Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيالائيف اسٽائيل

مِٺن شربتن جو باقاعده استعمال ذيابيطس جي خطري کي 30 سيڪڙو تائين وڌائي ٿو

مٺا شربت پاڪستان ۾ کنڊ جي استعمال جو سڀ کان وڏو ذريعو آهن. پاڪستان ۾ ھر 10 مان 3 ماڻھو ذيابيطس جا مريض آھن

ذيابيطس جي عالمي ڏينھن تي ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ ماهرن الٽرا پروسيسڊ پروڊڪٽس (UPPs) کي ذيابطيس، ٿولھ ۽ ٻين غير متعدي بيمارين جي پکيڙ جو بنيادي سبب قرار ڏيندي اھڙين شين تي ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز ڏني

حيدرآباد

ماھرن جو چوڻ آھي تہ مِٺن شربتن جو باقاعده استعمال ذيابيطس جي خطري کي 30 سيڪڙو تائين وڌائي ٿو ڇو تہ مٺا شربت پاڪستان ۾ کنڊ جي استعمال جو سڀ کان وڏو ذريعو آهن. سندن چوڻ موجب پاڪستان ۾ ھر 10 مان 3 ماڻھو ذيابيطس جا مريض آھن.  

ذيابيطس جي عالمي ڏينھن تي ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ ماهرن الٽرا پروسيسڊ پروڊڪٽس (UPPs) کي ذيابطيس، ٿولھ ۽ ٻين غير متعدي بيمارين جي پکيڙ جو بنيادي سبب قرار ڏيندي اھڙين شين تي ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز ڏني.

ذيابطيس جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ايشيئن انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز حيدرآباد ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي بايو ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ جي گڏيل سھڪار سان ڇنڇر ڏينھن ھتان جي ھڪ هوٽل ۾ ٻي بين الاقوامي ذيابطيس ڪانفرنس  ڪوٺائي وئي ھئي۔

ڪانفرنس ۾ ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي، سرڪاري آفيسرن، صحتِ جي ماهرن، استادن ۽ وڏي تعداد ۾ شاگردن شرڪت ڪئي۔ مهمانِ خاص ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي خطاب ڪندي چيو ته ذيابطيس جي حوالي سان سماج ۽ پبلڪ هيلٿ ادارن کي آگاهي ڏيڻ ضروري آهي ته جيئن اسان وڌ کان وڌ ماڻهن تائين اهو پيغام پهچائي سگهون ته هي بيماري هڪ خاموش قاتل آهي۔اھو ئي واحد حل آهي جنهن سان اسان هن وڌندڙ بيماري کي روڪي سگهون ٿا۔

هن چيو ته مان ڊويزنل انتظاميا جي پليٽ فارم تان پنهنجون خدمتون پيش ڪريان ٿو  اچو تہ پوليو جي طرز تي هڪ ڊويزنل ٽاسڪ فورس ٺاهيون۔ جيئن پوليو جي خاتمي لاءِ ۽ روٽين اميونائيزيشن لاءِ ٽاسڪ فورس آهي، ساڳي طرح اسان کي ڊويزنل سطح تي هڪ ٽاسڪ فورس ٺاهڻ گهرجي جنهن ۾ سرڪاري ۽ نجي ادارن جا نمائندا ۽ سمورا اسٽيڪ هولڊر شامل هجن ۽ ان جو آغاز اسڪولن ۾ آگاهي مهم سان ڪري سگهجي ٿو۔

ڪمشنر وڌيڪ چيو ته هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ جي حيثيت سان ۽ پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي حيثيت ۾ توهان سڀني کي هن ڪانفرنس جو سفير ٿيڻو آهي ۽ هي پيغام معاشري ۽ عوام تائين پهچائڻو آهي ته جيئن اهي هن وبا بابت وڌيڪ آگاهي حاصل ڪري سگهن.

سنڌ  يونيورسٽي جي بايو ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ جي سربراهه ڊاڪٽر سيد افشين شاهه خطاب ڪندي چيو ته هن ڪانفرنس ۾ نه رڳو سنڌ جي يونيورسٽين پر راولپنڊي ۽ ٻين صوبن مان آيل محققن به شرڪت ڪري ذيابطيس جي حوالي سان پنهنجون تحقيقاتي رپورٽون پيش ڪيون آهن، اهي ڪوششون محققن کي گڏ ڪرڻ ۽ ذيابطيس جي پيچيدگين جا حل ڳولهڻ ۾ مدد ڏينديون ته جيئن علاج جا بهتر طريقا طئي ڪري سگهجن۔

هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ جتي ڪاربو هائيڊريٽس ۽ فزي ڊرنڪس جو استعمال روزمره جو معمول بڻجي چڪو آهي ضروري آهي ته ذيابطيس جي حل بابت جامع بحث ڪيو وڃي۔ هن وڌيڪ چيو ته مختلف اي آءِ ٽولز به متعارف ڪرايا ويا آهن جيڪي ذيابطيس جي پيچيدگين جي سڃاڻپ ۽ مجموعي صورتحال جي تجزيي ۾ مددگار ٿي سگهن ٿا۔

تقريب جي ميزبان ۽ ايشيئن انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز حيدرآباد جي ڪلينڪل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر صادق ميمن چيو ته پاڪستان ۾ ذيابطيس جي صورتحال تمام خراب ٿي چڪي آهي۔ هر 10 مان 3 ماڻهو هن بيماري ۾ مبتلا آهن جڏهن ته مريضن جو تعداد ساڍا 3 ڪروڙ کان وڌي چڪو آهي۔هن چيو ته غير متوازن خوراڪ، گهٽ جسماني سرگرمي، وزن ۾ واڌ ۽ ورزش جو خاتمو هن وبا جا بنيادي سبب آهن، تنهنڪري خوراڪ ۾ اعتدال ۽ مقدار تي ضابطو انتهائي ضروري آهي۔

ڪانفرنس ۾ پروفيسر ڊاڪٽر حسين بخش ڪولاچي، ڊاڪٽر عزيزالرحمٰن، ڊاڪٽر عائشہ شيخ (صدر پاڪستان ذيابطيس سوسائٽي) ۽ وڊيو لنڪ وسيلي پروفيسر ڊاڪٽر عبدالباسط سميت ٻين ماهرن پڻ خطاب ڪيو۔ماهرن الٽرا پروسيسڊ پروڊڪٽس (UPPs) کي ذيابطيس، ٿولھ ۽ ٻين غير متعدي بيمارين جي پکيڙ جو بنيادي سبب قرار ڏنو۔

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته UPPs تي ٽيڪس ۾ اضافو ڪيو وڃي۔ ماهرن خبردار ڪيو ته مٺا شربت پاڪستان ۾ کنڊ جي استعمال جو سڀ کان وڏو ذريعو آهن ۽ انهن جو باقاعده استعمال ذيابطيس جي خطري کي 30 سيڪڙو تائين وڌائي ٿو۔ ماھرن موجب مؤثر ٽيڪسيشن پاليسي سان هي رجحان نمايان گهٽجي سگهي ٿو۔تقريب جي آخر ۾ شرڪت ڪندڙن ۽ ڊاڪٽرن کي شيلڊون ڏنيون ويون۔ (پريس رليز)

__________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button