

ڪراچي

سال 2022ع جي تباهه ڪندڙ ٻوڏ کان متاثر ٿيل پاڪستاني، خاص طور تي سنڌ سان تعلق رکندڙ آبادگارن عالمي سطح تي وڏن ڪاربن خارج ڪندڙ ادارن خلاف موسمياتي انصاف لاءِ تاريخي قانوني دعوي داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. آبادگارن جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديلي سبب ايندڙ هن غيرمعمولي آفت ملڪ جي انتهائي ڪمزوري کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي.

ڪراچي پريس ڪلب ۾ ٿيل پريس ڪانفرنس دوران لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ۽ دادوءَ سان تعلق رکندڙ دعويدارن حمزه خان ڪلهوڙي، عبدالحفيظ کوسي ۽ عبد الخالق لغاريءَ چيو ته 2022ع جي ٻوڏ سندن فصلن، چوپائي مال ۽ گهرن کي مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيو، جنهن سبب هزارين آبادگار خاندان ڊگهي عرصي واري معاشي بحران ۾ ڦاسي ويا آهن.

دعوي ڪندڙن چيو ته پاڪستان عالمي گرين هائوس گيسن جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو رکي ٿو، ان جي باوجود ملڪ کي موسمياتي تبديلي سبب غيرمعمولي نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي. هنن جو موقف هو ته تاريخي طور وڌيڪ آلودگي پکيڙيندڙ ڪارپوريشنز کي موسمي نقصان ۽ تباهيءَ لاءِ ذميوار قرار ڏئي انهن کان حساب ورتو وڃي.

آبادگارن اعلان ڪيو ته هو جرمني جي ٻن وڏين ڪارپوريشنز آر ڊبليو اي (RWE) ۽ هاڊلبرگ ميٽيريلز (Heidelberg Materials) خلاف قانوني دعوي داخل ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ 2022ع جي ٻوڏ دوران ٿيندڙ نقصان جو معاوضو طلب ڪيو ويندو.

ھنن وڌيڪ چيو ته پاڪستان انهن علائقن مان آهي، جيڪي موسمياتي تبديليءَ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. ملڪ ۾ موجود ٽن وڏن جابلو سلسلن ۾ لڳ ڀڳ چوڏهه هزار گليشيئر وڌندڙ گرمي پد سبب تيزي سان ڳري رهيا آهن، جڏهن ته تاريخي انڊس ڊيلٽا جو لڳ ڀڳ نوي سيڪڙو علائقو به موسمياتي تبديلين، سمنڊ جي چاڙهه ۽ پاڻي جي کوٽ سبب ختم ٿي چڪو آهي.

هينڊز ويلفيئر فائونڊيشن جي ڊاڪٽر شيخ تنوير احمد چيو ته 2022ع جي ٻوڏ کي صرف قدرتي آفت نٿو سمجهي سگهجي، پر اها عالمي حدت (گلوبل وارمنگ) جو سڌو نتيجو هئي. هن چيو ته انساني صنعتڪاري، ٻيلن جي ڪٽائي ۽ فوسل فيول جي بي قابو استعمال موسمي خطرن کي وڌيڪ شديد بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن سبب قدرتي خطرا انساني سانحن ۾ تبديل ٿي رهيا آهن.

نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن (NTUF) جي اڳواڻ ناصر منصور چيو ته موسمياتي تبديلي روزگار، خوراڪ جي تحفظ ۽ پورهيت طبقن جي حقن سان سڌي طرح لاڳاپيل آهي، ۽ ماحولياتي پاليسين جي کوٽ سبب ڳوٺاڻن علائقن ۾ غربت ۽ عدم مساوات وڌي رهي آهي.

مقررين جو چوڻ هو ته سرمائيداراڻي ترقي جو صنعتي ماڊل ڌرتيءَ کي تباهيءَ جي ڪناري تي آڻي بيهاريو آهي. هنن چيو ته اڄ اسين آخري نسل آهيون، جيڪي پنهنجي زمين، پاڻي ۽ ان تي موجود زندگي کي بچائڻ لاءِ اڃا ڪجهه ڪري سگهون ٿا. ماحولياتي تباهيءَ کان متاثر سنڌ جي هارين پاران موسمياتي انصاف لاءِ جرمن ڪمپنين خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو هڪ سڌو، جرئت ڀريو ۽ تاريخي قدم آهي.

بين الاقوامي رپورٽن موجب اهڙيون قانوني ڪارروائيون دنيا ڀر ۾ انهن حالتن ۾ اختيار ڪيون پيون وڃن، جتي سياسي سطح تي جوابدهي ناڪام ٿي چڪي آهي. يورپي سينٽر فار ڪانسٽيٽيشنل اينڊ هيومن رائيٽس (ECCHR) ۽ جرمني جي انساني حقن جي تنظيمن سان لاڳاپيل نمائندن چيو ته هي ڪيس عالمي قانوني فورمن تي ٻوڏ متاثر ڪميونٽيز جي آواز کي اجاگر ڪندو.

مقررين عالمي برادري تي زور ڏنو ته موسمياتي تبديلي سبب ٿيندڙ نقصان ۽ تباهيءَ کي انصاف ۽ ذميواري جي بنياد تي تسليم ڪيو وڃي ۽ متاثر ماڻهن کي مناسب معاوضو فراهم ڪيو وڃي. (پريس رليز)

_______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button