Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

حُر گوريلا تحريڪ جو ڏند ڪٿائي هيرو  بچو بادشاهه – شهادت جو امر داستان

26 نومبر 1896ع جي تاريخ، اسان کي سنڌ جي عظيم ۽ دلير پٽ، بچو بادشاهه خاصخيلي ۽ سندس ساٿين جي بي مثال قربانيءَ جي ياد ڏياري ٿي. اها تاريخ آهي جڏهن آزاديءَ جي متوالن پنهنجي رت سان مزاحمت جي داستان تي مهر هڻي ڇڏي.

سردار اياز ميمڻ

26 نومبر 1896ع جي تاريخ، اسان کي سنڌ جي عظيم ۽ دلير پٽ، بچو بادشاهه خاصخيلي ۽ سندس ساٿين جي بي مثال قربانيءَ جي ياد ڏياري ٿي. اها تاريخ آهي جڏهن آزاديءَ جي متوالن پنهنجي رت سان مزاحمت جي داستان تي مهر هڻي ڇڏي.

هيءَ جنگ هئي ٻين حر تحريڪ جي، جنهن جي سرواڻي پير حزب الله شاهه راشديءَ جي هٿن ۾ هئي ۽ جنهن 1860ع کان 1898ع تائين برطانوي سامراج کي لوڏي ڇڏيو. پر هن تحريڪ ۾ هڪ اهڙو ڪردار اُڀريو جنهن جو اصل نالو ته الله بچايو خاصخيلي هو، پر گهر وارا کيس پيار مان ”بچو“ سڏيندا هئا.

جڏهن هن پنهنجي ڌرتيءَ جي آزاديءَ خاطر انگريزن خلاف گوريلا جنگ جو جهنڊو کنيو ۽ 600 چورس ميلن جي علائقي ۾ هڪ متوازي سرڪار جو بنياد وڌو، تڏهن سندس حُر فقير ساٿين کيس عشق ۽ عقيدت سان ”بچو بادشاهه“ جو لقب بخشيو. نالو بچُو، پر ڪم بادشاهن جھڙا!

بچو بادشاهه جي پيءُ جو نالو وڏو وريام فقير خاصخيلي هو. سندس گهرواري مائي سعيدان خاصخيلي به هن جهاد ۾ شريڪ رهي. خود سندس ماءُ  مائي سون ٻائي بهڻ (حر ڪمانڊر محبت فقير بهڻ جي ڀيڻ) پڻ پنهنجي پٽ سان گڏجي ڇاپي مار ڪارواين ۾ بهادريءَ سان حصو ورتو. هن ڪٽنب جو هر فرد، ميدان جنگ جو مجاهد هو.

سانگهڙ سرڪار: گوريلا رياست جو قيام

بچو بادشاهه جي سرواڻيءَ هيٺ حر مجاهدن 600 چورس ميلن جي ايراضيءَ ۾، جنهن ۾ سانگهڙ، شهداد پور، ٽنڊو آدم، نواب شاهه ۽ راجستان جا علائقا به شامل هئا، ”سانگهڙ سرڪار“ نالي هڪ متوازي حڪومت قائم ڪري ڇڏي. هن حڪومت جو مرڪز مکي ٻيلو ۽ مکي ڍنڍ وارو علائقو هو، جتي انگريز نٿي پھچي سگھيا اتي حرن جي ھلندي ھئي.

بچو بادشاهه صرف جنگجو نه، پر هڪ مدبر قيادت جو مالڪ هو. هن ٻارنهن رڪني حر گوريلا ڪمانڊرن جي ڪابينہ جوڙي، جنهن ۾ شامل هئا:

 * بچو بادشاهه (سرواڻ)

 * پير بخش وساڻ عرف پيرو وزير

 * عيسئ ڏاهري

 * مجاهد تڳيو چانگ، گلو موچي، ڪلو ڳاهو، عثمان هنڱورو، خميسو وساڻ، سومار ڳاهو، فتلو هنڱورو، راڻو وساڻ ۽ مصري ڳاهو.

هنن ستن سالن تائين انگريز فوج جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو. انهن ڍل ۽ ٽيڪس ڏيڻ کان انڪار ڪري، مزاحمت جو اهڙو نشان قائم ڪيو جو سمورو علائقو، ميرپورخاص کان شهدادپور تائين، هڪ مزاحمتي جنگ جو مرڪز بڻجي ويو.

 شهادت جو ڏينهن: تاريخ جو سونهري پنو

آخري دور ۾ هنن مجاهدن جي قرباني تاريخ ۾ هميشه لاءِ جيئري رهڻ واري آهي:

  بچو بادشاهه: مئي 1896ع تي گرفتار ٿيو ۽ 26 نومبر 1896ع تي سانگهڙ شهر ۾ سرِ عام ڦاهي ڏئي وئي. ھِن آزاديءَ جي متوالي ڌرتيءَ تان پنھنجي جان جان گھوري چڏي.

_________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button