Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيانساني حَقَ

ٻارن جو عالمي ڏينھن: سنڌ ۾ 16 لک ٻار معاشي بدحاليءَ سبب پورھيو ڪرڻ تي مجبور

انھن مان اڌ کان وڌيڪ ٻار خطرناڪ حالتن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. امير علائقن ۾ 5 کان 7 هزار روپيا ماهوار تي ٻارن کي 24 ڪلاڪ جي ملازمت تي رکيو وڃي ٿو

اهي ٻار نه رڳو تعليم کان محروم آهن، پر انهن جي صحت ۽ نشو نما پڻ متاثر ٿي رهي آهي. سنڌ جا ٻار اڄ بہ بنيادي حقن کان محروم آھن

نادر مائري

هر سال 20 نومبر تي ٻارن جو عالمي ڏينهن  گڏيل قومن پاران ملهايو ويندو آهي. 1954ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ هي ڏينهن عالمي سطح تي ٻارن جي ڀلائي، تعليم، صحت ۽ تحفظ جي شعور لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. 1959ع ۾ گڏيل قومن ۾  ٻارن جي حقن جو پڌرنامو منظور ڪيو ويو ۽ 1989ع ۾ ٻارن جي حقن تي گڏيل قومن جي ڪنوينشن تي صحيون ڪيون ويون. گڏيل قومن جي رهنمائيءَ هيٺ، اهو ڏينهن ٻارن جي حفاظت، تعليم، صحت ۽ خوشحال زندگي جي ضرورتن تي زور ڏيڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڄ به سنڌ ۾ ڪيترائي ٻار بنيادي حقن کان محروم آهن، جيڪي کين عالمي معاهدن ۽ پاڪستان جي آئين ۾ ڏنل آهن. محنت واري کاتي، يونيسف ۽ بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي سروي موجب، سنڌ ۾ 16 لک ٻار جبري مشقت تي مجبور آهن، جن مان اڌ کان وڌيڪ ٻار خطرناڪ حالتن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. اهي ٻار نه رڳو تعليم کان محروم آهن، پر انهن جي صحت ۽ نشو نما پڻ متاثر ٿي رهي آهي.

گھر جي ضرورتن، غربت ۽ مهانگائي سبب گهڻا ٻار اسڪول جي بجاءِ پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن، ٻارن کي ڪم تي مجبور ڪرڻ جو هڪ وڏو سبب غربت ۽ معاشي دٻاءُ آهي. گھٽ آمدني وارا خاندان پنهنجي ٻارن کان پورهيو ڪرائڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته امير علائقن ۾ ٻارن کي گهٽ مزدوري تي استعمال ڪري وڌيڪ منافعي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جو استحصال ڪيو وڃي ٿو ۽ گهٽ مزدوري تي دستياب هجڻ سبب انهن کي گهريلو ۽ تجارتي ڪمن ۾ پڻ استعمال ڪيو وڃي ٿو. اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته امير علائقن ۾ 5 کان 7 هزار روپيا ماهوار تي ٻارن کي 24 ڪلاڪ جي ملازمت تي رکيو وڃي ٿو، جنهن سبب گهريلو تشدد ۽ استحصال جا واقعا پڻ وڌي رهيا آهن. ڪيترن ئي ٻارن کي سخت محنت، جسماني ۽ ذهني دٻاءُ سان منهن ڏيڻو پوي ٿو، جنهن جو اثر انهن جي مستقبل تي ڊگهي مدت تائين رهي ٿو. غذائي کوٽ سنڌ جي ٻارن لاءِ هڪ وڏو الميو آهي. ڪيترائي ٻار روزانو مناسب ۽ متوازن خوراڪ نٿا وٺي سگهن، جنهن سبب ڪمزوري، رت جي گهٽتائي ۽ قد ۾ رڪاوٽ جهڙا مسئلا وڌي رهيا آهن. ٻارن ۾ غذائي کوٽ جي ڪري ذهني واڌ ويجهه پڻ متاثر ٿئي ٿي، جنهن جو اثر سندن تعليمي قابليت ۽ جسماني ترقي تي پوي ٿو. عالمي ادارن جي رپورٽن مطابق، غذائي کوٽ کي گهٽائڻ لاءِ معياري پروگرام هئڻ باوجود سنڌ ۾ عملي سطح تي ٻارن تائين اهي سهولتون پهچائڻ ۾ حڪومت ناڪام رهي آهي. صحت جون سهولتون انتهائي محدود آهن. ڪيترن شهرن جي هيلٿ سينٽرن ۽ اسپتالن ۾ ڊاڪٽر وقت تي موجود نه آهن، دوائون ۽ ايمرجنسي سهولتون نه هجڻ جي برابر آهن. نتيجي طور ٻارن ۾ معمولي بيماريون به وڏيون ۽ خطري واريون بيماريون بڻجي وينديون آهن. ٻارن جي زندگيءَ جي حفاظت لاءِ بنيادي صحت سهولتن جي کوٽ سنڌ ۾ وڏو مسئلو آهي، جيڪو عالمي ادارن لاءِ پڻ فڪر جو سبب بڻجي ٿو. تعليم جي حوالي سان به صورتحال پريشان ڪندڙ آهي. پاڪستان جي آئين جي شق 25 اي موجب، 5 کان 15 سالن تائين هر ٻار کي مفت تعليم فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. پر هڪ رپورٽ موجب هن وقت سنڌ ۾ 3442 سرڪاري اسڪول بند آهن ۽ 80 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن.اهڙي صورتحال ۾ انهن ٻارن کي قانوني ۽ مالي حمايت جي ضرورت آهي. حڪومت کي گهرجي ته ٻارن کان مشقت وٺڻ تي سخت سزا ۽ ڳرو جرمانو لاڳو ڪري. گڏوگڏ انهن ٻارن جي خاندانن لاءِ مناسب مالي سهولتون مهيا ڪيون وڃن، جيئن ٻار اسڪول واپس اچي سگهن ۽ تعليم جا برابر موقعا حاصل ڪري سگهن. ٻارن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي ٻارن کي استحصال کان بچائڻ، تعليم فراهم ڪرڻ ۽ صحتمند زندگي جي ضمانت ڏيڻ اسان جي سڀ کان وڏي ذميواري آهي. سنڌ جا ٻار اسان جو مستقبل آهن، ۽ جيڪڏهن انهن کي اڄ محفوظ، تعليم يافته ۽ خوشحال بڻايو وڃي ته سماج جو مستقبل پڻ روشن ٿي سگهي ٿو. حڪومت، سماجي ادارا، مقامي تنظيمون ۽ هر فرد گڏجي ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪن ته جيئن سنڌ جو هر ٻار اسڪول وڃي، محفوظ ۽ خوشحال زندگي گذاري، ۽ پنهنجي صلاحيتن کي مڪمل طور تي استعمال ڪري سگهي. ٻارن جي حقن جي حفاظت اسان سڀني جي سماجي ۽ اخلاقي ضرورت پڻ آهي، جنهن تي عمل ڪرڻ اسان سڀني جو فرض آهي.

________________

صحافي نادر مائري لاڙڪاڻي ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button