Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سنڌ جو ملير، جتي  وسيلن جي ڦرلٽ عام ۽ عوام نڌڻڪو بڻيل آھي

پنهنجي زرخيزي، وسيلن ۽ زرعي اهميت جي ڪري هميشه کان خاص حيثيت رکندڙ ملير ضلعو اڄ بدترين انتظامي نااهلي، سياسي لاپرواهي ۽ بي ايمانيءَ جو شڪار آهي

بااثر ماڻهو ۽ مافيا روزانو ٽرڪن جا ٽرڪ ريتي بجري سميت معدني وسيلن  سان ڀري شهر تائين اماڻي رهيا آھن  پر انتظاميا اکيون بند ڪري ويٺي آهي. نتيجي ۾ زرعي زمين گهٽجي رهي آهي، ماحول تباهه ٿي رهيو آهي

سامي ميمڻ

سنڌ جي گادي ڪراچيءَ جو ملير ضلعو پنهنجي زرخيزي، وسيلن ۽ زرعي اهميت جي ڪري هميشه کان خاص حيثيت رکي ٿو. پر افسوس اهو آهي ته اهو ضلعو، جنهن کي “ڪراچي جي آڪسيجن” به چيو ويندو آهي، اڄ بدترين انتظامي نااهلي، سياسي لاپرواهي ۽ بي ايمانيءَ جو شڪار آهي.

ملير جي ٽن ٽائونن ابراهيم حيدري گڏاپ ۽ ملير جي سالياني بجيٽ لڳ ڀڳ 12 ارب رپيا آهي. ضلعي ۾ 30 يونين ڪميٽيون آهن، جن کي هر مهيني لڳ ڀڳ 12 لک رپيا ملندا آهن ان کان علاوه قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جا نمائندا به هن ئي علائقي مان چونڊجي اچن ٿا، جن کي پڻ اربين رپين جا فنڊ ملن ٿا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته  ملير جي ٽنھي ٽائون ميونسپلٽين ۽ ٽيھ يونين ڪميٽين مان چونڊيل ٽي قومي اسيمبليءَ جا ميمبر ۽ 6 صوبائي اسيمبلي ميمبر سڀئي پيپلزپارٽي جا آهن، پر انهن جي ڪارڪردگي علائقي لاءِ  ذري گھٽ نه هجڻ برابر آهي. عوام جو سوال بلڪل جائز آهي ته جيڪڏهن اربين رپيا بجيٽ ۾ اچن ٿا ته پوءِ پاڻي، بجلي، روڊ، اسپتالون ۽ اسڪول اڃان به ڇو نه ٺهيا؟

وسيلن جي چوري ۽ ڌرتيءَ جو ناسور

ملير مان ريتي ۽ بجري جي چوري هڪ کليل راز بڻجي وئي آهي. بااثر ماڻهو ۽ مافيا روزانو ٽرڪن جا ٽرڪ ريتي بجري سميت معدني وسيلن  سان ڀري شهر تائين اماڻي رهيا آھن  پر انتظاميا اکيون بند ڪري ويٺي آهي. نتيجي ۾ زرعي زمين گهٽجي رهي آهي، ماحول تباهه ٿي رهيو آهي ۽ ڌرتيءَ ڌڻي پنهنجون جاگيرون وڃائي رهيا آهن. ساڳئي وقت غير قانوني  رهائشي رٿائون ۽ زمينن تي قبضا علائقي جي رهواسين لاءِ هڪ نئون عذاب بڻيل آهن.

 امن امان ۽ حڪومتي نااهلي

 تازو ٻن پوليس اهلڪارن جو قتل ۽ گهگهر مان هڪ پورهيت کي اغو ڪري ٻه ڪروڙ  رُپيا ڀنگ گهرڻ جا واقعا ثابت ڪن ٿا ته ملير ۾ امن امان جي صورتحال به ڳڻتيءَ جوڳي آهي. جڏهن پوليس پاڻ محفوظ ناهي ته عام شهري ڪيئن محفوظ هوندا؟ انتظاميا جو ڪم وسيلن جي حفاظت ڪرڻ ۽ عوام کي امن ڏيڻ آهي، پر هتي حال بلڪل ابتو آهي.

 زرعي تباهي ۽ شهرين جي پريشاني

ملير، جيڪو ڪراچيءَ کي ڀاڄيون، ميوا ۽ کير فراهم ڪندو هو، هاڻي آهستي آهستي پنهنجي زرعي سڃاڻپ وڃائي رهيو آهي. هر نئين رهائشي رٿا سان هزارين ايڪڙ زرعي زمين ختم ٿي رهي آهي. نتيجي ۾ هاري بيروزگار ٿي رهيا آهن ۽ شهر جي خوراڪ لاءِ به خطرا وڌي رهيا آهن. ملير جي آبادي لڳ ڀڳ 24 لک آهي.  ايتري وڏي آبادي، اربين رپين جي بجيٽ ۽ سياسي نمائندن جي وڏي موجودگيءَ باوجود جيڪڏهن علائقو بنيادي سهولتن کان محروم رهي ٿو ته پوءِ ذميوار ڪير آهي؟ڇا اها انتظاميا جي نااهلي آهي يا پوءِ چونڊيل نمائندن جي لا پرواهي؟ يا وري اها مافيا جي طاقت آهي، جنهن کي ڪو به هٿ نٿو لڳائي. ملير جا ماڻهو هاڻي سوال پڇن ٿا تہ اسان جي حصي جا اربين روپيا آخر ڪاڏي  ٿا وڃن؟

_______________

سامي ميمڻ ملير ضلعي جو ھڪ سينئر صحافي آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button