Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياماحول

ڪراچيءَ ۾ ڪلفٽن واري اربن فاريسٽ ۾ ٻن مھينن کان پاڻي نہ ملڻ سبب وڻ سُڪڻ لڳا

تمر جا وڻ تہ سمنڊ جي پاڻيءَ تي جيئن ٿا پر ٻين وڻن کي ٽينڪرن ذريعي پاڻي ڏنو ويندو ھو، جيڪو فنڊ نہ ھجڻ ڪري بند آھي

ھي ٻيلو 2021 ۾ لڳ ڀڳ 210 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پوکيو ويو ھو. ھتي اڳي ڪراچيءَ جي گٽرن جو وهڪرو ٿيندو ھو ۽ ڪچري جا ڍير ھوندا ھئا. ھتي تمر جا ست لک ٻوٽا ۽ ٻين وڻن جون 140 جنسون پوکيون ويون ھيون    

ريحان پالاري

گھڻي وقت کان ڪلفٽن اربن فاريسٽ گھمڻ جو ارادو ھو. سوچيو ھيم تہ ھن ٻيلي ڏانھن ڪيئن به ڪري پھچڻو آھي. جيئن ئي پيپر ختم ٿيا تہ سيميسٽر بريڪ جو موقعو ڏسندي وڃي پھتس. ڪلفٽن اربن فاريسٽ جي آفيس تي پھتس تہ ٿري ملازمن سان ملاقات ٿي جن ٻيلو لڳائيندڙ مسعود لوهار جي آفيس ڏيکاري جنھن ۾ ڪيترائي ڪتاب پيا ھئا. مسعود لوھار کي موسمي تبديلي ۽ ماحولياتي تحفظ جا مليل ايوارڊ بہ اتي  رکيا ھئا. ان وقت مسعود لوھار موجود نه ھو تنھنڪري ملاقات نه ٿي سگھي پر فون تي رابطو ٿيو. ھن ڀليڪار چيو ۽ ٻئي دفعي ملڻ جي لاءِ چيائين. آفيس جي ڀرسان ٻہ ٿري چونئرا ٺھيل ھئا. جيڪي سنڌي ثقافت کي اجاگر رکڻ لاءِ ٺاھيا ويا آهن. سندس ماڻھن مونکي ٻيلو گھمايو. ميلو گھمندي سڪون به مليو پر گھڻو ڏک بہ ٿيو. تمر جي وڻن لاءِ پاڻي تہ موجود ھو پر لڳاتار ٻن مھينن کان  ٻين وڻن کي پاڻي نه پئي ملي سگهيو جيڪي جھنگل نما پوکيل ھيا جنھن ۾ گل ۽ ٻيا ٻوٽا ھئا.

پاڻي نہ ملڻ جي نتيجي ۾ وڻ سڪڻ لڳا ھئا. پھريان ھنن کي حڪومت يا اين جي اوز فنڊنگ ڪنديون ھيون ۽ ان مان ھي پاڻيءَ جا ٽينڪر لھرائيندا ھئا ۽ وڻن کي پاڻي ڏيندا هئا.  ھاڻ فنڊنگ نه ٿيڻ جي ڪري پاڻيءَ جا ٽينڪر نه پي لھرائي سگھيا جنھن جي ڪري لڳايل ٻيا وڻ سڪڻ لڳا ھئا.

ماحول تي اھڙو ڪم ڪندڙ ماھر ماڻھوءَ کي  حڪومت جي سپورٽ لازمي ڪرڻ گھرجي ته جئين ھي ٻيلو زنده رھي سگھي، ماحولياتي تحفظ فراهم ڪري سگھي ۽ ڪيترن ئي جاندار جانين جو بچاءُ ڪري سگھي.

ھي ٻيلو 2021 ۾ مسعود لوهار لڳ ڀڳ 210 ايڪڙن جي ايراضي تي پوکيو ھو. ھتي پھريان  ڪراچيءَ جي گٽرن جو وهڪرو ٿيندو ھو ۽ ڪچري جا ڍير ھوندا ھئا. جنھن کان پوءِ ھن انهن ڪچرن جي ڍيرن کي ھٽائي ۽ گٽرن جي پاڻيءَ کي ھڪ ٻيلي جي شڪل ڏني. مسعود لوهار اين جي اوز ۽ سنڌ گورنمينٽ جي مدد سان ھتي ٽن چئن سالن ۾ 7 لک  مختلف جنسن جي تمر جا وڻ لڳايا ۽ 140 جي ويجھو ٻيون وڻن جو جنسون لڳايون جنھن ۾ کٻڙ ، ٻٻر، نم ، پپر ۽ ٻيا وڻ شامل ھئا.

تمر جي وڻن جي اھا خاصيت آھي ته ھي وڻ کاري پاڻيءَ ۾ ٿيندا آهن، جتي سمنڊ جو ڪنارو ڪنھن ڍنڍ سان ملندو آهي اتي ٿيندا آهن. يا جتي درياه يا نئن سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري اتي ٿيندا آهن. مسعود لوھار ڇا ڪيو ھڪڙو ڍنڍ نماء بند لڳائي ان گٽر واري پاڻي کي روڪي ۽ ڪجھ سمنڊ جو پاڻي گڏيو جنھن ۾ ھن تمر جا وڻ لڳايا ۽ انھن جي سنڀال رکيائين جيڪي ھاڻي ھڪ ٻيلي جو ڏيک ڏين ٿا.

ھي تمر جا وڻ ڪاربان سيڪيوسٽيريش Carban sequestration  (وڻ خلا مان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي جذب ڪري ۽ پنھنجي کاڌي طور ڪم آڻيندا آھن) جھڙو اھم ڪم بہ ڪن ٿا. تمر جو ھي ٻيلو ھڪ ڏينھن ۾ پنج ميٽرڪ ٽن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪري ٿو ۽ ماحول جي آلودگي کي روڪي ٿو. ھي ھڪ اھڙي شھر لاءِ  وڏي ڳالهه آھي جتي ماحولياتي گدلاڻ چوٽ تي ھجي. ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ماحول جي  آلودگي کي وڌائي ٿو ۽ گرمي جي  شدت کي به وڌائي ٿو، جيڪو فوسل فيول Fossil Fuel جي ٻرڻ سان وڌندو آھي. ڪراچي جھڙيءَ شھر ۾ جتي فيڪٽرين  ۽ گاڏين جو دونهون ماحول ۾ وڌندو رھي ٿو اتي اھڙو ڪم ڪرڻ ۽ ماحول کي آلودگي کان بچائڻ يقينن وڏو ڪم آهي، جنھن جو اعزاز مسعود لوھار کي وڃي ٿو.

ٻي ڳالھه تہ ھنن وڻن جي ھيٺ ڇانو ۽ پاڙن ۾ مڇي پنھنجا آنا ۽ ٻچا ڏيندي آهي. ۽ ٻيا به سامونڊي جاندار ھن وڻن هيٺان پنھنجي بچاءُ واري زندگي آساني سان گذاريندا آهن. تمر جا وڻ سامونڊي طوفان کان بچائين ٿا، سمنڊ جي لھرن کي برقرار رکن ٿا ۽ سمنڊ کي وڌڻ کان به روڪين ٿا. ھي تمر جا ٻيلا بارڊر فورس جو ڪم سرانجام ڏين ٿا.

اگر ھي وڻ ختم ٿي وڃن تہ سمنڊ ڏينهنون ڏينهن چڙھندؤ ايندو ۽ زمين کي کائيندؤ ايندو. جئين اڄ ڪالهه سجاول ، بدين ء ٺٽي ضلعي جي زمينن جي حالت آھي ڇو جو اھي ساحلي پٽي وارا ضلعا آهن.

انھن ضلعن ۾ تمر جا جھنگل ختم ٿيندا وڃن پيا. ان جي نتيجي ۾ سمنڊ زمين کي کائي رھيو آھي. انھن زمينن تي زراعت نه پئي ٿي سگھي ڇو جو اتي لوڻياٺ زمين ۾ وڌي ويو آهي. اتي جا ماڻھو پيئڻ جي پاڻي کان به محروم ٿيندا وڃن ٿا. خراب پاڻي پيئڻ جي ڪري ڪيتريون ئي بيماريون جنم وٺن ٿيون. زراعت نه ٿيڻ جي ڪري ماڻھو معاشي تنگ زندگي گذارين پيا، پالتو جانورن جي لاءِ چراگاهه نه بچيا آهن. انھن کي به کاڌو ميسر ناهي ۽انھيءَ  سبب ماڻھؤ  لڏپلاڻ تي مجبور آھن.

تمر وڻن جا ٻيلا پھريان 85 ھزار چورس ايڪڙ اياضيءِ تي پکڙيل ھئا. 2011 رپورٽ مطابق اھي گهھٽجي 60 ھزار چورس ايڪڙن تي وڃي پڳا آھن. انھن جي ڪٽائي به زور شور سان ٿئي پئي .انھن ۾ ٻن قسمن جا ماڻھو ملوث آهن ھڪ مقامي ماڻهو جيڪي مال جي چاري ۽ گھر جي ٻارڻ لاءِ ڪاٺين طور ڪٽين پيا. ٻيا فيڪٽرين جا مالڪ ھن وڻ کي گھڻو ۽ سٺي قيمت ۾ وٺندا رھندا آھن. اھو ان ڪري جو ٻين وڻن جي ڪاٺ کان تمر جو ڪاٺ گھڻي دير ٻرندو آهي ۽ اھو فيڪٽرين جي مالڪن لاءِ فائديمند آهي.

ٻيو سبب اهو به آهي سمنڊ ۾ دريا جي پاڻي جو ڇوڙ نه ٿين سبب سمنڊ جو پاڻي ھنن وڻن کي ختم ڪري ڇڏي ٿو، ڇو جو ھي وڻ کاري پاڻي ۾ ٿيندا آهن ۽ سمنڊ جو پاڻي گھڻو نمڪيات وارؤ آھي. درياھ کي ڊيم ٻڌڻ جي ڪري ۽ نوان ڪينال ٺاھي روڪيو ويو آهي.

درياءُ جو پاڻي سمنڊ ۾ نه پڄڻ ڪري سمنڊ وڌندو اچي ٿو. ايئن سڄي ماحول حيات لاءِ خطرناڪ آهي جنھن کي روڪڻ لاءِ سنڌ گورنمينٽ ڪو ايڪشن وٺڻ لاءِ تيار ئي ناهي، بلقڪ پاڻ ملوث آهي.

 ڪلفٽن لڳ سمنڊ ڪناري ھيءُ اربن فاريسٽ قائم ٿيڻ کان اڳ ھتي پکي ڪونه ڏسبا ھئا ڇو جو وڻڪاري نه ھئي ، رُڳو ڪچري جا ڍير ھوندا ھئا. تمر جا وڻ لڳائڻ کان پوءِ ھتي 140 کان مٿي مختلف پرديسي ۽ ديسي پکين جون جنسون رڪارڊ ڪيون ويون آهن. جنھن مان 40 پکين جون جنسون ھتي پنھنجا اکيرا ٺاھي رھنديون آھن. ھنن تمر جي پنن کي پالتو جانور به مزي سان کائيندا آهن.

________________

ريحان پالاري ڪراچي يونيورسٽيءَ جي نباتات واري شعبي ۾ آخري سال جو شاگرد آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button