Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

شي چن پنگ: چين جي موجودہ صدر کي ست سال ٻنين ۾ ڪم ڪرڻو پيو ھو

شي چن پنگ ھڪ ڏورانھين ڳوٺ جي زمينن جي کيڙي ڪئي، پاڻي واريو ۽ ٻني ٻاري جا ٻيا ڪم ڪيا، کيس رهائش لاءِ هڪ غار ڏنو ويو، جتي مڇرن ۽ ٻين جيتن جي ڪثرت هئي

سندس پيءُ مائوزيتنگ جو ويجھو ساٿي ھو ۽ نائب وزيراعظم جو عھدو بہ ماڻيائين پر پوءِ کيس عھدن تان ھٽائي جيل موڪليو ويو ۽ سندس پُٽ کي ٻنين تي ڪم ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو

چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان

يوسف سنڌي   

نيپولين بونا پارٽ هڪ ڀيري چيو هو ته، ”چين هڪ سُتل شينھن آهي، چڱائي ان ۾ آهي ته اهو سُتل ئي رهي، ڇو ته جيڪڏهن اهو جاڳيو ته سڄي دنيا کي لوڏي ڇڏيندو.“ هينئر چين جاڳي چڪو آهي ۽ ترقيءَ جون جيڪي منزلون طئہ ڪري رهيو آهي، ان تي چين جا دوست ۽ دشمن ٻئي حيران آهن. ايندڙ سالن ۾ چين ترقي ۽ خوشحاليءَ جون اڃا به وڌيڪ منزلون طئہ ڪندو رهندو. ان تصور کي عملي جامو پارائڻ ۾ چين جي هاڻوڪي صدر شي چن پنگ جو وڏو ڪردار آهي. برطانيا جي مشھور رسالي اڪنامسٽ پنھنجي هڪ اشاعت ۾ چيني صدر کي دنيا جو سڀ کان طاقتور حڪمران قرار ڏنو آهي. ان اعزاز ڏيڻ جا به سبب آهن ته صدر شي چن پنگ اهڙي وقت ۾ چين جي قيادت ڪري رهيو آهي، جڏهن اهو دنيا جو سڀني کان سگهارو ملڪ بڻجڻ وارو آهي.

صدر شي چن پنگ جي پيءُ شي زونگ چن جو شمار چين جي طاقتور سياسي شخصيت ۾ ٿيندو هو. هن مائوزي تنگ سان گڏجي آزادي جي جنگ وڙهي هئي. 1949ع ۾ عوامي جمھوريه چين جو قيام عمل ۾ آيو ته شي زونگ چن کي اهم عھدن تي مقرر ڪيو ويو. 1963ع ۾ هُو نائب وزيراعظم جي عھدي تي پھچي ويو ۽ وزيراعظم چو اين لاءِ به اهم معاملن ۾ کانئس صلاحون وٺندو هو، پر انهن ڏينھن جڏهن اهو ڦاٽ ڦاٽو ته شي زونگ جا مائوزي تنگ جي مخالفن سان رابطا آهن ته کيس سڀني اعلي عھدن تان هٽائي هڪ ٽريڪٽر ڪمپنيءَ جو ڊپٽي مئنيجر مقرر ڪيو ويو. ان وقت سندس چوٿين نمبر پٽ شي چن پنگ جي عمر 10 سال هئي. اهو پٽ جنھن کي مستقبل ۾ چين جو صدر بنجڻو هو، اهو 1963ع جو سال هو.

چن پنگ سميت زونگ جي سڀني ٻارن جي پالنا وڏي ناز ۽ سکئي نموني ٿي هئي. سندس رهائش بيجنگ جي پوش علائقي ۾ هئي، جتي چيني حڪومت جا ٻيا وزير ۽ اعلي عھديدار رهندا هئا. معتوب بڻجڻ سان شي زونگ کان سڀ سھولتون کسجي ويون ۽ هاڻ هو هڪ عام گهر ۾ رهڻ لڳو. 1966ع ۾ مائوزي تنگ جي اڳواڻيءَ ۾ ثقافتي انقلاب جي شروعات ڪئي وئي، جنھن جو مقصد چيني معاشري مان سرمائيداراڻي، جاگيرداراڻي ۽ روايتي ريتن رسمن جي اثر کي ختم ڪرڻ هو. جيئن ته شي زونگ جو واسطو زميندار ڪُٽنب سان هو، تنھن ڪري هُو به ثقافتي انقلاب جو نشانو بڻيو۽ کيس ڊپٽي مئنيجريءَ تان لاهي جيل ۾ واڙيو ويو.

مائوزي تنگ چاهيو ٿي ته امير مائٽن جو اولاد ٻنين ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪري، جيئن هو اُن ڳالهه کان واقف ٿي سگهن ته هاري ۽ مزدور ڪھڙيون ٿا تڪليفون برداشت ڪن، تنھن ڪري پندرنھن سالن جي ’شي چن پنگ‘ کي به چين جي هڪ ڏورانھين ڳوٺ ’ليانگ جاهي‘ موڪليو ويو، جتي شي چن پنگ ستن سالن تائين ٻنين ۾ ڪم ڪيو، کيڙي ڪئي، پاڻي واريو ۽ ٻني ٻاري سان وابسته ٻيا ڪم ڪيا، کيس رهائش لاءِ هڪ غار ڏنو ويو، جتي مڇرن ۽ ٻين جيتن جي ڪثرت هئي. شروع ۾ هو ڪم جي سختيءَ جي ڪري اتان ڀڄي بيجنگ پنھنجي امڙ وٽ هليو ويو، پر پوليس کيس گرفتار ڪري واپس ليانگجاهي موڪلي ڇڏيو، جتي نيٺ هن پاڻ کي ماحول سان هيرائي ڇڏيو. اڄ احساس ٿئي ٿو ته دنيا ۾ تمام گهٽ اهڙا حڪمران آهن، جن چيني صدر وانگر عام هارين جيان پورهيو ڪيو ۽ هڪ غار ۾ رهندي ڪيترائي سال گذاريا. انهن ڏينھن جو ذڪر ڪندي صدر شي جن پنگ چوي ٿو ته ”ليانگ جاهي جي غار ۾ ئي سندس ذهني نشو ونما ٿي. سندس مڇرن سان ڀريل ان غار ۾ ٽي ساٿي گڏجي رهندا هئا، انهن مان هڪ ماليو هوشنگ اڄ به هاري آهي.“ هو ٻڌائي ٿو ته ”ان زماني ۾ دال، ڏارو، ۽ جڙي ٻوٽيون اسان جي خوراڪ هوندي هئي، دراصل انسان جڏهن بُکيو هوندو آهي ته پوءِ کيس اها پرواهه نه هوندي آهي ته هو ڇا پيو کائي.“

رات جو غار ۾ جڏهن لالٽين ٻرندي هئي ته شي چن پنگ مطالعو ڪرڻ لڳندو هو، وٽس پڙهڻ لاءِ اخبار يا مائوءَ جا قول ئي هوندا هئا. سندس دوست ٻڌائين ٿا ته ان وقت به شي چن پنگ هڪ سنجيده نوجوان هو، راندروند ۽ ڇوڪرين ۾ دلچسپي نه وٺندو هو، البته کيس سياست سان دلچسپي هوندي هئي.

جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي ته سخت ڳوٺاڻي زندگيءَ کان گهٻرائجي شي چن پنگ بيجنگ ڀڄي ويو هو، جتي کيس ريڊ گارڊس جهلي ورتو، هو پنھنجي يادگيرين ۾ لکي ٿو ته ”هڪ گارڊ مون کان پُڇيو ته ٻڌاءِ ته تنھنجي نظر ۾ تنھنجا ڏوهه ڪيڏا وڏا آهن؟“ مون وراڻيو، ”اهو تون ئي حساب لڳاءِ، ڇا اهي ايترا وڏا آهن جو مون کي ڦاسي ڏني وڃي.“ ته گارڊ چيو ”اهي ايڏا ته وڏا آهن جو توکي سؤ ڀيرا ڦاسي ڏئي سگهون ٿا.“ جنھن تي مون وراڻيو ته ”اوهين هڪ ڀيرو ڦاسي ڏيو يا ٻه سؤ ڀيرا مون کي ته هڪ ئي ڀيري ۾ مري وڃڻو آهي.“

چيني صدر جا هم عمر ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اهو مڃين ٿا ته ثقافتي انقلاب جي دوران سندن تعليم رڪجي وئي ۽ کين ٻنين يا ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻو پيو، پر ان دوران کين هڪ فائدو اهو ٿيو ته کين پنھنجي عقل ۽ ڏاهپ جي سھاري پنھنجن پيرن تي بيھڻ جو گُر اچي ويو، هو جذباتي طور تي سگهارا ٿي ويا ۽ آزادانه سوچ جا مالڪ به آهن. شي چن پنگ جو چوڻ آهي ته هو صبر ۽ سڪون سان ٻئي جو نقطه نظر ٻڌي ٿو، پوءِ ڀلي ان تي عمل ڪري يا نه، اهو گُڻ ڳوٺاڻي زندگيءَ جو تحفو آهي.

1974ع ۾ سندس پيءُ کي آزاد ڪري کيس ’گو انگ ڊونگ‘ صوبي جو گورنر مقرر ڪيو ويو، جنھن جو مطلب هو ته شي زونگ کي سڀني اڳ نه ڪيل ڏوهن جي معافي ڏني وئي آهي. پيءُ کي طاقت ملي ته قدرتي طور تي پُٽ جي ترقي جون راهون کليون. نوجوان شي چن پنگ ذهين، محنتي ۽ قابل ته هو ئي، تنھن ڪري هو تيزيءَ سان ترقيءَ جا ڏاڪا چڙهڻ لڳو. شي چن پنگ 1975ع کان 1979ع تائين بيجنگ جي انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ مان ڪيميڪل انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪئي. 2007ع ۾ کيس ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اعلي ترين اداري پولٽ بيورو جو ميمبر بڻايو ويو، ان ۾ پنگ جو درجو مٿانھون هو، جيڪا ان ڳالهه جي علامت هئي ته ايندڙ اجلاس ۾ هو صدر به چونڊجي سگهجي ٿو. اها اڳڪٿي صحيح ثابت ٿي ۽ 14 مارچ 2012ع تي کيس چين جو ستون صدر چونڊيو ويو، جيڪو يقينن ان ڇوڪري جي ترقيءَ جو معراج هو، جيڪو ڪنھن وقت ميرا پراڻا ڪپڙا پائي ٻني ٻاري جي ڪم ۾ لڳل رهندو هو ۽ هڪ غار ۾ رهندو هو. ان وقت ڪنھن جي خواب ۽ خيال ۾ به نه هو ته هي ڇوڪرو هڪ ڏينھن پنھنجي ملڪ جو صدر بڻجندو.

جڏهن شي چن پنگ صدر چونڊيو ويو ته دنيا وارن کي ته ڇڏيو، پر چين ۾ به تمام گهٽ ماڻهن کي سندس باري ۾ خبر هئي. ان جو سبب اهو هو ته اڳ ۾ ڪڏهن به ڪنھن اعلي عھدي جھڙوڪ وزير خارجه يا وزيراعظم جھڙي عھدي تي نه رهيو هو، منجهس پاڻ پڏائڻ جي عادت به نه هئي، تنھنڪري عام چينين هن جي تقرير کي حيرت ۽ تعجب سان ٻڌو. کين خبر نه هئي ته کين خوشقسمتيءَ سان هڪ انقلابي اڳواڻ ملي ويو آهي. سندس ان تقرير جو گهڻو تڻو حصو ٻن نقطن غربت ۽ ڪرپشن جي خاتمي بابت هو، هن عوام کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن معاشري مان غربت ۽ ڪرپشن ختم نه ڪئي وئي ته ملڪ جي بقا کي به خطرو ٿي سگهي ٿو. صدر بڻجڻ کان ڪجهه هفتا پوءِ صدر پنگ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ملڪ گير سطح تي مھم جي شروعات ڪئي. گذريل سالن ۾ ان مھم ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي وئي آهي ۽ بنا ڪنھن فرق جي سڀني کي قانون جي دائري ۾ آندو ويو آهي، جنھن ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۽ حڪومت جا ڪيترائي عھديدار ۽ عملدار به شامل آهن.

شي چن پنگ، واحد چيني اڳواڻ آهي، جنھن جو جنم چين جي آزاديءَ واري سال 1949ع ۾ ٿيو. شي چن پنگ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ نوَ ڀيرا ڪوشش ڪئي، پر سندس خانداني پسمنظر ۽ جيل جي سزائن جي ڪري سندس درخواستون رد ڪيون وينديون هيون. نيٺ ڏهين ڀيري ڪوشش کان پوءِ کيس 1973ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ميمبرشپ ملي.

مائوزي تنگ جي وفات کان پوءِ ڊينگ زيائو پنگ اقتدار ۾ آيو ته هن پنھنجي دوست ’شي زونگ‘ جي پٽ ’شي چن پنگ‘ کي ’گينگ بيائو‘ سان ڪم ڪرڻ جي لاءِ نوڪري ڏياري، جيڪو سينٽرل ملٽري ڪميشن جو اهم اڳواڻ ۽ پولٽ بيورو جو ميمبر هو.

شي، هن سان گڏ چئن سالن تائين سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان ڪم ڪيو ۽ فوج جي اندر ’شي‘ جا بنياد مضبوط ٿيا جنھن جو مستقل ۾ شي کي فائدو ٿيو. 1992ع ۾ شي فوج بدران سويلين شعبي ڏانھن وڃڻ جو فيصلو ڪيو، جيتوڻيڪ طاقت بندوق سان ملي ٿي. شي پنھنجي تعليم به جاري رکي ۽ قانون ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي. هن مشھور گلوڪارا پنگ سان شادي ڪئي. ان وقت سياسي طور تي شي مشھور نه هو، پر سندس سڃاڻپ گلوڪارا پنگ جي مڙس جي ڪري هئي. شي فوجان ۾ سورهن سال گذاريا. 2012ع ۾ شي چن پنگ، هوجنتائو جي رٽائرمينٽ کان پوءِ چين جو سربراهه مقرر ٿيو. هوجنتائو ئي شي کي پنھنجو جانشين مقرر ڪيو.

شي چن پنگ جي ٽيم ۾ لي ڪي تيانگ، وانگ فشان ۽ يوزينگ شن شامل هئا. چين هوجنتائو جي دور ۾ بي مثال معاشي ترقي ڪئي ۽ غريب ملڪ مان دنيا جو امير ملڪ بنجي ويو. 1980ع کان وٺي 2010ع تائين ٽن ڏھاڪن جي دوران چين دنيا جي ٻيو نمبر وڏي معاشي طاقت بنجي ويو. شي، چين جي لاءِ عظيم ڪارنامو سرانجام ڏيڻ ٿي گهريو، جنھن لاءِ سگهاري پارٽي ۽ ذاتي اختيارن جي گهرج هئي. ڪرپشن جي خلاف اثرائتي مھم سان عوام ۾ عزت ۽ احترام حاصل ڪري سگهيو ٿي، عوام، پارٽي عملدارن بابت ڪرپشن جي ڪھاڻين سبب گهڻو پريشان هو. عملدارن کي عوام جي خدمت جو ڪو احساس نه هو. ٽن ڏھاڪن دوران طاقتور عملدار ۽ سندن مٽ مائٽ تمام گهڻو امير ٿي ويا هئا. جڏهن ته عوام مشڪلات جو شڪار ٿيندو ويو، شي چن پنگ چيني قوم کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڪرپشن جي شينھن تي هٿ نه وڌو ويو ته پارٽي ۽ رياست ٻيئي برباد ٿي وينديون. شي وڏي همت ۽ حوصلي سان ڪرپشن جي خلاف مھم هلائي ۽ ڪرپٽ عنصرن کي سزائون مليون. شي چن پنگ، مائوزي تنگ کان پوءِ چين جو طاقتور اڳواڻ بنجي ويو. شي کي مارڻ لاءِ به ڪيترائي ڀيرا قاتلانه حملا ڪيا ويا، پر هو محفوظ رهيو. شي جهُڪڻ ۽ ڊڄڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڪرپشن جي خلاف ثابت قدميءَ سان بيٺل رهيو.

شي چن پنگ انساني تاريخ جي عظيم الشان ون بيلٽ روڊ (بي. آر. آئي) جي رٿ پيش ڪري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. انفراسٽرڪچر جي ان رٿا وسيلي ايشيا، يورپ ۽ آفريقا جي شاهراهن، سامونڊي رستن، ايئرپورٽن، پُلين کي پاڻ ۾ ڳنڍڻو هو.

بيلٽ اينڊ روڊ رٿا ۾ پورٽ اينڊ ايئرپورٽ، قاهرا نيو ايڊمنسٽريٽو ڪيپٽل، ايٿوپيا، ڪينيا، سوڊان ريلوي لنڪ، چين مان برطانيا ريلوي سروس، ان کان سواءِ اهم هنڌن تي بندرگاهن جي اڏاوت جنھن کي ’موتين جي تار‘ (String of pearls) قرار ڏنو ويو آهي. انهن بندرگاهن ۾ گوادر پورٽ پاڪستان، سريلنڪا بندرگاهه، چٽگانگ پورٽ، بنگلاديش، ميامر پورٽ، ڪوڪو آئلينڊ ۾ چائنا ملٽري بيس شامل آهن. هڪ اندازي موجب بيلٽ اينڊ روڊ رٿا جي لاڳت 20 ٽريلين ڊالرن کان به وڌي ويندي. ان رٿا کان پوءِ دنيا جا 65 ملڪ ۽ اسي سيڪڙو آبادي پاڻ ۾ ڳنڍجي ويندا.

1992ع کان وٺي 2018ع تائين هڪ اڳواڻ ٻن ڀيرن کان وڌيڪ صدر بنجي نه ٿي سگهيو، جيانگ زمن ۽ هوجنتائو ٻه ٻه ڀيرا صدر رهيا. پر 2018ع ۾ اها ترميم ڪري اها پابندي ختم ڪئي ويئي ۽ مارچ 2023ع ۾ شي چن پنگ ٽيون ڀيرو صدارت جي عھدي تي مقرر ٿيو ۽ چين جي تاريخ ۾ هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪيو. شي چن پنگ 1999ع کان 2000ع تائين فوجان صوبي جو گورنر رهيو، 2007ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي پولٽ بيورو جو ميمبر نامزد ٿيو. 2008ع کان 2012ع تائين چين جو نائب صدر رهيو ۽ 2012ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري جنرل ۽ پھريون ڀيرو چين جو صدر مقرر ٿيو.

_______________

Yousif Sindhi-China-TheAsiaN

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھُو اڄڪلھ چين ۾ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button