سنڌو نديءَ تي ڊيمن جي اڏاوت خلاف ٽنڊي محمد خان ۾ بُک ھڙتال
تڪراري ڪينالن جي اڏاوت، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ لکين ايڪر زمين ڦٻائن ۽ سنڌ جي ٻين مسئلن خلاف جيئي سنڌ قومي پارٽيءَ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي بک ھڙتال
ٽنڊو محمد خان، سنڌ
جيئي سنڌ قومي پارٽيءَ پاران ٽنڊو محمد خان ۾ مقامي پريس ڪلب اڳيان سنڌو نديءَ تي ڪالاباغ ڊيم ۽ ديامير ڀاشا ڊيم سميت ٻين ڊيمن ۽ ڪئنالن جي اڏاوت ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ لکين ايڪڙ زمين ڦٻائڻ خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.
بک هڙتال قومي پارٽيءَ جي چيئرمين نواز خان زئور، محمد علي خشڪ، حاجن گل، ڪامريڊ يوسف ڪنڀار، فراز سنڌي، قادر بخش زئور، ستار نارو، راجا وقاص، علي رضا خاصخيلي، ساجد ڀٽي، ريحانا زئور ۽ روماسا نواز جي اڳواڻيءَ ۾ ڪئي وئي.

بک هڙتال دوران ڊيمن، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪئنالن ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو تہ ڪالاباغ ڊيم، ڀاشا ڊيم ۽ ٻين ڊيمن وسيلي پنجاب سنڌو نديءَ تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو. ھن چيو تہ پنجاب جا بالادست طبقا سنڌوءَ ۽ ان جي معاون درياھن تي قبضو ڪري سمورن درياھن جو پاڻي سندن ڪنٽرول ۾ رکڻ گهرن ٿا. ”پنجابي بالادستي هن خطي جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي،“ ھن چيو.
نواز خان زئور وڌيڪ چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. زمينن جي والار ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي. ڊيم، ڪئنال ۽ زمينن جي والار هڪ ئي ايجنڊا جون ڪڙيون آهن. سنڌ حڪومت ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت جي مددگار بڻيل آهي. جيڪو سنڌ دشمن عمل آهي.
نواز خان زئور وڌيڪ چيو ته سمورن سنڌ دشمن منصوبن خلاف قومي پارٽي پاران احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.
بک هڙتال ۾ جيئي سنڌ محاذ جي پنهل جمالي، عوامي تحريڪ جي هرچند، ايس يو پي جي عمران لغاري، سنڌي ادبي سنگت جي اعظم ڀٽي، پروفيسر اعجاز جسڪاڻي، جسقم جي رزاق، جاويد هاليپوٽو، صوفي حامد ۽ ٻين سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ عورتن پڻ شرڪت ڪئي. (پريس رليز)
________________