Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

آءُ نه ڄاڻان پنڌ ڪيچ جو: تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻارن کي ڪُوڙي تاريخ پڙھائي پئي وڃي

بدقسمتيءَ سان 1947 کان پوءِ سنڌ جو ماڻھو تاريخ جو ميرو ڪفن پائي موت يا ڪنھن معجزي جو انتظار ڪري رھيو آھي. سنڌي لوڪن ۽ سنڌ جي اڳواڻن کان ڪڏھن ڪٿي غلطي ٿي جو  سنڌ جو تاريخي سفر تاريڪيءَ ۾ تبديل ٿي ويو. اڄ تائين غلاميءَ جي ڪاري رات ختم ٿيڻ جو نالو نه ٿي وٺي .

ادريس چانڊيو

تاريخ حڪمرانن ۽ وڏن ماڻھن جي ڪھاڻي جو نالو نه آھي. عوامي ڌر جي ڏاھن ۽ تاريخ دانن جي راء ۾ تاريخ جو خالق عوام آھي. ماضيءَ جي تسلسل وارو قصو،  جنھن ۾ ھزارين سالن جو عوامي اجتمائي پورھيو, ڏاھپ, ڪاميابيون ۽ ناڪاميون تاريخ آھن. ڇا ھن دور ۾ جديد ٽيڪنالاجيءَ ذريعي سازش ٿي رھي آھي ته دنيا اندر وڏو نفسياتي , ثقافتي ۽ سماجي بحران پيدا ڪري , انساني تاريخ کي بدلايو وڃي ۽ تاريخ ٺاھڻ وارو حق عوام کان کسيو وڃي .

منھنجي وطن سنڌ جي تارايخ به ھزارين سالن تي ٻڌل آھي،  جنھن جو خالق ۽ مالڪ بہ سنڌي عوام آھي . مھرڳڙھ , ڪوٽڏيجي, آمري ۽ موھن دڙي جا ماڻھو ڪيئن  ھيا , ڪھڙي تاريخ ٺاھي ۽ ڪيڏانھن ويا, ڪا خبر نه آھي. سنڌو تھذيب جا ماڻھو جن شھر ٺاھيا ۽ ايجادون ڪيون،  تن جو ذڪر ۽ حال احوال تفصيل سان نه ٿو ملي. ياد رھي ته سنڌي ھندو تاريخدان گنگارام سمراٽ, موھن جي دور کي سنڌ جي تاريخ جو وچولو دور سڏي ٿو. ھن وڌيڪ لکيو آھي ته راجا ڏاھر جو دور سنڌ جي تاريخ جو ماڊرن دور ھيو .

اڄ به سنڌي ٻارن , نوجوانن ۽ عوام کي تعليمي ادارن ۾ ڪوڙي تاريخ پڙھائي پئي وڃي . سنڌي لوڪن ۽ سنڌ جي اڳواڻن کان ڪڏھن ڪٿي غلطي ٿي جو  سنڌ جو تاريخي سفر تاريڪيءَ ۾ تبديل ٿي ويو. اڄ تائين غلاميءَ جي ڪاري رات ختم ٿيڻ جو نالو نه ٿي وٺي .

ھا راجا ڏاھر جيڪڏنھن درست فيصلو ڪري, گڏيل سگھ سان ديبل تي عربن جو مقابلو ڪري ھا ۽ اڳتي وڌندڙ عرب لشڪر کي روڪي ھا ته سنڌ عرب ظالمن جي غلامي کان بچي وڃي ھا. ان دور ۾ سنڌ اندر مذھبي طور اڪثريت ٻڌ ڌرم وارن جي ھئي،  ھنن بزدليءَ کي امن پسنديءَ جو نالو ڏئي سنڌ وطن سان غداري ڪئي . دولھ دريا خان جيڪڏھن جاھل ۽ بزدل ڄام فيروز سان بغاوت ڪري  سنڌ جي واڳ پاڻ وٽ رکي ھا ۽ رُسي وڃي ارام جا ڏينھن نه گذاري ھا ته سنڌ ارغونن جي غلام نه ٿئي ھا . شايد سنڌ جي تاريخ گھڻو مختلف ھجي ھا.

آخري پيغمبر جي پيدائش کان 75 سال اڳ 494 ع ۾ ڏس ملي ٿو ۽ تاريخ شاھدي ڏئي ٿي ته سنڌ آزاد ملڪ ھيو. ھن آزاد ۽ خوشحال ملڪ تي  راء گھراڻي جي حڪومت قائم ھئي . تاريخ جي ھن سفر کي ھن وقت تائين 15 سو 48 سال ٿيا آھن .

15 سو 48 سالن جي عرصي ۾ 874 سال سنڌ آزاد ملڪ رھيو آھي. راءگھراڻو, برھمڻ گھراڻو , سومرا دور , سما دور, ڪلھوڙا راڄ ۽ ٽالپر دور شاھدي ڏين ٿا ته سنڌ آزاد ھئي . تاريخ جي 1548 واري عھد ۾ 674 سال سنڌ غلام رھي آھي. سنڌ جو اقتدار اعلي ڌارين حڪمرانن جي قبضي ۾ رھيو آھي. دلچسپ ڳالھ ھيءَ به آھي ته 674 سالن جي عرصي ۾ سنڌ 104 سال غيرمسلم حڪمرانن جي تابع رھي آھي .

تاريخ جي پروفيسر شاگر دکي جواب ڏيندي چيو ته ھڪ واقعي کان پوء ٻيو واقعو تاريخ آھي. اھڙي ريت سنڌ جي تاريخ به ھڪ غلاميءَ کان پوءِ ٻي غلاميءَ جي تاريخ آھي . 39 سالن جي، جي ايم سيد کي تاريخ جو ادراڪ ھجي ھا ته ھو 1943 ع ۾ مسلمانن سان گڏجي  مسلمانن جي غلامي قبول نه ڪري ھا. ڇا پنجاپ جو مسلم حڪمران ٽولو سنڌي عوام کي پنھنجي تاريخ ٺاھڻ جو حق ڏيندو؟. بدقسمتيءَ سان 1947 کان پوءِ سنڌ جو ماڻھو تاريخ جو ميرو ڪفن پائي موت يا ڪنھن معجزي جو انتظار ڪري رھيو آھي.

______________

ادريس چانڊيو سينئر سياسي ۽ سماجي ڪارڪن آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button