وڏي وزير نيٺ مڃيو تہ ڪراچيءَ ۾ ناقص نيڪال سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي
وڏي وزير تازين برساتن سبب شهر جي اندرين روڊن کي پهتل وڏي نقصان تي ڳڻتي ڏيکاريندي چيو ته ناقص نيڪال سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي، سرڪاري پڌارائي
هر خراب ٿيل روڊ جي مرمت يا مڪمل ٻيهر تعمير ڪئي وڃي ۽ ڪو به منصوبو نيڪال جي نظام کانسواءِ منظور نه ٿيندو، مُراد علي شاھ
ڪراچي
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ھدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته ڪراچي شهر جي برساتن مان متاثر ٿيل روڊن کي فوري طور مرمت ۽ ٻيهر تعمير ڪيو وڃي ۽ ساڳئي وقت نيڪال جو اھڙو اثرائتو نظام قائم ڪيو وڃي جيئن مستقبل ۾ روڊن کي نقصان نه پهچي.
اهي ڳالهيون هن وزيراعلي هائوس ۾ صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪيون جنهن ۾ صوبائي وزيرن سيد ناصر حسين شاهه، سعيد غني، جام خان شورو، ڪراچي جي ميئر مرتضي وهاب، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي ۽ سيڪريٽري بلديات وسيم شمشاد شرڪت ڪئي.

وڏي وزير تازين برساتن سبب شهر جي اندرين روڊن کي پهتل وڏي نقصان تي ڳڻتي ڏيکاريندي چيو ته ناقص نيڪال سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي. وڏي وزير ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (KMC) ۽ ٽائون انتظاميا کي هدايت ڪئي ته بلديات کاتي جي نگرانيءَ ۾ روڊن جي بحاليءَ جا منصوبا تيار ڪن.
هن واضح ڪيو ته هر خراب ٿيل روڊ جي مرمت يا مڪمل ٻيهر تعمير ڪئي وڃي ۽ ڪو به منصوبو نيڪال جي نظام کانسواءِ منظور نه ٿيندو. سيد مراد علي شاهه سٺن روڊن کي شهري آمدرفت، معاشي سرگرمين ۽ عوامي ڀلائيءَ سان ڳنڍيندي چيو ته ڪراچي ملڪ جي معيشت جي ريڙهه جي هڏي آهي تنهنڪري ان جو انفراسٽرڪچر انهيءَ حقيقت جو عڪس ٿيڻ گهرجي.
ميئر ڪراچي اجلاس کي ٻڌايو ته KMC جي ٽٽل روڊن جو سروي جاري آهي جڏهن ته صوبائي وزير بلديات چيو ته ٽائون انتظاميه کي به پنهنجن علائقن ۾ سروي ڪرڻ لاءِ هدايت ڪئي وئي آهي. اهي منصوبا مڪمل ٿيڻ بعد وڏي وزير کي منظوري لاءِ پيش ڪيا ويندا.
ان کان علاوه وڏي وزير بلديات کاتي کي شهر ۾ صفائيءَ جا ڪم تيز ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. هن چيو ته بهتر صفائي سٿرائي ۽ روڊن جي حالت ڪراچي کي قابلِ رهائش بڻائڻ لاءِ لازمي آهي. وڏي وزير چيو ته اسان برساتي پاڻي گڏ ٿيڻ يا نيڪال ترقياتي ڪوششن ۾ رنڊڪ نه ٿيڻ ڏينداسين. سيد مراد علي شاهه چيو ته گذريل برساتن مان سبق سکڻو پوندو ۽ پائيدار روڊن جي تعمير، مربوط نيڪال جو نيٽ ورڪ ۽ وقتائتو بلدياتي خدمتون ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهن۔ (پريس رليز)
______________