سنڌ ۾ پوليو جا 3 نوان ڪيس ظاھر، مريضن جو تعداد 9 ٿي ويو
حيدرآباد ڊويزن ۾ نوان ڪيس ظاھر ٿيا جن ۾ هڪ حيدرآباد، هڪ بدين ۽ هڪ ٺٽي مان آهي. سنڌ ۾ ھيستائين پوليو جا 9 ڪيس رپورٽ ٿيا جن ۾ بدين مان 3، ٺٽي مان 2 ۽ حيدرآباد، لاڙڪاڻي، قمبر ۽ عمرڪوٽ مان هڪ هڪ ڪيس شامل
سيپٽمبر دوران پوليو جي خلاف ھلايل مهم ۾ لڳ ڀڳ 4500 ٻارن جي والدين ويڪسين کان انڪار ڪيو
ڪراچي
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ پوليو جا ٽي وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي بدين ۽ ڪيماڙي جي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو، بدين ۽ ٺٽو جي ڊپٽي ڪمشنرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ۽ ماتلي ۽ ميرپور ساڪرو جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي به عهدي تان هٽائي ڇڏيو.
اڱاري ڏينهن وزيراعلي هائوس ۾ پوليو جي خاتمي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ھُن اھڙا حڪم جاري ڪيا. اجلاس ۾ صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ، اي او سي ڪوآرڊينيٽر ارشاد سوڍڙ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته حيدرآباد ڊويزن ۾ نوان ڪيس ظاھر ٿيا آهن جن ۾ هڪ حيدرآباد، هڪ بدين ۽ هڪ ٺٽي مان آهي. وزير صحت چيو ته تازين مهمن ۾ 98 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻارن کي ويڪسين ڏني وئي پر ان باوجود وائرس ڪمزوريون ڳولي ٻارن کي متاثر ڪري رهيو آهي.
اجلاس ۾ ڄاڻايو ويو ته سنڌ ۾ ھيستائين پوليو جا 9 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جن ۾ بدين مان 3، ٺٽو مان 2 ۽ حيدرآباد، لاڙڪاڻو، قمبر ۽ عمرڪوٽ مان هڪ هڪ ڪيس شامل آهي. وڏي وزير ڪاوڙ جو اظهار ڪندي بدين جي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر انجم علي سومرو ۽ ڪياماڙي جي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر ولي محمد راهمون کي معطل ڪرڻ ۽ بدين ۽ ڪياماڙي جي ڊپٽي ڪمشنرن کي نوٽيس جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ساڳئي وقت ماتلي ۽ ميرپور ساڪرو جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي به خراب ڪارڪردگي سبب هٽايو ويو.
وڏي وزير صحت کاتي ۽ ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اي او سي) کي هدايت ڪئي ته سيپٽمبر ۾ نون ڪيسن جي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ پوليو خلاف هڪ جارحاڻو مرحلو شروع ڪيو وڃي. پاڪستان ۾ 2024 جي ڀيٽ ۾ ڪيسن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي پر صوبي ۾ ڪجهه مستقل چيلينجز وائرس کي گردش ۾ پيا رکن. کيس ٻڌايو ويو ته سيپٽمبر جي مهم ۾ لڳ ڀڳ 4500 ٻارن جي والدين ويڪسين کان انڪار ڪيو. وڌيڪ اهو به ٻڌايو ويو ته سنڌ جا 81 سيڪڙو ماحولياتي نمونا مثبت اچي رهيا آهن ۽ ڪراچي جا سڀ 12 سائيٽ به لڳاتار مثبت اچي رهيا آهن. بدين ۽ عمرڪوٽ ۾ ظاھر ٿيل تازا ڪيس موبائل ۽ لڏي آيل آباديءَ سان واسطو رکن ٿا جن تائين پهچڻ ڏکيو هوندو آهي.
وڏي وزير صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته 2025 جي آخري ٽماھي لاءِ هڪ جامع منصوبو تيار ڪيو وڃي. هن چيو تہ آڪٽوبر ۽ ڊسمبر ۾ ٻه وڏي پيماني جون مهمون هلايون وڃن، نومبر ۾ خسرہ-پوليو گڏيل مهم ۽ ڪراچي ۾ Fractional IPV مهم هلايو وڃي. هن فوري طور تي اورل پوليو ويڪسين (OPV) سان گڏ IPV بوسٽرز جي ذريعي متاثر علائقن ۾ مهم هلاڻ جي هدايت ڪئي.
اهو به اعلان ڪيو ويو ته هڪ وڏي آپريشن وسيلي سيپٽمبر جي مهم ۾ رهجي ويل ٻارن تائين ويڪسين پهچائي ويندي. (پريس رليز)
___________