Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

چين جون سڀ قوميتون برابر ۽ مقامي ڪار وھنوار ۾ خودمختيار آھن 

چين ۾ هن وقت 56 ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون پر چيني سڀ کان وڏي ٻولي آھي. ھر قوميت کي پنھنجي ٻوليءَ جي بہ خودمختياري حاصل آهي

چين ۾ اها روايت آهي ته ڇوڪرو جنھن ڇوڪريءَ سان شادي ڪندو آهي، ان ڇوڪريءَ جي ماءُ کي پئسا ڏيندو آهي، جيڪي پئسا ماءُ جو حق هوندو آهي.

چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان

يوسف سنڌي

چين، جنھن کي انگريزيءَ ۾ ’چائنا‘ ۽ چيني زبان ۾ ’چونگو‘ چيو وڃي ٿو. اهو ڪل زميني پکيڙ جي لحاظ کان دنيا جو ٽيون نمبر وڏو ملڪ آهي. چين جو سرڪاري نالو ’عوامي جمھوريه چين‘ آهي. چين جا 23 صوبا ۽ پنج خودمختيار علائقا، چار ميونسپلٽيز ۽ ٻه مخصوص علائقا هانگ ڪانگ ۽ مڪائو آهن. اهي خودمختيار علائقا چين جو اٽوٽ انگ آهن. هونئن چين جي حڪمراني ۾ ٻاويھه صوبا آهن. تائيوان کي هو پنھنجو ٽيويھون صوبو ٿو قرار ڏي، ۽ نقشي ۾ به شامل اٿس. پر في الحال تائيوان تي سندس اٿارٽي قائم ڪونھي. هو ڌار ملڪ طور وجود رکي ٿو. تبت ۽ سنڪيانگ ۾ عليحدگي پسند تحريڪن کان پوءِ مقامي اختيار محدود ڪيا ويا آهن. صوبن جي ماتحت شھر، ڪائونٽيز ڊسٽرڪٽ ۽ ٽائون پنھنجو ڪاروهنوار هلائين ٿيون. آئين موجب چين جون سڀ قوميتون برابر آهن ۽ ننڍين وڏين قوميتن جي عصبيت جي حوصلي شڪني ڪئي ويندي آهي. سڀني قوميتن کي پنھنجي زبان ۽ مقامي ڪاروهنوار ۾ خودمختياري ڏنل آهي. چين ۾ هن وقت 56 زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. چيني انهن مان سڀ کان وڏي زبان آهي. نه رڳو اهو پر چيني دنيا جي سڀ کان وڏي زبان آهي. اڪثر چيني چوندا آهن ته ’اسان جي چيني زبان دنيا جي سڀ کان وڏي زبان آهي، پر دنيا تي راڄ انگريزي پئي ڪري.‘

چين جو قومي ترانو، جنھن کي عام طور تي نيڪ ۽ بھادر فوج جي مارچ جو گيت [March of the Volunteers] چيو ويندو آهي. مشھور چيني شاعر ۽ ڊرامه نويس ’ٿيان هان‘ (Tain Han) لکيو هو. اهو ترانو ’رضاڪارن جو مارچ‘ پھريون ڀيرو شنگهائي ۾ 1934ع ۾ هڪ ٿئٽر جي دوران وڄايو ويو هو ۽ 2004ع‘ عوامي جمھوريه چين جي آئين جي فقري 136 ۾ ان تراني کي قومي ترانو تسليم ڪيو ويو. اهو ترانو عوامي جمھوريه چين، هانگ ڪانگ  (1- جولاءِ 1997ع) ۽ مڪائو (20 ڊسمبر 1997ع) جو به قومي ترانو آهي.

ترجمي جي صورت ۾ هن ريت آهي:

اُٿو اُٿو

جيڪڏهن اوهان کي ڌارين جي غلاميءَ کان انڪار آهي،

پگهر جي پورهئيءَ مان جوڙيل جيڪڏهن نئين ديوار آهي،

اڄ چيني قوم تي سڀ کان وڏو آيل امتحان آهي،

ڄاڻي وٺو، اها هر ماڻهوءَ لاءِ آخري للڪار آهي.

اُٿو اُٿو

اُٿو…. اُٿو…. اُٿو…. اُٿو

چين دل آهي ۽ اسان آهيون ان جا اربين ذرڙا

سَھي وار سڀ دشمن جا هاڻ اڳتي وڌو،

سَھي وار سڀ دشمن جا هاڻ اڳتي وڌو.

وڌندا هلو، وڌنڌا هلو، وڌنڌا هلو.

نئننگ، جنھن کي پنھنجي ساوڪَ ۽ وڻڪاري جي ڪري ’گرين سٽي‘ به چيو ويندو آهي. چين جي صوبي ’گوانگسي خودمختيار ريجن‘ جي گاڌيءَ جو هنڌ آهي.

وشال پڙهيو به هتي ته شادي به هتي ڪيائين، هڪ ٻارڙيءَ مريم جو پيءَ به هتي ٿيو ۽ هتي ’ذائقه پاڪستان اسٽائيل ريسٽورينٽ‘ کولي ڪاروبار شروع ڪيو اٿس. گوانچو مان جڏهن نئننگ پي آياسون ته وشال چيو، ”ڀلي ڪھڙي به شھر ۾ رهان، پر مون کي نئننگ جي ڏاڍي سڪ ٿيندي آهي ۽ جلد اوڏانھن وڃڻ چاهيندو آهيان.“

کلندي چيومانس، ”مون دڙي ۾ پنجيتاليھه سال گذاريا آهن. حيدرآباد ۾ ٻه هزار يارهن ۾ پاڻ آياسين. منھنجي دڙي لاءِ ڪيڏي سڪَ هوندي، اندازو اٿئي ۽ جڏهن به دڙي هلڻ جو ذڪر ڪندو آهيان ته تو سميت سڀ گهر وارا چوندا آهن ته دڙي ۾ ڇا رکيو آهي؟“

نئننگ پھچي وشال جي فليٽ تي پھتاسين. جيڪو ٽي ماڙ تي هو. وشال کي چيم ’چائنا پھچي هڪ ماڙ ته گهٽيو‘. حيدرآباد ۾ اسان جو فليٽ چوٿين ماڙ تي آهي ۽ هتي وري ٽين ماڙ تي. هوڏانھن به لفٽ ڪونهي ته هتي به لفٽ ڪونهي. لفٽ ڄڻ اسان سان ٺھي ئي ڪونه.

وشال جو فليٽ خلاصو ۽ ٽن ڪمرن، رڌڻي، ٻن واش رومن ۽ لائونج تي مشتمل آهي. جنھن جي مسواڙ پندرهن سؤ يوان آهي. وشال ٻڌايو ته هتي جيڪي گهر مسواڙ تي ملندا آهن. فرنيچر به گڏ ان ئي مسواڙ  ۾. تنھنڪري سامان جي شفٽنگ کان بچيو وڃجي.

فليٽ تي پھچي وشال چيو ته ٿڪل هوندؤ، سو آرام ڪري وٺو، ڇھين ڌاري تيار ٿي سڀ گڏجي دوست جي شادي تي هلنداسين.

ساڍي پنجين ڌاري وشال اُٿيو، مون کي تيار ٿيڻ لاءِ چيائين، ان دوران پاڻ به تيار ٿي ويو، کشين کي چيائين ته اميءَ کي تون وٺي اچج، اسان بائيڪ تي وشال جي هوٽل تي پھتاسين، جيڪا پنجن منٽن جي پنڌ تي هئي. وشال ٻڌايو ته ”فريڊم فيسٽيول“ جا ست ڏينھن هوٽل تي وڏي رش رهي هئي، سو ڇوڪرن چيو ته اڄ موڪل ٿا ڪريون، تنھنڪري اڄ هوٽل سڄو وقت وقت بند رکي اٿئون. البت دوست عادي جي دعوت جي ماني جو اسان کي آرڊر مليل آهي، جيڪا ڇوڪرن تيار ڪري ڇڏي هوندي، اها پاڻ کڻي ٿا هلون. اسان هوٽل پھتاسين، جنھن جي اندر ڏاڍي خوبصورت آرائش ٿيل هئي. دروازي وٽ پاڪستان ۽ چين جي جهنڊي جون جهالرون لڳل هيون. فريڊم فيسٽيول جي مناسبت سان، ٻيئي شيف ڇوڪرا رضوان ۽ شھزاد اڳ ۾ ماني تيار ڪريو اوسيئڙي ۾ هئا. تيسين ابوذر اقبال ۽ عمران به اچي ويا. وشال، ابوذر اقبال سان منھنجي واقفيت ڪرائي، ابوذر سان جڏهن هو پاڪستان هو ته هڪ ٻه ڀيرا وشال جي حوالي سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، عمران به هتي پڙهندو آهي ۽ پارٽ ٽائم طور ’ذائقه‘ تي ڪم ڪندو آهي. وشال ٽئڪسي ڪرائي ۽ ان جي ڊگيءَ ۾ ماني رکرائي. هتي ٻن قسمن جون ٽئڪسيون هلن، هڪ ايپ تي گهرائبي آهي، جيئن هينئر وشال گهرائي، جن جو ڪرايو اٺن ڏهن يوانن تائين ٿئي يا ڪجهه وڌيڪ- ٻيون ميٽر تي هلن، جن جو ميٽر ئي ٻارهن يوانن کان شروع ٿئي. اهي ٽئڪسي ڊرائيور وڏا حرامي هوندا آهن، هِتان هُتان ٽئڪسي ڦيرائي ميٽر هلائي مسافر کان وڌيڪ ڪرايو وٺن. وشال ٻڌايو ته شروع ۾ ايپ وارين ٽئڪسين جي خبر نه هئي، تنھنڪري اسان ميٽر وارين ٽئڪسين وارن هٿان ڏاڍو ڦرياسين.

ٽئڪسي مقرر هنڌ تي پھتي، ڏاڍو خوبصورت هنڌ هو، ان جي هڪ حصي ۾ عادي جي شاديءَ جو وليمو هو. اسان اندر هلندا هڪ هال وٽ پھتاسين. جنھن جي ٻاهران ڪافي نوجوان بيٺا هئا. ڪجهه چيني ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي هٿن ۾ ٽري هئا، جن ۾ ٽافيون، سگريٽ ۽ ٻيون شيون رکيل هيون. جيڪي ايندڙ دعوتي کڻي رهيا هئا ۽ سگريٽ دکائي ڪَش هڻي رهيا هئا. هال جو چڪر هنيوسين، جنھن ۾ سٺ کن ماڻهن جي ويھن جي گنجائش هئي ۽ ماني به ايترن جي ٺھرائي وئي هئي. ٽيبلن تي جوسن، ڪولڊڊرنڪس سان گڏ وائين جون بوتلون به رکيل هيون. آءٌ هال مان ٻاهر نڪتس ۽ چيني ٽريڊيشنل لباس ۾ بيٺل ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي هٿن ۾ جهليل ٽرين مان هڪ ٽري مان هڪ سگريٽ کنيم ۽ ڇوڪري لائيٽر سان اهو دکايو، اڃا ٻه ڦوڪون ئي مس ڀريم، تيسين وشال، کشين ۽ نسيم کي وٺي آيو. نسيم مون کي سگريٽ پيئندي ڏسي حيرت مان چيو ته، ”آ تون به سگريٽ پيو پيئنءَ؟“ وشال به ڏٺو ته کلندي سگريٽ منھنجي هٿ مان ورتو، جنھن تي مون کلندي چيو ته، ”اڳ هيئن ٿيندو هو ته مائٽ سدائين اولاد کي سگريٽ پيئڻ کان منع ڪندو هو، پر هتي اُبتي ڳالهه ٿي آهي. اولاد پيو مائٽ کي سگريٽ پيئڻ کان روڪي ته متان ابو کَري نه وڃي.“ جنھن تي ڏاڍو کلياسين.

سڀ اچي اندر ويٺاسين. عاديءَ مون کي وٺي اچي پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ سان گڏ ويھاريو، پاڪستان مان خاص هن تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ عادي جو پيءُ، سندس ماءُ ۽ ڀيڻ آيا هئا. عادي جي پيءُ سان واقفيت ٿي، هو مظفر ڳڙهه جي ڀرسان هڪ ڳوٺ جا رهندڙ هئا ۽ عادي جو پيءُ رٽائرڊ استاد هو. عادي جي امڙ ۽ ڀيڻ چُپ چُپ ويٺيون هيون، ٻھراڙيءَ جون هُيون. منھن تي مُرڪ به نه هئُن. ايئن پي لڳو ته هو ان شاديءَ ۾ خوش نه هيون. ڳالهين دوران عادي جي پيءُ چيو ته، ”هم اپني بچون ڪو يهان ايڪ ڪام ڪيلئي بهيجتي هين، يهان آڪر وه دوسرا ڪام ڪرتي هين.“ انهن لفظن ۾ هو وڏي ڳالهه چئي ويو.

خبر پئي ته جنھن ڇوڪريءَ سان عادي شادي ڪئي آهي، اها اڳ ۾ طلاقيل آهي، کيس ٻه ڌيئرون آهن، جيڪي جوان آهن. عادي ڪوبه ڪم نه ٿو ڪري، بس سُتو پيو هوندو آهي ۽ مائي گهڻي پئسي واري آهي، ان جي خرچ تي هلندو آهي. بھرحال ٻيا به گهڻا احوال ٻُڌم. چين ۾ اها روايت آهي ته ڇوڪرو جنھن ڇوڪريءَ سان شادي ڪندو آهي، ان ڇوڪريءَ جي ماءُ کي پئسا ڏيندو آهي، جيڪي پئسا ماءُ جو حق هوندو آهي.

ٿوري دير کان پوءِ عادي ۽ سندس ڪنوار شادي جي ڊريس ۾ مٿي اسٽيج تي آيا. پھرين عادي چيني ٻوليءَ ۾ هٻڪي هٻڪي ڪجهه پڙهيو ۽ پوءِ عاديءَ جي ڪنوار ساڳيا لفظ چيا. ايئن ٻنهي جي شادي جو اعلان ٿي ويو. پوءِ سڀئي کائڻ پيئڻ ۾ شروع ٿي ويا. عادي به هٿ ۾ وسڪيءَ جو گلاس ۽ چپن ۾ سگريٽ دکائي زال سميت هڪ هڪ مھمان وٽ وڃي سندن ٿورا مڃڻ لڳو. اها اُتان جي رسم آهي. مھمانن ۾ ڪافي چيني به هئا، هو اسان جي ٽيبل تي به آيا. ٿوري دير کان پوءِ اسان اٿياسين، گهوٽ ڪنوار سان گڏ فوٽو ڪڍايوسين ۽ سڀني کان موڪلائي سڌو گهر هليا آياسين.

اهو آهي اسان جو چين ۾ گذاريل پھرين ڏينھن جو احوال.

__________________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي ۽ اڄڪلھ چين ۾ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button