Editor's pickMain Slideاوڀر ايشياڏکڻ ايشياڪالم

۱۱ نومبر ۱۹۳۸ ، جڏھن سنڌ جو عظيم محسن آرڪيالاجسٽ مُجمدار شھيد ڪيو ويو

بنگال ڄائو آرڪيالاجسٽ نُوني گوپال مُجمدار دادوءَ جي ڪاڇي واري علائقي ۾ روحيل ڪنڊ تي جڏھن پنھنجي کوجنا ۾ مشغول ھو تہ ڌاڙيلن کيس زر جي لالچ ۾ شھيد ڪري وڌو.

ھُن سنڌ جي 64 ماڳن جي کوٽائي ڪري سنڌ جي تاريخ ھزارين سالن تائين پھچائي ۽ کوڙ اھڙا ماڳ ڳولھيا جيڪي تاريخ کان اڳ جا ھئا.

سيد علي شاهہ لڪياري

گورک جابلو سلسلي جي تاريخ ۽ جھنگلي جيوت تي رٿيل پروگرام ۾ مون کي بہ گھرايو ويو ھو جنھن ۾ مون اھو چيو ھو تہ ھي تہ ڇا پر ھن علائقي ۾ جيڪو بہ پروگرام ٿئي اھو قديم آثارن جي شهيدِ اول نُوني گوپال مُجمدار جي نانُ ڪيو وڃي جنھن سنڌ کي عظيم سنڌ ثابت ڪندي ڪندي پاڻ شھادت جو جام پيتو ……

سائين مجمدار ھماليہ جيڏو قد ۽ کيرٿر جھڙي دل رکندڙ ۱ ڊسمبر ۱۸۹۷ بنگال ۾ پيدا ٿيو. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ساڳئي ڪلڪتي ورسٽيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو پر چئن سالن بعد ۱۹۲۴ ۾ راجشاھي عجائب گھر ۾ Curator مقرر ٿيو. ڪجھ ٻولين ۽ سِڪن جي علم سان گڏ آثارن جو بہ شوقين ھو جو جان مارشل ۽ سائين مئڪي صاحب سان پڻ ڪم ڪيائين (مئڪي صاحب جي ڪيل ڪم تي مون پڻ ھڪ آمريڪا جي کوجنائي عورت سان گڏ ڪم ڪيو آھي) ۽ بعد ۾ کيس آثارن جو سپرنٽينڊنٽ ڪري رکيو ويو. جلد ئي سنڌ ۾ کوجنا جي لاءِ کيس موڪليو ويو جيڪو ھن لاڙڪاڻي واري جھڪر جي دڙي کان شروع ڪيو. ان سياري واري کوجنا جو ھن پنھنجي قيمتي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آھي. انھيءَ کانپوءِ وري سالن تائين کيس اجازت نہ ملي يا پئسن جي کوٽ ڪري کوجنا نہ ٿي پر ۱۹۳۸ جي آڪٽوبر ۾ ھن ٻيھر ڪم شروع ڪيو ۽ ڪاڇي جي علائقي دادو جي اولھ ۾ روحيل ڪنڊ تي جڏھن پنھنجي کوجنا ۾ مشغول ھو تہ ڌاڙيلن کيس زر جي لالچ ۾ شھيد ڪري وڌو. جنھن سامان ۽ ٺڪر کي ڏسي کيس شھيد ڪيو ويو ھو اھو سامان ئي ھو جنھن سان شايد اسان جي تاريخ ھزارين سال وڌيڪ قديم ٿي وڃي ھا، پر افسوس جو ۱۱ نومبر ۱۹۳۸ تي کيس شھيد ڪري سنڌ جي تاريخ کي وسعت ڏيڻ کان روڪيو ويو.

مُجمدار صاحب ۴۱ سالن جي عمر ۾ شھادت جو جام پيتو پر ھُن سنڌ جي 64 ماڳن جي کوٽائي ڪري سنڌ جي تاريخ ھزارين سالن تائين پھچائي ۽ کوڙ اھڙا ماڳ ڳولھيا جيڪي تاريخ کان اڳ جا ھئا. ھن اتر سنڌ کان جيڪا کوجنا شروع ڪئي اھا اولھ سنڌ کان ٿيندي وري ڏکڻ سنڌ تائين پھتي. وري ھن سنڌو درياءَ جي کاٻي پاسي کوجنا شروع ڪئي ۽ جتان جتان لنگھيو اتان اتان سنڌ جا دڙا کوٽيندو سنڌ جي عظمت کي چار چنڊ لڳائيندو ويو پر بدقسمتيءَ سان ھو گھڻو وقت تحقيق ڪري نہ سگھيو ۽ ڪجھ نڀاڳن ماڻھن ھٿان شھيد ٿي ويو. ھن طرفان مليل ڪتاب Exploration in Sindh سون جي پاڻي سان لکيو وڃي تہ بہ ان جي اھميت کي پڄي نہ سگھبو.

________________

سيد علي شاھ لڪياري آرڪيالاجسٽ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button