Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سنڌ ۾ معصوميت جو قتل ۽ ضمير جي خاموشي: ظلم ۽ بربريت خلاف ماٺ ڇو؟

سنڌ جي هر ضلعي، هر شهر، هر ڳوٺ ۾ معصوميت جو خُون ٿي رھيو آهي ۽ اسان جو ضمير چُپ آهي. اسان جو معاشرو اهڙي بي حسيءَ ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، جتي ظلم تي ڳالهائڻ به وقت ضائع ڪرڻ سمجهيو وڃي ٿو

حڪومتون، ادارا ۽ قانون ڪنن کان ٻوڙا ۽ اکين کان انڌا ٿي ويا آهن. پوليس فائيل ڀريندي آهي، عدالتون سالن جون تاريخون ڏينديون آهن، پر انصاف نه ٿو ملي ۽ ظالم آزاد گهمن ٿا

عرفان سنڌي

سنڌ جي ڌرتي، جيڪا ڪنھن وقت محبت، رواداري ۽ انسانيت جي علامت سڏبي هئي، اڄ رت سان رنگجي وئي آهي. هيءَ ساڳي ڌرتي آهي، جتي لطيف سرڪار، سچل سرمست، ۽ سامي جهڙا بزرگ انسانيت جو درس ڏيندا هئا، پر اڄ انهي ڌرتيءَ تي هر روز ڪنهن نه ڪنهن معصوم جي چچريل لاش سان انسانيت جو جنازو ڪڍيو وڃي ٿي. ڪڏهن ڪا نينگري مدرسن جي اندرين اونداهين ۾ عزت وڃائي ٿي، ته ڪڏهن ڪو نينگر اسڪول يا پاڙي جي ڪنهن ظالم جي ھوس جو شڪار ٿئي ٿو. ڪڏهن ڪنهن ٻار جو لاش کوه مان ملي ٿو، ته ڪڏهن ڪنهن معصوم جي لاش تي ظلم جا نشان صاف ڏسڻ ۾ اچن ٿا. سنڌ جي هر ضلعي ۾، هر شهر ۾، هر ڳوٺ ۾، معصوميت جو خُون ٿي رھيو آهي ۽ اسان جو ضمير چُپ آهي. اسان جو معاشرو اهڙي بي حسيءَ ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، جتي ظلم تي ڳالهائڻ به وقت ضائع ڪرڻ سمجهيو وڃي ٿو. ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي ڌرتي اهڙي نه هئي. هتي جڏهن ڪنهن تي ظلم ٿيندو هو، ته سڄو ڳوٺ، سڄو شهر، سڄو وطن اُٿي پوندو هو. پر هاڻي اسان جو شعور ستل ، ۽ ضمير مُئل آهي، ۽ خوف اسان تي غالب اچي ويو آهي.

جو ظلم ڏسندي ٿيو چپ،

سو به شريڪِ ظلم آهي.

۽ اڄ اسين سڀ ان ظلم جا شريڪ آهيون، ڇاڪاڻ⁠تہ اسين خاموش آهيون. جڏهن ڪنهن نينگريءَ سان زيادتي ٿئي ٿي، ته اسين افسوس جو اظهار ڪري اڳتي وڌي وڃون ٿا. جڏهن ڪنهن نينگر جي لاش جي تصوير سوشل ميڊيا تي اچي ٿي، ته اسين صرف پوسٽ شيئر ڪري پاڻ کي مطمئن ڪريون ٿا. پر اهو ضمير جو جاڳڻ نه، پر هڪ عارضي ردعمل آهي، جيڪو ايندڙ خبر تائين محدود آهي.

سنڌ جي زمين تي معصوميت جو رت رُت بڻجي ويو آهي، پر حڪومتون، ادارا ۽ قانون ڄڻ ته ڪنن کان ٻوڙا ۽ اکين کان انڌا ٿي ويا آهن. پوليس فائيل ڀريندي آهي، عدالتون سالن جون تاريخون ڏينديون آهن، پر انصاف نه ٿو ملي. ۽ ظالم آزاد گهمن ٿا،

ظلم خلاف خاموشي سڀ کان وڏو گناهه آهي.  اسان جو خاموش رهڻ ئي ظلم کي طاقت ڏئي رهيو آهي. اسان جا قلمڪار، اسان جا صحافي، اسان جا دانشور، اسان جا استاد  به خاموش آهن. جڏهن ڪنهن معصوم سان زيادتي ٿئي ٿي، ته سڀ چون ٿا انصاف ملندو پر اهو انصاف ڪڏهن به نٿو اچي.

اسان کي اهو سوچي ڏک ٿئي ٿو ته اڄ به سنڌ ۾ هڪ ماءُ پنهنجي نينگريءَ جي لاش تي روئي ٿي، هڪ پيءُ پنهنجي پٽ جي قبر تي ويهي انصاف جي اميد رکي ٿو، پر رياست جا ڪن ٻوڙا  آهن. اڄ جي سنڌ ۾ انصاف نه، پر خوف وڪامجي ٿو، قانون نه، پر لاچاري هلندي آهي.

مدرسن ۽ اسڪولن ۾، جتي معصوم ٻارن کي علم، ادب ۽ اخلاق ملڻ گهرجي ها، اتي انهن کي ظلم، ھوس ۽ موت ملي ٿو. ڇا اها ئي تعليم آهي، جنهن جو نعرو ھنيو ويندو آهي؟ ڇا انهن کي استاد سڏي سگھجي ٿو؟

اسان جو سماج ڏسڻ ۾ ته مسلمان، پر عمل ۾ بي حس ٿي ويو آهي. جڏهن ڪنهن سان ظلم ٿئي ٿو، ته ماڻهن جون ڪئميرائون کلي وڃن ٿيون، پر زبانون بند رهن ٿيون. هر ماڻهو چاهي ٿو ته ڪو ٻيو ڳالهائي، پر پاڻ نه ڳالهائي. ۽ اها ئي سوچ ظلم کي وڌيڪ طاقتور بڻائي ٿي.

اهي سڀ واقعا، جيڪي اڄ هر ضلعي ۾ ورجائجن ٿا، اهو ظاهر ڪن ٿا ته اسان جو نظام مئل آهي، ۽ اسان جو ضمير به. اڄ قلم وارن کي لکڻو آهي، آواز وارن کي ڳالهائڻو آهي، ۽ دل وارن کي اٿڻو آهي. جيڪڏهن اسان اڄ به خاموش رهياسين، ته ايندڙ نسل اسان کان سوال ڪندو ته توهان جو قلم ڪٿي هو؟ توهان جو ضمير ڪٿي هو؟

اسان کي پنهنجو معاشرو نئين سر اڏڻ جي ضرورت آهي، جتي هر ماءُ محفوظ هجي، هر ٻار محفوظ هجي، ۽ هر انسان جي عزت مقدس هجي. هر استاد، هر امام، هر پوليس آفيسر، هر صحافي ۽ هر ليکڪ کي پنهنجي ذميواري محسوس ڪرڻي پوندي. ڇو⁠تہ جيڪڏهن اسان سڀ چپ رهياسين، ته ظلم جي تاريخ لکجندي، ۽ اسان جا نالا خاموشيءَ جي مجرمن ۾ لکبا.

هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جا قلمڪار، شاعر، اديب ۽ فڪر وارا ماڻهو گڏ ٿي، معصوميت جي حفاظت لاءِ جدوجهد ڪن. نه رڳو لفظن سان، پر عمل سان، شعور سان، ۽ اتحاد سان. سنڌ کي ٻيهر انسانيت جي ڌرتي بڻائڻو آهي، جتي ڪو به معصوم خوف ۾ نه جيئي.

اسان کي خاموش ٻُوٿ نه، پر حوصلي واريون زبانون گهرجن. اهو قلم جيڪو ظلم تي نه لکي، اهو قلم زنجير ۾ جڪڙيل آهي. اها زبان جيڪا ظلم تي نه کلي، اها زبان بيوس آهي.

اسان کي پنهنجي معصوميت بچائڻي آهي، پنهنجو ضمير بچائڻو آهي، پنهنجي ڌرتيءَ جو چهرو بچائڻو آهي. اڄ جي خاموشي سڀاڻي جي تباهي بڻجي سگهي ٿي. وقت آهي، ته اسان جا قلم، اسان جا ضمير، ۽ اسان جون دليون جاڳن، ته جيئن سنڌ جي هر ماءُ جي ٻار جي مرڪ واپس اچي سگهي.

______________

Irfan Sindhi-TheAsiaN

عرفان سنڌي فري لانس ليکڪ آھي ۽ ڪوٽڙيءَ ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button