قانون، تھذيب ۽ مفاهـمت جو فن: قانون کي نه مقدس بُت بڻايو، نه ئي ڌاريو چئي رد ڪريو
قرآن جو اصول — “جيڪو سٺو آهي سو اختيار ڪريو، جيڪو بُرو آهي سو ڇڏي ڏيو” — رڳو فرد لاءِ نه، پر تهذيبن لاءِ به آهي۔ جيڪڏهن جديد سماج هن اصول تي هلن ته هُو ٻاهرين ادارن کي قبول ڪري به پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکي سگهن ٿا۔
اسان جي خطي جو قانوني ڍانچو برطانوي راج کان ورثي ۾ مليو۔ هندستاني تعزيرات جو قانون 1860ع، فوجداري ضابطو 1898ع ۽ قانونِ شهادت 1872ع — اهي سڀ حڪمرانن پاران حڪمرانيءَ جي لاءِ ٺاهيا ويا هئا، انصاف لاءِ نه۔
ليکڪ: نور محمد مَري
قانون رڳو ضابطن، حڪمن يا آرڊيننسن جو مجموعو نه آهي، پر ڪنهن قوم جي گڏيل ضمير جي ترجماني آهي۔ اهو انساني شعور، اخلاق، روايتن ۽ فڪر جو نچوڙ آهي۔ قانون جي طاقت ان جي سختيءَ ۾ نه پر ان جي پاڙ ۾ آهي، جيڪا ان کي پنهنجي سماج جي زمين سان ڳنڍي ٿي۔ جيڪو قانون ماڻهن جي زندگي، سندن خوابن ۽ اخلاقي قدرن مان جنم وٺي ٿو، اهو عزت حاصل ڪري ٿو؛ پر جيڪو ٻاهرين دنيا مان آندو وڃي ٿو، اهو حڪم ته هلائي سگهي ٿو، پر دلين ۾ جاءِ نه ٿو ٺاهي سگهي۔

اسان جي خطي جو قانوني ڍانچو گهڻو ڪري برطانوي راج کان ورثي ۾ مليو۔ هندستاني تعزيرات جو قانون 1860ع، فوجداري ضابطو 1898ع ۽ قانونِ شهادت 1872ع — اهي سڀ حڪمرانن پاران حڪمرانيءَ جي لاءِ ٺاهيا ويا هئا، انصاف لاءِ نه۔ اهي قانون هڪ اهڙي ذهني دنيا ۾ پيدا ٿيا جتي مقامي تمدن ۽ اخلاقيات جي ڪا جاءِ نه هئي۔ آزاديءَ کان پوءِ اسان صرف انگريز منتظمين جي جاءِ تي پنهنجا ماڻهو ويهاريا، پر نظام کي تبديل نه ڪيو۔ نتيجي ۾ قانون اڄ به پنهنجي اصل ۾ اجنبي رهيو — ڪاغذن تي خوبصورت، پر روح ۾ پرائو۔ اهو انگريزيءَ ۾ ڳالهائيندو رهيو، استعماري سوچ سان سمجهندو رهيو، ۽ ماڻهن جي زندگيءَ جي حقيقت کان پري بيٺو رهيو۔ اهڙيءَ ريت قانون ۽ زندگيءَ جي وچ ۾ هڪ دائمي تڪرار پيدا ٿيو۔
پر ان جو حل انڪار ۾ نه آهي۔ غير ملڪي قانون جي ناڪاميءَ جو مطلب اهو نه آهي ته هر ٻاهريون اثر زهر آهي۔ ضرورت رد ڪرڻ جي نه، پر مفاهـمت جي آهي — يعني ٻاهرين شڪلين کي اندروني روح سان مِلائڻ جي، اوڌر ورتل ادارن کي پنهنجي سماجي ضمير جي قالب ۾ ڦهلائڻ جي۔
ڪجھ ملڪن جو قانون دراصل ان جي معاشي، سماجي، ثقافتي ۽ مذهبي قدرن جو مجموعو هوندو آهي، جيڪي اڳ ئي ماڻهن جي روزاني زندگيءَ ۾ بي رسمي نموني موجود هوندا آهن۔ قانون هميشه سماج مان جنم وٺي ٿو، ان تي مڙهيل نه هوندو آهي۔ جڏهن قوم ۾ انصاف، فرض ۽ حق جي باري ۾ گڏيل سوچ پيدا ٿئي ٿي، تڏهن اهي خيال آهستي آهستي رواج بڻجن ٿا، ۽ پوءِ قانوني صورت اختيار ڪن ٿا۔ اهڙيءَ طرح، قانون قوم جي اجتماعي اخلاق جو رسمي اظهار آهي۔
جيڪو قانون پنھنجي ماڻھن جي تھذيب، مذهب ۽ سماجي فلسفي سان هم آهنگ ٿئي ٿو، اهو اجنبي نه رهندو — اهو هڪ زنده ادارو بڻجي ويندو، جيڪو سماج کي هدايت ڏئي سگهي ٿو، حڪم مڙهي نه ٿو۔ مفاهـمت جو عمل تخليقي هوندو آهي — اهو رڳو نقلي نقل نه پر معنوي ترجمو هوندو آهي۔ جيڪڏهن اسان جو قانون مغربي اصولن کي اسلامي عدل، “عرف” (رواج)، “مصلحت” (عوامي ڀلائي)، ۽ “عدل” (انصاف) سان گڏائي سگھي ٿو، ته اسان اهڙو نظام ٺاهي سگهون ٿا جيڪو جديد به هجي ۽ قومي به۔
دنيا جا ڪيترا ئي مثال ٻڌائن ٿا ته اهڙي مفاهـمت ممڪن آهي۔ جپان ميجي بحاليءَ دوران مغربي قانون قبول ڪيو، پر پنهنجي روايتن سان ڳنڍي ڇڏيو۔ ملائشيا ۽ انڊونيشيا به انگريزي قانوني ڍانچي کي پنهنجن اسلامي ۽ مقامي اصولن سان جوڙي ڇڏيو۔ انهن اکيون بند ڪري تقليد نه ڪئي، پر چونڊ سان اختيار ڪيو — ۽ نتيجي ۾ پنهنجو مؤثر ۽ اصلي نظام جوڙيو۔

تاريخ ۾ مفاهـمت جو سڀ کان وڏو مثال اسلامي تهذيب آهي۔ جڏهن اسلام عربستان مان نڪري دنيا ۾ پکڙيو ته ان کي يونان، روم، فارس ۽ هند جي فڪري ۽ ادارتي ورثي سان منهن ڏيڻو پيو۔ پر اسلام انهن سڀني کي رد نه ڪيو۔ هن انھن مان اهو اختيار ڪيو جيڪو قرآن ۽ اسلامي اصولن سان ميل کائيندو هو، ۽ جيڪو تضاد رکندو هو، ان کي ڇڏي ڏنو۔ اسلامي تھذيب يونان مان عقل ۽ منطق ورتي، روم مان نظم ۽ قانون، فارس مان تهذيب ۽ ادب، ۽ هندستان مان روحانيت ۽ رياضيءَ جو شعور — پر هر شيءِ کي قرآن جي اخلاقي مرڪز سان ڳنڍيو۔ نتيجي ۾ هڪ اهڙي تهذيب وجود ۾ آئي جيڪا نه خالص مشرقي هئي نه مغربي، پر ٻنهي جي وچ ۾ هڪ پُل هئي۔
اسلامي نظام بي سوچ قبوليت وارو نه هو، پر شعوري چونڊ ڪندڙ هو۔ هن يوناني منطق کي قبول ڪيو، ڇاڪاڻ تہ ان فڪر کي تيز ڪيو، پر يوناني معبودي فلسفي کي رد ڪيو، ڇاڪاڻ تہ اهو توحيد جي خلاف هو۔ فارس مان انتظامي قوت ورتي، پر بادشاهي مطلق العنانيت کي رد ڪيو۔ هند مان فڪري جستجو ورتي، پر بُت پرستيءَ کي ڇڏي ڏنو۔ هيءَ چونڊ ئي اسلامي تهذيب جو اصل روح هئي — وسيع، پر اصولن ۾ مضبوط؛ کليل، پر پاڻ ۾ منظم۔
شريعت هڪ جامد قانون نه رهي، پر هڪ اخلاقي راهه بڻجي وئي، جيڪا هر معاشري جي ضرورت مطابق ٺھي سگھي ٿي۔ نتيجي ۾ مختلف علائقن ۾ مختلف فقھي مدرسه پيدا ٿيا، پر سڀني جو مرڪز عدل ۽ خير رهيو۔ اجنبي شيون مانوس ٿي ويون، اوڌر ورتل فڪر قومي بڻجي ويو، ۽ سڀ گڏجي هڪ واحد تھذيب ۾ ضم ٿي ويا۔
اهو اسلامي تجربو اڄ جي دنيا لاءِ وڏو سبق آهي۔ قانون کي نه ته جامد ۽ مقدس بت بڻايو وڃي، نه ئي اجنبي چئي رد ڪيو وڃي۔ ضروري آهي ته قانون کي قوم جي زنده ضمير سان ملائجي۔ قرآن جو اصول — “جيڪو سٺو آهي سو اختيار ڪريو، جيڪو بُرو آهي سو ڇڏي ڏيو” — رڳو فرد لاءِ نه، پر تهذيبن لاءِ به آهي۔ جيڪڏهن جديد سماج هن اصول تي هلن ته هُو ٻاهرين ادارن کي قبول ڪري به پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکي سگهن ٿا۔
قانون به تھذيب جيان مفاهـمت جو فن آهي — روايت ۽ تبديليءَ جي وچ ۾، عقل ۽ اخلاق جي وچ ۾، آفاقي اصولن ۽ مقامي حقيقتن جي وچ ۾ هڪ توازن۔ جڏهن اها هم آهنگي پيدا ٿي وڃي ٿي، ته قانون حڪم نه رهندو آهي، پر عھــد بڻجي ويندو آهي — رياست ۽ عوام جي وچ ۾، انصاف ۽ زندگيءَ جي وچ ۾۔
_______________

نور محمد مَري ايڊووڪيٽ اسلام آباد ۾ رھي ٿو



