ڏکڻ ڪوريا ۾ ايراني فلمن جو ميلو: چئن فلمن جي نمائش ٿي گذري
جرمنيءَ جي ھڪ فلمي ميلي ۾ بہ ايراني ننڍي فلم جي نمائش ٿي. 27 آڪٽوبر کان ٽوڪيو ۾ بہ فلمي ميلو شروع ٿي رھيو آھي جنھن لاءِ ايران جون ٻہ فلمون چونڊيون ويون آھن
پونيھ نداءِ
ڏکڻ ڪوريا جي گادي سيئول ۾ 23 کان 26 سيپٽمبر تائين ايراني فلمن جو ميلو لڳايو ويو جيڪو ڪوريا م ان قسم جو پھريون پروگرام ھو. اياني سفارتخاني ڪوريائي فلم ارڪائيوز اداري جي سھڪار سان فلمي ميلي جو بندوبست ڪيو ھو. ڪوريائي اداري، جيڪو سرڪاري سرپرستيءَ ۾ ڪم ڪري ٿو، ان فلمي ميلي ڪوٺائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.
ايراني فلمي ميلي ۾ چئن فلمن جي نمائش ڪئي وئي جن ۾ A Cube of Sugar, The Painting Pool, In the Embrace of the Tree and Angels Come Together شامل ھيون.

افتتاحي تقريب ۾ ڪوريائي ۽ ايراني سفارتڪار شريڪ ھئا.
ٻئي پاسي 27 آڪٽوبر کان 5 نومبر تائين جپان جي گاديءَ واري شھر ٽوڪيو ۾ اٺٽيھون ٽوڪيو انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ٿيڻو آھي، جنھن جي لاءِ ايشيائي فلمن واري حصي ۾ نمائش لاءِ ٻن ايراني فلمن جي چونڊ ڪئي وئي آھي. انھن ۾ ھڪ فلم آھي ايسٽ وَيڊ بائونڊ Eastward Bound جنھن جو ھدايتڪار آرش انيسي آھي، ۽ ٻي فلم جو نالو آھي نَوح جي ڌيءَ Noah’s Daughter جنھن جو ھدايتڪار عامر رضا جلالين آھي.
اِيسٽ ورڊ بائونڊ ھڪ فلمساز جي ڪھاڻي آھي جنھن جو شاديءَ جو مسئلو آھي. ھُو شاديءَ لاءِ ھڪ اداڪارا جي چونڊ ڪري ٿو پر اداڪارا جو پيءُ ان شاديءَ جو مخالف آھي، جنھنڪري تڪرار شروع ٿئي ٿو. نوح جي ڌيءَ ھڪ اھڙي عورت جي ڪھاڻي آھي جيڪا ھڪ ٻيٽ تي اڪيلي ڪئمپ ھڻي رھي پئي آھي.
جرمنيءَ ۾ بہ ھڪ فلمي ميلو ھلي رھيو آھي جيڪو 27 سيپٽمبر کان شروع ٿيو ۽ 4 آڪٽوبر تائين جاري رھندو. ان عالمي فلمي ميلي ۾ ايراني شارٽ فلم She is not here جي نمائش ڪئي وئي جنھن جو ھدايتڪار سعيد سائري آھي. اھو يورپ جي اھم فلمي ميلن مان ھڪ آھي.
فلم جي ڪھاڻي ھڪ نَو ورھين جي ڇوڪريءَ بابت آھي جيڪا پنھنجي ماءُ کان وڇڙي وڃي ٿي. انھيءَ فلم جي نمائش اٽليءَ جي فلمي ميلي ۾ بہ ٿي ھئي.
_____________
پونيھ نداءِ تھران ۾ شوڪران ميگزين جي ايڊيٽر اِن چيف آھي. ھيءَ رپورٽ AJA Newsbites ۽ The AsiaN تي شائع ٿيل سندس خبرن تي ٻڌل آھي